Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 1:9 - Sindhi Bible

9 ۽ انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني کي سزا ڏيندس جي چانئٺ ٽپي ٿا وڃن، ۽ پنهنجي مالڪ جو گهر ظلم ۽ ٺڳيءَ سان ٿا ڀرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني بت‌پرستن کي سزا ڏيندس، جيڪي چانئٺ تي پير رکڻ کان لنوائين ٿا، ۽ انهن کي بہ جيڪي خون خرابو ۽ ٺڳيون ڪري شاهي محل کي دولت سان ڀرين ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 1:9
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اڳيان حاڪم، جي مون کان اڳي هئا، تن کي ماڻهن کان ڪجهہ ملندو هو، ۽ انهن کان هو شراب، ۽ ماني وٺندا هئا، ۽ انهيءَ کانسواءِ چانديءَ جا چاليهہ شيڪل؛ هائو، انهن جا نوڪر بہ ماڻهن تي حڪم هلائيندا هئا: پر مون خدا جي ڊپ کان ائين نہ ڪيو.


جيڪڏهن ڪو حاڪم ڪوڙ کي ڪن ڏيئي ٻڌي ٿو، تہ سندس سڀ نوڪر شرير آهن.


جيئن ڪو پڃرو پکين سان ڀريل هوندو آهي، تيئن هنن جا گهر بہ ٺڳيءَ سان ڀريل آهن: تنهن ڪري هو وڏا ٿيا آهن، ۽ دولت هٿ ڪئي اٿن.


ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو تہ هو چڱائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن، ۽ پنهنجن محلاتن ۾ هو زبردستي ۽ ڦرمار ڪري رکن ٿا.


اُن جا دولتمند ماڻهو ظلم سان ڀريل آهن، ان جي رهاڪن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ انهن جي زبان سندن وات ۾ دغاباز آهي.


۽ مون چيو تہ اهو ڇا آهي؟ ۽ هن چيو تہ اهو ايفہ آهي جو وڃي ٿو. ۽ ايترو بہ وڌيڪ چيائين تہ سڄي ملڪ ۾ اها هنن جي شڪل آهي.


پر جڏهن هن جي ڌڻين ڏٺو تہ اسان جي ڪمائيءَ جي اُميد هلي ويئي، تڏهن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي چونڪ ۾ حاڪمن وٽ گهلي وٺي آيا؛


۽ هن جو مڙس صبح جو اُٿيو، ۽ گهر جا در پٽيائين، تہ پنهنجو رستو وٺي وڃي: ۽ ڏسو، اُها زال هن جي سريت پنهنجا هٿ گهر جي در جي چانئٺ تي رکي ڪري پئي هئي.


تنهنڪري نڪي دجون جا پوڄاري، نڪي ٻيا ماڻهو جي دجون جي گهر ۾ ايندا آهن، سي اڄ ڏينهن تائين اشدود ۾ دجون جي چانئٺ تي پير رکندا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ