Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 2:13 - Sindhi Bible

13 ۽ هو اُتر ڏانهن پنهنجو هٿ وڌائيندو ۽ اسور کي ناس ڪندو؛ ۽ نينوہ کي ويران ڪري، بيابان جهڙو خشڪ ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 خداوند اتر طرف پنهنجو هٿ کڻي اشور کي ناس ڪري ڇڏيندو. جڏهن تہ هو ان جي گاديءَ واري شهر نينوہ کي ويران ۽ بيابان جهڙو خشڪ ڪري ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 2:13
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند صيون جبل تي ۽ يروشلم تي پنهنجو سڄو ڪم ڪري رهندو، تڏهن آءٌ اسور جي بادشاهہ جي گستاخ دل جي ڪم کي، ۽ سندس مٿانهين نگاهہ جي وڏائيءَ کي سزا ڏيندس.


تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خداوند، پنهنجن ٿلهن متارن ۾ ڏٻرائي موڪليندو؛ ۽ پنهنجي جلال جي بدران باهہ جي ساڙي وانگي هڪڙو ساڙو ڀڙڪائيندو.


اسور جو منهنجي ڪاوڙ جو لڪڻ، ۽ اها لٺ آهي جنهن جي هٿ ۾ منهنجو عصو آهي،


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند وري ٻيو ڀيرو پنهنجو هٿ کڻندو انهي لاءِ تہ سندس قوم جا جيڪي اسور مان ۽ مصر ۽ فطروس مان ۽ قوش مان ۽ عيلام ۽ سنعار مان ۽ حمات مان، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن مان، باقي بچيا هوندا، تن کي گڏ ڪري.


اهو ارادو آهي جو ساري جهان تي مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ اهو هٿ آهي جو سڀني قومن تي ڊگهيريو ويو آهي.


تنهن ڪري اسورين جو بادشاهہ سنحيرب ڪوچ ڪري موٽي ويو، ۽ نينوہ ۾ وڃي رهيو.


۽ حصور گدڙن جي رهڻ جي جاءِ ٿيندو ۽ هميشہ ويران رهندو: ڪوبہ ماڻهو اُتي نہ رهندو، نڪو آدمزاد اُتي ٽڪندو.


اُٿ، نينوہ جي وڏي شهر ڏي وڃ ۽ انهن جي برخلاف منادي ڪر؛ ڇالاءِ جو هنن جي بڇڙائي منهنجي سامهون آئي آهي.


اُٿي نينوہ ڏي وڃ، جو وڏو شهر آهي، ۽ جيڪي آءٌ توکي چوان، انهي جي منادي ڪري ٻڌاءِ.


۽ اُهي ترار سان اسور جي ملڪ کي ۽ نمرود جي زمين کي اندر گهڙڻ وارين جاين تائين، ويران ڪندا، ۽ هو اسان کي اسور کان بچائيندو، جڏهن اُهو اسان جي ملڪ ۾ ايندو ۽ اسان جي سرحد ۾ پير رکندو.


نينوہ بابت نبوت، ناحوم القوشيءَ جي رويا جو ڪتاب.


اُتي توکي باهہ چٽ ڪندي، ۽ ترار وڍي ڇڏيندي؛ اُها توکي مڪڙ وانگي کائي ڇڏيندي: مڪڙين وانگي پاڻ کي وڌاءِ، ۽ مڪڙن وانگي پاڻ کي گهڻو ڪر.


۽ ائين ٿيندو تہ جيڪي توکي ڏسندا سي توکان ڀڄي پري ٿيندا، ۽ چوندا تہ نينوہ ويران ڪئي ويئي آهي؛ ڪير اُنهي جي لاءِ ماتم ڪندو؟ توکي دلاسي ڏيڻ وارا ڪٿان ڳوليان؟


آءٌ پنهنجو هٿ يهوداہ تي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن تي ڊگهو ڪندس؛ ۽ بعل جي باقي رهيلن کي هن ملڪ مان وڍي ڇڏيندس، ۽ ڪماريم جو نالو انهيءَ جي ڪاهنن سميت بہ وڍي ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ