Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:13 - Common Language New Testament

13 مسيح ورھائجي ويو آھي ڇا؟ ڇا پولس کي اوھان جي لاءِ صليب تي چاڙھي ماريو ويو؟ يا اوھان پولس جي نالي تي بپتسما ورتي ھئي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ڇا مسيح تقسيم ٿي ويو آهي؟ ڇا اوهان جي لاءِ پولس صليب تي چاڙهيو ويو هو؟ يا اوهان پولس جي نالي بپتسما ورتي هئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 ڀلا مسيح ورهائجي ويو آهي ڇا؟ ڇا اوهان جي لاءِ سوليءَ تي پولس کي چاڙهي ماريو ويو؟ ڇا اوهان بپتسما پولس جي نالي تي ورتي هئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 ڀلا مسيح ورهائجي ويو آهي ڇا؟ ڇا اوهان جي لاءِ صليب تي پولس کي چاڙهي ماريو ويو؟ ڇا اوهان بپتسما پولس جي نالي تي ورتي هئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن ڪري اوھين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انھن کي منھنجا شاگرد ڪريو. انھن کي پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح جي نالي تي بپتسما ڏيو،


انھن پنھنجا گناھہ پئي باسيا ۽ ھن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.


سو ھن حڪم ڏنو تہ ”انھن کي عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما ڏني وڃي.“ پوءِ انھن پطرس کي عرض ڪيو تہ ”مھرباني ڪري ڪجھہ ڏينھن اسان وٽ ٽڪي پئو.“


جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ورتائون.


تنھن تي پطرس کين چيو تہ ”اوھين سڀ توبھہ ڪريو ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺو، تہ جيئن اوھان جا گناھہ بخشيا وڃن ۽ اوھان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح ملي.


ڇالاءِ⁠جو اڃا انھن تي پاڪ روح نازل نہ ٿيو ھو. انھن رڳو خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ورتي ھئي.


مسيح انھيءَ لاءِ مئو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو تہ جيئن ھو مئلن توڙي جيئرن ٻنھي جو خداوند ٿئي.


سو ڪوبہ چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس منھنجي نالي تي بپتسما ڏني ويئي ھئي.


اھڙيءَ طرح ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ سڀني ڄڻ تہ موسيٰ جي بپتسما ورتي.


جيڪڏھن ڪو اوھان وٽ اچي ڪنھن ٻئي عيسيٰ جي منادي ٿو ڪري جنھن جي اسان نہ ڪئي، يا جيڪڏھن ڪو ٻيو روح اوھان کي ملي ٿو جيڪو مليل پاڪ روح کان مختلف آھي، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جيڪا اوھان قبول نہ ڪئي ھئي، تہ پوءِ اھو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انھيءَ کي برداشت ٿا ڪريو؟


جا حقيقت ۾ خوشخبري آھي ئي نہ. پر رڳو ڪي اھڙا ماڻھو آھن جيڪي اوھان کي پريشان ڪرڻ خاطر مسيح جي خوشخبريءَ کي بگاڙڻ ٿا گھرن.


ھڪڙو ئي خداوند، ھڪڙو ئي ايمان ۽ ھڪڙي ئي بپتسما آھي.


ھن اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي، انھيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي ھر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنھنجي لاءِ ھڪ اھڙي خاص امت بڻائي، جيڪا نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ سرگرم ھجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ