Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 3:9 - Sindhi Bible

9 انهي کان پوءِ آءٌ وري ماڻهن جي زبان پاڪ ڪندس، تہ هو سڀ خداوند کان دعا گهرن، ۽ هڪ دل ٿي هن جي عبادت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تنهن هوندي بہ خداوند فرمائي ٿو تہ ”پوءِ آءٌ قومن کي ڦيرائي بتن جي نالن کڻڻ کان پاڪ ڪندس، تہ جيئن هو سڀ جو سڀ مون خداوند کان دعا گھرن، ۽ ڪلهو ڪلهي سان ملائي منهنجي ئي عبادت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 3:9
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ساري زمين تي هڪڙي زبان ۽ هڪڙي ٻولي هئي.


۽ سيت جي گهر بہ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو اُنوس رکيائين: انهي وقت کان وٺي ماڻهو خداوند جي نالي دعا گهرڻ لڳا.


سج جي اُڀرڻ کان وٺي انهي جي لهڻ تائين، خداوند جي تعريف ٿئي.


سارو جهان خداوند کي ياد ڪندو ۽ ڏانهنس ڦرندو: ۽ قومن جا سڀ گهراڻا تنهنجي اڳيان سجدو ڪندا.


انهيءَ ڏينهن مصر جي زمين ۾ پنج شهر ٿيندا جي ڪنعان جي ٻولي ڳالهائيندا، ۽ لشڪرن جي خداوند جو قسم کڻندا؛ هڪڙي کي برباديءَ جو شهر سڏيندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ چپن جو ڦل پيدا ڪندس: سلامتي، سلامتي انهي تي جو پري آهي، ۽ جو ويجهو آهي؛ آءٌ هن کي شفا ڏيندس.


۽ اهو هن منهنجي وات تي رکيو ۽ چوڻ لڳو تہ ڏس، هي تنهنجن چپن کي لڳو آهي ۽ تنهنجو قصور ڪڍيو ويو ۽ تنهنجي گناهہ جو عيوضو ڏنو ويو آهي.


اي خداوند، منهنجا زور، ۽ منهنجا ڪوٽ، ۽ مصيبت جي ڏينهن منهنجا اجها، سڀ قومون زمين جي ڪنارن کان تو وٽ ئي اينديون، ۽ چوندا تہ اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙ مليا آهن، يعني اجايون شيون، اهڙيون شيون جن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي.


۽ پنهنجي لاءِ انهن ٻنهي کي هڪ ٻئي سان گڏي هڪڙي ڪاٺي ڪر، تہ اُهي ٻئي تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي ڪاٺي ٿي پون.


ڇالاءِ جو زمين خداوند جي جلال جي ڄاڻپ سان ائين ڀرجي ويندي، جيئن پاڻي سمنڊ کي ڍڪي ٿو ڇڏي.


خداوند هنن لاءِ خوفناڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو هو زمين جي سڀني معبودن کي بک ۾ پاهہ ڪندو: سڀ ماڻهو پنهنجن ملڪن مان يعني سڀ ٻيٽ هن جي عبادت ڪندا.


۽ خداوند سڄيءَ دنيا تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن هڪڙو ئي خداوند ٿيندو، ۽ سندس نالو واحد ٿيندو.


۽ اُنهيءَ ڏينهن گهڻيون ئي قومون خداوند سان شامل ٿينديون، ۽ منهنجي قوم ٿينديون: ۽ آءٌ تنهنجي وچ ۾ رهندس، ۽ توکي معلوم ٿيندو تہ لشڪرن جي خداوند مون کي تو وٽ موڪليو آهي.


چڱو ماڻهو پنهنجي چڱي خزاني مان چڱيون شيون ٿو ڪڍي، ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي بڇڙي خزاني مان بڇڙيون شيون ٿو ڪڍي.


اوهان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي جا ضرورت موافق سڌاري جي لاءِ چڱي هجي، تہ ٻُڌڻ واري کي انهيءَ مان فضل حاصل ٿئي.


۽ ستين ملائڪ تري وڄائي، تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٿيڻ لڳا، ۽ انهن چيو تہ دنيا جي بادشاهت اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي: ۽ اُهو هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ