Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 3:8 - Sindhi Bible

8 تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين منهنجي لاءِ انهيءَ ڏينهن تائين ترسو، جنهن ڏينهن آءٌ اُٿي انهن جو شڪار ڪريان: ڇالاءِ جو منهنجو ارادو آهي تہ آءٌ قومن ۽ بادشاهتن کي گڏ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ انهن تي پنهنجو غصو ۽ پنهنجو سخت قهر ڇنڊيان؛ ڇالاءِ جو سڄي زمين منهنجي غيرت جي باهہ سان چٽ ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين منهنجي انهيءَ ڏينهن جو انتظار ڪريو، جڏهن آءٌ اُٿي قومن کي ڏوهاري قرار ڏيندس. مون سڀني قومن ۽ بادشاهتن کي عدالت ۾ آڻي مٿن پنهنجو سمورو غضب نازل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هائو، منهنجي غيرت جي باهہ سڄيءَ دنيا کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 3:8
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند چوي ٿو تہ غريبن جو لٽجڻ، ۽ محتاجن جي دانهن ڪري، هاڻي آءٌ اُٿندس؛ ۽ جنهن تي اهي ٺٺوليون ٿا ڪن، تنهن کي سلامت رکندس.


ڏسو، جيئن غلامن جون اکيون پنهنجي مالڪ جي هٿ ڏانهن، ۽ جيئن ٻانهين جون اکيون پنهنجي سائڻ جي هٿ ڏانهن پيون نهارين؛ تيئن اسان جون اکيون خداوند اسان جي خدا ڏانهن پيون نهارين، جيسين ڪہ هو اسان تي رحم ڪري.


خداوند جو انتظار ڪر: زوراور ٿي ۽ همت جهل؛ هائو خداوند جو انتظار ڪر.


خداوند جي انتظار ۾ رهہ، ۽ هن جي واٽ تي هل، ۽ هو توکي زمين جي وارث ٿيڻ لاءِ سرفراز ڪندو: ۽ جڏهن بڇڙا تباهہ ٿيندا، تڏهن تون اُهو ڏسندين.


خداوند جي حضور ۾ راضي رهہ، ۽ صبر سان سندس انتظار ڪر: جيڪو ماڻهو پنهنجين واٽن ۾ ڪامياب ٿو ٿئي ۽ بڇڙا منصوبا ٻڌي پورا ٿو ڪري، تنهنجي ڪري پاڻ کي خفي نہ ڪر.


منهنجي جان کي رڳو خدا جي آس آهي: انهي کان ئي منهنجي نجات آهي.


اي منهنجي جان رڳو خدا جي انتظار ۾ رهہ؛ ڇو جو انهي کان مون کي اميد آهي.


اي خداوند تون هميشہ تائين غصي رهندين ڇا؟ ۽ تنهنجي غيرت باهہ وانگي پيئي ٻرندي ڇا؟


جن قومن توکي نہ سڃاتو، ۽ جن بادشاهن تنهنجو نالو نہ ورتو، تن تي پنهنجي ڪاوڙ لاهي وجهہ.


تون ائين نہ چئُہ تہ آءٌ بديءَ جو بدلو وٺندس: خداوند تي آس رک تہ هو پاڻيهي توکي بچائيندو.


مون کي مهر وانگر پنهنجي دل تي هڻ، ۽ مهر وانگر پنهنجي ٻانهن تي رک: ڇالاءِ جو محبت موت وانگر زور واري آهي: حسد قبر وانگر ظلم ڪندڙ آهي: ان جا شعلا باهہ جا شعلا آهن، اُها خود خداوند جو شعلو آهي.


اهو ارادو آهي جو ساري جهان تي مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ اهو هٿ آهي جو سڀني قومن تي ڊگهيريو ويو آهي.


تڏهن بہ خداوند اوهان تي مهرباني ڪرڻ لاءِ ترسندو؛ ۽ اوهان تي رحم ڪرڻ لاءِ سرفراز ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند عادل خدا آهي؛ جيڪي هنجا منتظر آهن سي سڀ مبارڪ آهن.


ڇالاءِ جو خداوند کي سڀني قومن تي ڪاوڙ آهي، ۽ انهن جي سموري لشڪر تي غصو آهي: هن انهن کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو آهي، هن انهن کي قتل ٿيڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيو آهي.


۽ غصي ۾ مون قومن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ انهن کي مست ڪيم، ۽ انهن جو رت زمين تي وهائي ڇڏيم.


جيڪي بت پرست توکي نٿا سڃاڻن تن کي، ۽ جيڪي قبيلا تنهنجو نالو وٺي نٿا سڏين، تن تي پنهنجو قهر اوتي وجهہ؛ ڇالاءِ جو هنن يعقوب کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي؛ هائو انهن انهي کي کائي کپائي ڇڏيو آهي، ۽ انهي جي رهڻ جي جاءِ ويران ڪري ڇڏي اٿن.


تنهنڪري تون خداوند ڏانهن ڦر، نيڪي ۽ راستيءَ کي قائم ڪر، ۽ هميشہ پنهنجي خدا تي ڀروسو رک.


تڏهن آءٌ سڀ قومون گڏ ڪندس، ۽ سڀني کي يهوسفط جي واديءَ ۾ لاهيندس؛ ۽ اُتي آءٌ پنهنجي اُمت جي لاءِ، ۽ پنهنجي ميراث اسرائيل جي لاءِ ساڻن حجت دليل ڪندس، جو هنن انهن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي زمين ورهائي ڇڏي اٿن.


باقي آءٌ، سو خداوند ڏي نهاريندس؛ آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي لاءِ منتظر ٿي ويهندس: منهنجو خدا منهنجي ٻڌندو.


ڇالاءِ جو رويا اڃا بہ مقرر ڪيل وقت تائين آهي، ۽ اُهو پڇاڙيءَ ڏي تڪڙو لنگهندو وڃي ٿو، ۽ ڪوڙ نہ چوندو: جيتوڻيڪ اُهو دير ڪندو، تہ بہ تون انهيءَ لاءِ منتظر رهہ، ڇالاءِ جو اُهو ضرور ايندو ۽ دير ڪين ڪندو.


خداوند جي غضب جي ڏينهن هنن جو سون يا روپو هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ پر سڄي زمين کي هن جي غيرت جي باهہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي: ڇالاءِ جو هو انهي ملڪ جي سڀني رهاڪن جي پڄاڻي، بلڪ خوفناڪ پڄاڻي ڪندو.


۽ آءٌ بادشاهتن جو تخت اُڇلائي ڇڏيندس؛ ۽ ملڪن جي بادشاهتن جو زور ڀڃي ڇڏيندس: ۽ آءٌ گاڏيون ۽ جيڪي انهن ۾ چڙهن ٿا، تن کي اونڌو ڪري ڇڏيندس؛ گهوڙا ۽ سندن سوار هيٺ ڪِري پوندا؛ هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي ترار سان ڪِرندو.


۽ سڀني قومن کي آڻي هن جي اڳيان گڏ ڪندا، ۽ هو اُنهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪندو، جهڙيءَ طرح ڪ ريڍار رڍن کي ٻڪرين کان ڌار ڪندو آهي:


پر خداوند جو ڏينهن چور وانگر اچي نڪرندو؛ انهي ۾ آسمان ڏاڍي ڪڙڪي سان هليا ويندا، ۽ عناصر سخت گرميءَ جي ڪري ڳري ويندا، ۽ زمين ۽ جيڪي مٿس آهي، سو سڙي ويندو.


۽ مون هڪڙو وڏو آواز پاڪ جاءِ مان ايندو ٻُڌو، جنهن انهن ستن ملائڪن کي چيو تہ اوهين وڃي خدا جي قهر جا ست پيالا زمين تي اوتيو.


ڇالاءِ جو اهي ڀوتن جا روح آهن، جي نشان ٿا ڏيکارين؛ اهي ساريءَ زمين جي بادشاهن وٽ وڃن ٿا، تان تہ قادر مطلق خدا جي عظيم ڏينهن جي جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ