Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 2:8 - Sindhi Bible

8 مون موآب جي خواري ڏٺي آهي، ۽ بني عمون جا طعنا، جن سان هنن منهنجي قوم کي مهڻا ٿي ڏنا، ۽ انهن جي سرحدن ۾ پاڻ کي وڌايو اٿن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 خداوند فرمائي ٿو تہ ”بني موآب ۽ بني عمون جا طعنا ۽ بي‌عزتيون جيڪي هو منهنجي قوم جون ڪن ٿا، بلڪ منهنجي قوم جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ جون ٻٽاڪون جيڪي هو هڻن ٿا، سو سڀ ڪجھہ مون ٻڌو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 2:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ وڏيءَ کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو موآب رکيائين، ۽ اڄ ڏينهن تائين جيڪي موآبي آهن، تن جو هو ابو آهي.


۽ ننڍيءَ کي بہ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو بن عمي رکيائين، ۽ اڄ ڏينهن تائين جيڪي امون جو اولاد ٿا سڏجن، تن جو هو ابو آهي.


موآب بابت ڪلام. هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو عار ويران ۽ نابود ٿي ويو؛ هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو قير ويران ۽ نابود ٿي ويو.


اسان موآب جي مغروريءَ جو ٻڌو آهي؛ بلڪ هن جي بيحيائي، ۽ هن جي هٺ، ۽ هن جي ڪاوڙ جو؛ هن جون ٻٽاڪون ڪي بہ ڪين آهن.


خداوند منهنجن انهن سڀني خراب پاڙيسرين جي برخلاف هيئن ٿو فرمائي، جي اُنهي ميراث کي ٿا هٿ لائين جا مون پنهنجي قوم کي ورثي ۾ ڏياري آهي، تہ ڏسو، آءٌ هنن کي سندن زمين مان پٽي ڪڍندس؛ ۽ انهن منجهان يهوداہ جو گهراڻو ڪڍي وٺندس.


موآب بابت لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ويل هجي نبوءَ سان! ڇالاءِ جو اهو ويران ٿي ويو آهي؛ قريتائم شرمندو ڪيو ويو آهي، اُهو ورتو ويو آهي: مسجاب شرمندو ڪيو ويو آهي ۽ ڀڃي ڇڏيو ويو آهي.


بني عمون بابت: خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل کي پٽ ناهن ڇا؟ انهي جو ڪو وارث ناهي ڇا؟ تڏهن ڇو ملڪوم جاد جو مالڪ ٿيو آهي، ۽ ان جا ماڻهو انهي جي شهرن ۾ رهن ٿا؟


اي خداوند، تو هنن جو طعنو ۽ هنن جو تجويزون جي منهنجي برخلاف آهن، سي سڀ ٻڌيون آهن؛


۽ تون اي آدمزاد، نبوت ڪر، تہ خداوند خدا بني عمون جي نسبت ۽ سندن خواريءَ جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي؛ ۽ تون چئُہ تہ هڪڙي ترار ڪڍي ويئي آهي، ڪوس لاءِ چمڪائي ويئي آهي، تہ اُها وڄ وانگر ناس ڪري:


۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


۽ تون ڄاڻندين تہ اسرائيل جي جبلن جي نسبت ۾ جيڪي ڪفر جون ڳالهيون تو ڪيون آهن، ۽ چيو اٿيئي تہ هو ويران آهن، ۽ اسان کي ڳهڻ لاءِ ڏنا ويا آهن، سي سڀ مون خداوند ٻڌيون آهن.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ دشمن اوهان جي نسبت ۾ هيئن چيو آهي، تہ واهہ، قديم مٿانهان مڪان اسان جي ملڪيت آهن:


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ بني عمون جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن جلعاد جي ڍڪيل زالن جا پيٽ ڦاڙيا آهن، تہ هو پنهنجي سرحد وڌائين:


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ موآب جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن ادوم جي بادشاهہ جا هڏا ساڙي چُن ٺاهيو:


اهو سندن مغروريءَ جي سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو هنن لشڪرن جي خداوند جي اُمت جي برخلاف طعنا هنيا آهن ۽ پاڻ کي وڏو چوايو اٿن.


۽ خداوند يشوع کي فرمايو تہ اڄوڪي ڏينهن مون مصر وارو طعنو اوهان تان لاهي ڇڏيو، جنهن ڪري انهيءَ هنڌ جو نالو اڄ ڏينهن تائين جلجال سڏبو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ