Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 2:5 - Sindhi Bible

5 سمنڊ جي ڪناري جي رهاڪن، يعني ڪريتين جي قوم لاءِ ويل آهي! اي ڪنعان، فلستين جي زمين، خداوند جو ڪلام اوهان جي برخلاف آهي؛ آءٌ توکي اهڙو ويران ڪري ڇڏيندس جو ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ويل آهي توهان لاءِ، اي سمنڊ جي ڪناري رهندڙ فلستيؤ! خداوند جو فرمان اوهان جي خلاف آهي. اي فلستين جا ملڪ ڪنعان! هو تو کي تباهہ ڪري ڇڏيندو، ايستائين جو تو ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 2:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي فلستين تون سڄي ساري انهيءَ ڪري خوشي نہ ڪر، تہ جنهن لٺ توکي ڌڪ هنيو هو، سا ڀڄي پيئي آهي: ڇالاءِ جو نانگ جي نسل مان هڪڙو سپ نڪرندو، جنهن مان هڪڙو باهہ ڪڍندڙ اُڏامندڙ ازدها پيدا ٿيندو.


تڏهن غريبن جا پهريان ڄاول ٻار کائيندو، ۽ محتاج سلامتيءَ سان سمهي آرام ڪندا: ۽ آءٌ تنهنجي نسل کي ڏڪار سان ماريندس، ۽ جيڪي تنهنجا باقي بچيل هوندا سي قتل ڪيا ويندا.


جڏهن خداوند توکي حڪم ڏنو آهي تڏهن تون ڪيئن ماٺ ڪري سگهندينءَ؟ اسقلون تي ۽ سمنڊ جي ڪناري تي انهي کي هن مقرر ڪيو آهي.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ فلستين تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪندس، ۽ ڪريتين کي وڍي ڇڏيندس، ۽ سمنڊ جي ڪناري وارا باقي رهيل ماڻهو ناس ڪندس.


اي بني اسرائيل، هي ڪلام ٻڌ، جو خداوند اوهان جي برخلاف فرمايو آهي، ۽ انهن سڀني قبيلن جي برخلاف، جن کي هن مصر جي زمين مان ڪڍي آندو:


اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين هي ڪلام ٻڌو جو آءٌ اوهان جي لاءِ مرثئي طور کڻان ٿو.


اي مڪتيس جا رهاڪو، اوهين واويلا مچايو، ڇالاءِ جو ڪنعان جا سڀ ماڻهو چٽ ٿي ويا آهن. ۽ جيڪي چانديءَ سان لڏيل هئا سي سڀ بہ وڍجي ويا آهن.


مون قومن کي وڍي ڇڏيو آهي، ان جا ڪنگرا ويران پيا آهن؛ مون سندن گهٽيون اهڙيون سُڃيون ڪري ڇڏيون آهن جو اُتان ڪوبہ ڪونہ ٿو لنگهي؛ انهن جا شهر اهڙا ناس ٿي ويا آهن جو انهن ۾ ڪوبہ ماڻهو رهڻ وارو ڪونهي.


پر منهنجا حڪم ۽ منهنجا قاعدا، جي مون پنهنجن ٻانهن کي فرمايا، اُهي اوهانجن ابن ڏاڏن کي نہ پهتا ڇا؟ ۽ هنن ڦري چيو، تہ جيئن لشڪرن جي خداوند کي وڻيو، تيئن هن اوهان سان ڪيو، يعني اسان کي اسانجين راهن ۽ ڪمن جو بدلو ڏنو اٿس.


تنهن تي هو کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو سهي ڪيو هئائون تہ هي مثال اسان تي آندو اٿس، پر خلق کان ڊنا ٿي؛ ۽ هو کيس ڇڏي هليا ويا.


۽ جيڪا زمين اڃا رهيل آهي سا هيءَ آهي: فلستين جون سڀ سرحدون، ۽ سڀ جسوري؛


سيحور، جو مصر جي اڳيان آهي تنهن کان وٺي اُتر ڏي عقرون جي حد تائين، جو ڪنعانين ۾ شمار ٿيل آهي: فلستين جا پنج سردار؛ يعني غزي ۽ اشدودي، اسقلوني، جاتي، ۽ عقروني؛


يعني پنج سردار فلستين جا، ۽ سڀ ڪنعاني، ۽ صيداني، ۽ حوي، جي لبنان جي جبل ۾ رهندا هئا، بعل حرمون جبل کان وٺي حمات جي لنگهہ تائين.


اسان ڪريتن جي ڏکڻ واري پاسي تي، ۽ يهوداہ جي سرحد تي ۽ ڪالب جي ڏکڻ تي چڙهائي ڪئي؛ ۽ صقلاج کي باهہ ڏيئي ساڙيوسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ