Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 2:10 - Sindhi Bible

10 اهو سندن مغروريءَ جي سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو هنن لشڪرن جي خداوند جي اُمت جي برخلاف طعنا هنيا آهن ۽ پاڻ کي وڏو چوايو اٿن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اهو سڀ ڪجھہ سندن مغروريءَ جي ڪري ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ هنن قادر‌مطلق خداوند جي قوم جي بي‌عزتي ڪئي، ۽ ساڻن مغروريءَ سان هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 2:10
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن ڪنهن کي بہ مٿن ظلم ڪرڻ نہ ڏنو؛ هائو هن بادشاهن کي انهن جي خاطر جهڻڪيو.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


تون اڃا بہ پاڻ کي منهنجيءَ اُمت کان مٿي ٿو سمجهين ڇا، جو هنن کي وڃڻ نٿو ڏين؟


اسان موآب جي مغروريءَ جو ٻڌو آهي؛ بلڪ هن جي بيحيائي، ۽ هن جي هٺ، ۽ هن جي ڪاوڙ جو؛ هن جون ٻٽاڪون ڪي بہ ڪين آهن.


خداوند منهنجن انهن سڀني خراب پاڙيسرين جي برخلاف هيئن ٿو فرمائي، جي اُنهي ميراث کي ٿا هٿ لائين جا مون پنهنجي قوم کي ورثي ۾ ڏياري آهي، تہ ڏسو، آءٌ هنن کي سندن زمين مان پٽي ڪڍندس؛ ۽ انهن منجهان يهوداہ جو گهراڻو ڪڍي وٺندس.


اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ اسين بهادر مرد ۽ جنگ جي لاءِ پهلوان آهيون؟


اسان موآب جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي تہ اهو ڏاڍو مغرور آهي؛ يعني انهي جي وڏائي ۽ انهي جي مغروري ۽ انهي جي گستاخي ۽ ان جي دل جو هٺ.


سندس گند سندس دامن ۾ هو؛ هن کي پنهنجي پڇاڙي ياد نہ هئي؛ تنهن ڪري هوءَ عجيب طرح هيٺ لهي آئي آهي؛ ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونہ اٿس: اي خداوند، منهنجو ڏک ڏس: ڇالاءِ جو دشمن پاڻ کي وڏو ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تو تاڙيون وڄايون آهن، ۽ پير زمين تي ٺوڪيا آهن، ۽ اسرائيل جي ملڪ تي پنهنجي دل جي نهايت نفرت ڏيکارڻ سان خوشي ڪئي اٿيئي؛


هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.


جنهن ڏينهن ڌاريا ماڻهو هن جو مال متاع کڻي ويا، انهيءَ ڏينهن تون علحدو ٿي بيٺين؛ ۽ جنهن ڏينهن ٻين ملڪن جا ماڻهو هن جي درن اندر گهڙي آيا، ۽ يروشلم تي ڪُڻا وجهڻ لڳا، انهي ڏينهن تون بہ هنن جهڙو هئين.


تون جو ٽڪرن جي چرن ۾ رهين ٿو، جنهن جي رهڻ جو مڪان مٿانهون آهي، توکي تنهنجي دل جي مغروريءَ ٺڳيو آهي، جو پنهنجي دل ۾ چوين ٿو تہ ڪير مون کي زمين تي ڪيرائي وجهندو؟


مون موآب جي خواري ڏٺي آهي، ۽ بني عمون جا طعنا، جن سان هنن منهنجي قوم کي مهڻا ٿي ڏنا، ۽ انهن جي سرحدن ۾ پاڻ کي وڌايو اٿن.


ساڳيءَ طرح، اي جوانو، اوهين وڏن جا تابعدار ٿيو. هائو، اوهين سڀ هڪٻئي جي خدمت ڪرڻ لاءِ نماڻائيءَ سان پنهنجي ڪمر ٻَڌو؛ ڇالاءِ جو ”خدا مغرورن جو مقابلو ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ