Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 1:8 - Sindhi Bible

8 ۽ خداوند جي قرباني واري ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ اميرن ۽ شهزادن ۽ انهن سڀني کي، جن پرديسي پوشاڪ پاتي آهي، سزا ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ قربانيءَ واري ڏينهن تي آءٌ حاڪمن توڙي شهزادن بلڪ انهن سڀني کي سزا ڏيندس، جيڪي ٻين قومن جي ريتن رسمن تي هلن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 1:8
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪو لباس خاني جي مٿان هو تنهن کي هن چيو تہ بعل جي سڀني پوڄيندڙن جي لاءِ پوشاڪ کڻي اچ. ۽ هن انهن کي پوشاڪون آڻي ڏنيون.


تنهن ڪري هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند صيون جبل تي ۽ يروشلم تي پنهنجو سڄو ڪم ڪري رهندو، تڏهن آءٌ اسور جي بادشاهہ جي گستاخ دل جي ڪم کي، ۽ سندس مٿانهين نگاهہ جي وڏائيءَ کي سزا ڏيندس.


ڇالاءِ جو تو پنهنجي قوم، يعني يعقوب جو گهراڻو، ڇڏي ڏنو آهي، جو اُهي اُڀرندي وارين رسمن سان ڀرجي ويا آهن، ۽ فلستين وانگر فالون وجهندڙ ٿيا آهن، ۽ ڌارين ماڻهن سان شرط لاءِ تاڙي ٿا هڻن.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند مٿي، مٿانهن جي لشڪر کي، ۽ هيٺ زمين تي، زمين جي بادشاهن کي سزا ڏيندو.


۽ جيڪي پٽ تو مان پيدا ٿيندا، ۽ جن کي تون ڄڻندين، تن مان بہ ڪيترائي هو پاڻ سان وٺي ويندا؛ ۽ اهي بابل جي بادشاهہ جي محلات ۾ ناظر ٿيندا.


هو بادشاهن تي ٺٺوليون ٿا ڪن. ۽ شهزادا هنن جي اڳيان کل چرچو آهن: هو سڀ ڪنهن مضبوط قلعي تي کلن ٿا؛ ڇالاءِ جو هو دمدما ٻڌي انهي کي فتح ٿا ڪن.


ڪابہ زال مرداڻي پوشاڪ نہ ڍڪي، نڪي ڪو مرد زالاڻا ڪپڙا پائي: ڇالاءِ تہ جيڪو ائين ٿو ڪري، تنهن کان خداوند تنهنجي خدا کي نفرت آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ