Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:14 - Common Language New Testament

14 آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوھان مان سواءِ ڪرسپس ۽ گيُس جي ٻئي ڪنھن کي بہ بپتسما نہ ڏني آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 آئون خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون ڪرسپس ۽ گيس کان سواءِ اوهان مان ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ڏني؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 آءٌ ايشور جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوهان مان ڪرسپس ۽ گيُس کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوهان مان ڪرسپس ۽ گيُس کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ھن حڪم ڏنو تہ ”انھن کي عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما ڏني وڃي.“ پوءِ انھن پطرس کي عرض ڪيو تہ ”مھرباني ڪري ڪجھہ ڏينھن اسان وٽ ٽڪي پئو.“


عبادت⁠خاني جي اڳواڻ ڪرسپس ۽ سندس سڄي ڪٽنب خداوند تي ايمان آندو ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي ڪرنٿين پولس جي ڳالھہ ٻڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.


منھنجو ۽ ساريءَ ڪليسيا جو مھماندار گيُس بہ اوھان کي سلام ٿو چوي. شھر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو ڀاءُ ڪوارتس بہ اوھان کي سلام چئي رھيا آھن.


سو ڪوبہ چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس منھنجي نالي تي بپتسما ڏني ويئي ھئي.


آءٌ اوھان لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪندو رھان ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان تي فضل ڪيو آھي،


آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ آءٌ عجيب ٻوليون اوھان سڀني کان وڌيڪ ٿو ڳالھايان.


پر خدا جو شڪر آھي، جيڪو اسان کي مسيح سان گڏي ھڪ ڪري سدائين سوڀ واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اھڙيءَ طرح پنھنجي علم جي خوشبوءِ اسان جي وسيلي ھر ھنڌ پکيڙي ٿو.


ھميشہ سڀني ڳالھين ۾ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي، خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيندا رھو.


مسيح جو اطمينان، جنھن لاءِ اوھين ھڪ بدن ڪري سڏيا ويا آھيو، سو شل اوھان جي دلين تي حڪومت ڪري ۽ اوھين شڪرگذار رھو.


اوھين جيڪي⁠بہ ڪريو، چوڻ يا ڪم ڪرڻ، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس ئي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيو.


ھر حالت ۾ شڪرگذاري ڪريو، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ مسيح جا ھئڻ ڪري اوھان بابت خدا جي اھا ئي مرضي آھي.


آءٌ، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي ۽ جنھن مون کي وفادار سمجھي پنھنجيءَ خدمت لاءِ مقرر ڪيو.


جڏھن بہ آءٌ دعا ٿو گھران، تڏھن تو کي ياد ٿو رکان ۽ ھميشہ خدا جو شڪر ٿو ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ