12 اي ڪوش جا رهاڪو، اوهين بہ منهنجي ترار سان قتل ڪيا ويندا.
12 اي سوڊان جا رهاڪؤ! خداوند اوهان کي بہ جنگين ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندو.
اي خداوند، اُٿ، هن جي سامهون ٿي، هن کي هيٺ ڪيراءِ: پنهنجيءَ ترار جي زور سان منهنجي جان کي شرير کان بچاءِ.
اسور جو منهنجي ڪاوڙ جو لڪڻ، ۽ اها لٺ آهي جنهن جي هٿ ۾ منهنجو عصو آهي،
هو هڪڙي پرانهين ملڪ مان، آسمان جي تمام ٻاهرين ڀاڱي مان اچن ٿا، يعني خداوند ۽ اُن جي ڪاوڙ جا هٿيار، انهيءَ لاءِ تہ ساري زمين ناس ڪن.
۽ خداوند فرمايو تہ جيئن منهنجو ٻانهو يسعياہ ٽن ورهين تائين اُگهاڙو ٿي، پيرين اُگهاڙو هليو آهي، تہ مصر ۽ ڪوش جي لاءِ هڪڙي نشاني ۽ عبرت ٿئي؛
ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، اسرائيل جو پاڪ خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ؛ مون تنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ مصر ڏنو آهي، ۽ ڪوش ۽ سبا تنهنجي لاءِ ڏنا اٿم.
آءٌ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪندس، ۽ پنهنجي ترار سندس هٿ ۾ ڏيندس؛ پر آءٌ فرعون جون ٻانهون ڀڃندس، ۽ هو انهي جي اڳيان اهڙيون ڪنجهڪارون ڪندو، جهڙيون سخت ڦٽيل ماڻهو ڪندا آهن.