Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:12 - Common Language New Testament

12 منھنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تہ اوھان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آھيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 هاڻي منهنجو مطلب هي آهي تہ اوهان مان ڪو پيو چوي تہ آئون پولس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون اپلوس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون ڪيفاس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون مسيح جو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 منهنجي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ اوهان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آهيان.“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 منهنجي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ اوهان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آهيان.“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوھان کي ’سائين‘ يا ’استاد‘ سڏائڻ نہ کپي، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين سڀيئي ھڪٻئي جا ڀائر آھيو ۽ اوھان جو رڳو ھڪ استاد آھي.


پوءِ ھو شمعون کي عيسيٰ وٽ وٺي آيو. عيسيٰ ھن ڏانھن نھاري چيو تہ ”تون يوحنا جو پٽ شمعون آھين، تون ڪيفا جي نالي سان سڏبين.“


انھن ڏينھن ۾ اپلوس نالي ھڪڙو يھودي جيڪو اسڪندريہ جو رھاڪو ھو سو اِفسس ۾ آيو. ھو ھڪ سٺو تقرير ڪندڙ ھو ۽ کيس پاڪ ڪتابن جي گھڻي ڄاڻ ھئي.


اپلوس اڃا ڪرنٿس ۾ ئي ھو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پھتو ۽ اتي ڪن شاگردن سان مليو.


جڏھن تہ ڪلوئيءَ جي گھر وارن مون کي ٻڌايو آھي تہ اوھان ڀائرن ۽ ڀينرن جا ھڪ ٻئي سان ڪافي جھيڙا جھڳڙا آھن.


ان سان گڏ پطرس ۽ بعد ۾ ٻارھن ئي رسولن کي ڏيکاري ڏنائين.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منھنجي چوڻ جو مطلب آھي تہ خاڪي جسم وارو خدا جي بادشاھت جو وارث نہ ٿي سگھندو ۽ نہ ئي فاني، غير فانيءَ جو وارث بڻجي سگھي ٿو.


ھاڻي پنھنجي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ ھي آھي تہ مون ھن کي ڀائرن سان گڏجي اوھان ڏانھن اچڻ لاءِ زور ڀريو. ھن وقت سندس اچڻ جي مرضي اصلي ناھي پر موقعو مليس تہ ضرور ايندو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون ھنن ڳالھين ۾ اوھان جي خاطر پنھنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور پيش ڪيو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اوھين اسان کان سکو تہ ”جيڪي ڪجھہ لکيل آھي، تنھن کان ٻاھر نہ وڃو.“ اوھان مان ڪو ھڪڙي جي ڀر وٺي ٻئي جي خلاف ٻٽاڪون نہ ھڻي.


پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي ھيترو ٿو چوان تہ وقت تنگ ٿي چڪو آھي. ھاڻي کان وٺي زالن وارا ڇڙن جھڙا ٿي رھن.


اسان جو اھو حق نہ آھي ڇا تہ پنھنجين ديندار زالن کي پاڻ سان گڏ گھمائيندا رھون، جيئن ٻيا رسول، خداوند جا ڀائر ۽ پطرس جن ڪن ٿا؟


اوھين رڳو انھن شين تي نظر ڪريو ٿا جيڪي اوھان جي اکين اڳيان آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي پاڻ تي اھو يقين آھي تہ ھو مسيح جو آھي، تہ انھيءَ کي وري دل ۾ اھو بہ سوچڻ گھرجي تہ جھڙيءَ طرح ھو پاڻ مسيح جو آھي، تھڙيءَ طرح اسين بہ آھيون.


ياد رکو تہ جيڪو ٿورو ٻج ٿو پوکي سو لڻندو بہ ٿورو ۽ جيڪو گھڻو ٿو پوکي سو لڻندو بہ گھڻو.


يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا ھئا، تن کي جڏھن معلوم ٿيو تہ مون کي خدمت جي توفيق ڏني ويئي آھي تڏھن انھن برنباس ۽ مون سان ساڄو ھٿ ملائي پاڻ سان شريڪ ڪيو. پوءِ ٺاھہ ٿيو تہ اسين غير يھودين ڏانھن ۽ ھو يھودين ڏانھن وڃن.


ھاڻي آءٌ ائين ٿو چوان تہ جنھن عھد جي خدا پھريائين ئي تصديق ڪئي ھئي تنھن کي شريعت، جيڪا چار سو ٽيھن سالن کان پوءِ آئي، سا رد ڪري نہ ٿي سگھي. اھڙيءَ طرح اھا خدا جي واعدي کي بيڪار نہ ٿي ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ