Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 3:6 - Sindhi Bible

6 مون قومن کي وڍي ڇڏيو آهي، ان جا ڪنگرا ويران پيا آهن؛ مون سندن گهٽيون اهڙيون سُڃيون ڪري ڇڏيون آهن جو اُتان ڪوبہ ڪونہ ٿو لنگهي؛ انهن جا شهر اهڙا ناس ٿي ويا آهن جو انهن ۾ ڪوبہ ماڻهو رهڻ وارو ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون قومن کي ناس ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهن جا ڪوٽ ڊاهي ڇڏيا اٿم. مون هنن جون گھٽيون اهڙيون ويران ڪري ڇڏيون آهن، جو اتان ڪوبہ ڪونہ ٿو لنگھي. هائو، انهن جا شهر اهڙا اجڙي ويا آهن، جو منجھن ڪوبہ ماڻهو رهڻ وارو ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 3:6
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ارادو آهي جو ساري جهان تي مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ اهو هٿ آهي جو سڀني قومن تي ڊگهيريو ويو آهي.


۽ خداوند جي فرشتي اسورين جي لشڪر گاهہ ۾ وڃي هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهو ماريا ۽ جڏهن صبح جو سوير ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ سڀيئي مئا مڙهہ ٿيا پيا آهن.


تڏهن مون چيو تہ اي خداوند، ڪيستائين؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ جيستائين ڪ شهر بنا ڪنهن رهاڪوءَ جي، ۽ گهر بنا ڪنهن ماڻهوءَ جي ويران ٿين؛ ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿئي.


اُهو ڪهڙو ڏاهو آهي جو اها ڳالهہ سمجهي؟ ۽ اُهو ڪير آهي جنهن کي خداوند جي وات فرمايو آهي تہ انهي کي ظاهر ڪري ٻڌائي؟ ڇو اها زمين اهڙي ناس ٿي ۽ سڙي بيابان ٿي ويئي آهي، جو ڪوبہ انهي مان نٿو لنگهي؟


۽ آءٌ اوهان جا شهر ويران ڪري ڇڏيندس، ۽ اوهان جا پاڪ مڪان سڃا ڪري ڇڏيندس، ۽ آءٌ اوهانجين خوشبودار شين کي ڪين سنگهندس.


سمنڊ جي ڪناري جي رهاڪن، يعني ڪريتين جي قوم لاءِ ويل آهي! اي ڪنعان، فلستين جي زمين، خداوند جو ڪلام اوهان جي برخلاف آهي؛ آءٌ توکي اهڙو ويران ڪري ڇڏيندس جو ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


پر آءٌ کين سڀني قومن ۾، جن جا هو واقف نہ آهن، واچوڙي سان ڇڙوڇڙ ڪندس. ائين ئي ملڪ هنن کانپوءِ ويران ٿي ويو ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ آمدرفت ڪانہ هئي: ڇالاءِ جو هنن دلپسند ملڪ کي ويران ڪيو.


هاڻي اهي ڳالهيون اُنهن سان ٿيون تہ هو عبرت وٺن، ۽ اسين جي آخرين زماني ۾ آهيون تن جي نصيحت لاءِ اهي لکيون ويون.


هاڻي اهي ڳالهيون اسان جي لاءِ مثال هيون، انهي لاءِ تہ اسين خراب شين جي خواهش نہ ڪريون، جيئن هنن ٿي ڪئي.


ڏسو، هي قومون جي باقي رهيون آهن، سي انهن سڀني قومن سميت، جن کي مون ناس ڪري ڇڏيو آهي، يردن کان وٺي اُلهندي ۾ وڏي سمنڊ تائين، سي مون ورثو ڪري اوهان کي ورهائي ڏنيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ