Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 2:1 - Sindhi Bible

1 اي بي شرم قوم، اوهين پاڻ کي گڏ ڪريو، هائو گڏ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي بي‌شرم قوم! توبهہ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيو، پاڻ ۾ گڏ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 2:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يهوداہ جا سڀ ماڻهو خداوند جي مدد گهرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا: مطلب تہ يهوداہ جي سڀني شهرن مان ماڻهو خداوند جي اڳيان ڳولا لاءِ آيا.


۽ سڄي قوم يڪ مُشت ٿي پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان جيڪو ڪشادو ميدان آهي، تنهن ۾ گڏ ٿي؛ ۽ اُنهن عزرا استاد کي چيو تہ موسيٰ جي شريعت جو ڪتاب، جنهن جو خداوند اسرائيل کي حڪم ڏنو هو، سو کڻي اچ.


هاڻي انهيءَ مهيني جي چوويهين تاريخ بني اسرائيل روزو رکي، ۽ کٿا ڍڪي، ۽ پاڻ تي مٽي وجهي اچي گڏ ٿيا.


جيڪي يهودي هن وقت سوسن ۾ آهن سي سڀ گڏ ٿيو، ۽ منهنجي لاءِ روزو رکو، ۽ ٽن ڏينهن تائين، رات جو توڙي ڏينهن جو، نڪي کائو نڪي پيئو: آءٌ ۽ منهنجون سهيليون بہ ساڳيءَ طرح روزو رکنديونسين؛ پوءِ اُنهيءَ حال ۾ آءٌ بادشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قاعدي موجب نہ آهي: پوءِ جي آءٌ مُيس، تہ ڀلي مران.


تنهن ڪري مينهن جهلجي ويو آهي، ۽ پوئين برسات بہ ڪانہ پئي آهي؛ انهي هوندي بہ تنهنجي پيشاني ڪسبيءَ جهڙي هئي، ۽ شرمندي ٿيڻ کان تو انڪار ڪيو.


جڏهن هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا تڏهن هو شرمندا هئا ڇا؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم نہ آيو، نہ هنن کي ڪو حياءُ ٿيو: تنهن ڪري جيڪي ڪرندا، تن ۾ هو بہ ڪِرندا: خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن آءٌ کين سزا ڏيڻ لاءِ ايندس تڏهن هو هيٺ اُڇلايا ويندا.


هڪڙو خاص روزو مقرر ڪريو، ۽ سڄي جماعت کي گڏ ڪريو، بزرگن ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن کي خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ گڏ ڪريو، ۽ خداوند کي پڪاريو.


ان جي وچ ۾ خداوند سچو آهي؛ اُهو بي انصافي نہ ڪندو؛ هر روز صبح جو هو پنهنجي عدالت ظاهر ڪري ٿو ۽ ڪڏهن بہ گُسي نٿو، پر بي انصاف ماڻهوءَ کي شرم ڪونهي.


۽ مون هڪڙي مهيني ۾ ٽن ريڍارن کي ماريو؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان انهن کان بيزار هئي، ۽ هنن جي روح ۾ منهنجي لاءِ ڌڪار هئي.


ڇالاءِ جو جتي ٻہ يا ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي گڏ ٿا ٿين، اُتي آئون بہ انهن جي وچ ۾ آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ