Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 2:15 - Sindhi Bible

15 هي اُهو خوشي ڪندڙ شهر آهي جو بي فڪر رهندو هو، ۽ جو پنهنجي دل ۾ چوندو هو، تہ آءٌ ئي آهيان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوئي ڪونهي: ڪيئن نہ هو ويران ۽ جانورن جي سمهڻ جي جاءِ ٿي پيو آهي! جيڪو انهيءَ جي پاسي کان لنگهندو سو شوڪارا ڀريندو ۽ پنهنجو هٿ لوڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 اهو حال انهيءَ خوشين واري شهر جو ٿيندو، جيڪو هاڻي بي‌فڪر رهي پيو. انهيءَ شهر جا رهاڪو هاڻي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”جيڪي آهي سو اسان جو شهر ئي آهي، اسان جي شهر کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ پر اهو ڪيئن نہ ويران ڪيو ويندو، ۽ جانورن جي جوءِ بڻجي ويندو. جيڪي بہ اتان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت وٺي ويندن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 2:15
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ بہ اوهان وانگر ڳالهائي ٿي سگهيس؛ جيڪڏهن اوهان جي جان منهنجي جان جي جاءِ تي هجي تہ جيڪر آءٌ لفظ ڳنڍي اوهان جي سامهون ڪريان، ۽ پنهنجو مٿو اوهان تي لوڏيان.


ماڻهو هن تي تاڙيون وڄائيندا، ۽ هش هش ڪري هن کي پنهنجي جاءِ تان ڀڄائي ڪڍندا.


اڙي تون جا رڙين سان ڀريل، ۽ گوڙ وارو شهر، ۽ خوشي ڪندڙ شهر آهين؛ تنهنجا ڪُٺل ترار سان ڪُٺل ناهن نڪي اهي جنگ ۾ مئا آهن.


اي آرام طلب زالون اوهين ڏڪو؛ اي بي پرواهہ، اوهين ڏک ڪريو: ڪپڙا لاهي اُگهاڙيون ٿيو، ۽ پنهنجيءَ چيلهہ سان کٿو ٻڌو.


ڇالاءِ جو محلات سڃيو ڪيو ويندو؛ آباد شهر ويران ٿي ويندو؛ ٽڪر ۽ پهري وارو ٺلهہ هميشہ غارن وانگي ڪم ايندو، ۽ گورخرن جي خوشي ۽ ڌڻن جو چراگاهہ ٿيندو؛


اي آرام طلب زالون اوهين اُٿي منهنجو آواز ٻڌو؛ اي بي پرواهہ ڌيئرون منهنجون ڳالهيون ڪن ڏيئي ٻڌو.


ڇالاءِ جو تو پنهنجيءَ شرارت تي ڀروسو رکيو آهي: تو چيو آهي تہ مون کي ڪوبہ ڪونہ ٿو ڏسي؛ تنهنجيءَ دانائيءَ ۽ تنهنجي علم توکي گمراهہ ڪيو آهي: ۽ تو پنهنجيءَ دل ۾ چيو آهي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


تہ پنهنجي ملڪ کي ويران ۽ هميشہ جي لاءِ شوڪار جو باعث بنائين؛ جيڪو بہ اتان لنگهندو سو حيران ٿيندو ۽ پنهنجو سر ڌوڻيندو.


۽ آءٌ هن شهر کي هڪڙي عبرت ۽ شوڪار جو باعث بنائيندس؛ جيڪو انهي وٽان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ ان جي سڀني آفتن جي سبب شوڪارا ڀريندو.


خداوند جي ڪاوڙ ڪري اُها نہ وسندي، پر ويران ٿي ويندي: جيڪو بہ هن جي پاسي کان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ اُن جون سڀئي آفتون ڏسي، شوڪارا ڀريندو.


جيڪو شهر ماڻهن سان ڀريل هوندو هو، سو ڪيئن نہ اڪيلو ويٺو آهي! اهو ڪيئن نہ بيوہ زال جهڙو ٿي پيو آهي! جا قومن ۾ وڏي هئي، ۽ ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ڍل ڀريندڙ ٿي پيئي آهي!


خداوند صيون جي ڌيءَ کي پنهنجي ڪاوڙ جي بادل سان ڪيئن نہ ڍڪي ڇڏيو آهي! هن اسرائيل جي سونهن آسمان مان هيٺ زمين تي اُڇلائي وڌي آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن پنهنجي پيرن جي صندليءَ کي ياد نہ ڪيو اٿس.


جيڪي پاسي کان لنگهن ٿا سي توتي تاڙيون وڄائين ٿا؛ هو يروشلم جي ڌيءَ تي شوڪارا ٿا ڀرين ۽ پنهنجا ڪنڌ لوڏين ٿا، ۽ چون ٿا تہ هي اُهو شهر آهي ڇا جنهن کي ماڻهو سونهن جو ڪمال، ۽ سڄيءَ زمين جي خوشي سڏيندا هئا.


قومن ۾ سوداگر توتي شوڪارا ڀرين ٿا؛ تون خوف جو سبب ٿي پيو آهين؛ ۽ اڳتي وري ڪڏهن بہ نہ هوندين.


اي آدمزاد، صور جي بادشاهہ کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي دل مٿي چڙهي ويئي آهي، ۽ تو چيو آهي تہ آءٌ هڪڙو خدا آهيان، ۽ خدا جي جاءِ تي سمنڊ جي وچ ۾ ٿو ويهان؛ انهي هوندي بہ تون انسان آهين ۽ نہ خدا، جيتوڻيڪ تو پنهنجي دل خدا جهڙي بنائي آهي.


پوءِ بہ تون پنهنجي قتل ڪرڻ واري جي اڳيان چوندين ڇا تہ آءٌ خدا آهيان؟ پر تون انسان آهين، نہ خدا؛ ۽ اُنهي جي هٿ ۾ آهين جو توکي زخمي ڪري ٿو.


ڳالهاءِ ۽ چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي مصر جا بادشاهہ فرعون، تون جو وڏو ازدها آهين، جو پنهنجين ندين جي وچ ۾ پيو آهين، ۽ جو چوين ٿو تہ منهنجي ندي منهنجي ملڪيت آهي ۽ اُها مون پنهنجي لاءِ جوڙي آهي، سو آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان.


تنهنڪري، اي بادشاهہ، تون منهنجي نصيحت قبول ڪر، ۽ پنهنجن گناهن کي سچائي سان، ۽ پنهنجن خطائن کي غريبن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪر، شايد انهي ڪري تنهنجو سک ۽ آرام گهڻي تائين هلي.


ڪوبہ تنهنجي دل کي تسلي ڏيڻ وارو ڪونهي؛ تنهنجو زخم سخت آهي: جيڪي تنهنجي شڪست جو ٿا ٻڌن، سي تو تي تاڙيون ٿا وڄائين؛ ڇالاءِ جو اُهو ڪير آهي، جنهن تي سدائين تنهنجي شرارت جو بار نہ هو؟


هو خوفناڪ ۽ هيبتناڪ آهن. هنن جي عدالت ۽ هنن جي وڏائي منجهانئن نڪري ٿي.


۽ جيڪي اُتان لنگهي پئي ويا، تن مٿس ٽوڪون پئي هنيون، ۽ پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي ٿي چيائون تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ