Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 1:5 - Sindhi Bible

5 ۽ انهن کي بہ، جي گهرن جي کڏن تي آسمان جي لشڪر کي ٿا پوڄين؛ ۽ انهن کي بہ، جي سجدو ڪري خداوند جو عهد ٿا ڪن ۽ ملڪوم جو قسم ٿا کڻن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي گھرن جي ڇتين تي آسماني ستارن ۽ سيارن کي سجدا ٿا ڪن، ۽ انهن کي بہ جيڪي مون خداوند کي سجدو تہ ڪن ٿا، ۽ منهنجي تابعداريءَ جي دعويٰ ڪن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ هو مولڪ ديوتا جو بہ قسم کڻن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 1:5
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ صيدونين جي ديوي عستارات، ۽ موآب جي معبود ڪموس، ۽ بني عمون جي معبود ملڪوم کي سجدو ڏنو آهي؛ ۽ هو منهنجن رستن تي نہ هليا آهن، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو آهي سو نہ ڪيو اٿن، ۽ نہ منهنجن قاعدن، ۽ منهنجن فيصلن جي سنڀال ڪئي اٿن، جيئن هن جي پيءُ دائود ٿي ڪئي.


ڇالاءِ جو سليمان صيدونين جي ديوي عستارات، ۽ عمونين جي ڪراهت جهڙي بت ملڪوم جي پٺيان هلڻ لڳو.


پوءِ ايلياہ سڀني ماڻهن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو تہ ڪيستائين اوهين ٻن راين جي وچ ۾ پيا منڊڪائيندا؟ جيڪڏهن خداوند ئي خدا آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو: پر جيڪڏهن بعل آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو. ۽ ماڻهن ورنديءَ ۾ هڪڙو لفظ بہ نہ ڳالهايو.


انهيءَ طرح هو خداوند کان ڊنا، ۽ پاڻ منجهان پنهنجي لاءِ مٿانهين جاين جا ڪاهن مقرر ڪيائون، جي هنن جي لاءِ مٿانهين جاين جي گهرن ۾ قربانيون چاڙهيندا هئا.


هو ڊڄندا خداوند کان هئا پر عبادت پنهنجن معبودن جي ڪندا هئا، جنهن دستور اُهي قومون ڪنديون هيون، جن منجهان هو کڄي آيا هئا.


انهيءَ طرح هي قومون خداوند کان ڊڄنديون هيون پر پنهنجن اُڪريل بتن جي عبادت ڪنديون هيون؛ اُنهن جو اولاد ۽ انهن جي اولاد جو اولاد بہ ائين ڪندو هو، جيئن سندن ابا ڏاڏا ڪندا هئا، ۽ ائين هو اڄ ڏينهن تائين ڪندا اچن.


۽ آخز جي مٿينءَ ڪوٺيءَ جي ڇت تي جي قربانگاهون يهوداہ جي بادشاهن جوڙايون هيون، ۽ جي قربانگاهون خداوند جي گهر جي ٻن ايوانن ۾ منسي جوڙايون هيون، سي بادشاهہ ڊهرائي خاڪ ڪري ڇڏيون، ۽ اُها خاڪ اُتان کڻائي قدرون جي نهر ۾ اُڇلارائي ڇڏي.


رويا واري واديءَ بابت ڪلام. هاڻي تو سان ڪهڙي ويڌن آهي جو تون گهر جي ڇتين تي چڙهي وئي آهين؟


هڪڙو چوندو تہ آءٌ خداوند جو آهيان؛ ٻيو پاڻ کي يعقوب جي نالي سان سڏيندو؛ تہ ٻيو وري پنهنجي هٿ سان لکندو تہ آءٌ خداوند جي لاءِ آهيان، ۽ پاڻ کي اسرائيل جي نالي جو لقب ڏيندو.


مون پنهنجو قسم کنيو آهي، منهنجي وات مان سچائيءَ سان ڪلام نڪتو آهي، سو وري نہ ڦرندو، تہ سڀڪو گوڏو منهنجي اڳيان جهڪندو، ۽ هرڪا زبان منهنجو قسم کائيندي.


اي يعقوب جا گهراڻا، اوهين جي اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي چشمي مان نڪتا آهيو سي هيءَ ڳالهہ ٻڌو؛ اوهين خداوند جي نالي تي قسم کڻو ٿا، ۽ اسرائيل جي خدا جو ذڪر ڪريو ٿا، پر سچائيءَ ۽ راستبازيءَ سان نہ.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو ڪوشش ڪري منهنجي قوم جا رستا سکندا، ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جيئن ڪ هنن منهنجي قوم کي بعل جو قسم کڻڻ سيکاريو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم جي وچ ۾ اڏجي ويندا.


۽ يروشلم جا گهر ۽ يهوداہ جي بادشاهن جا گهر، جي ناپاڪ ٿيا آهن، سي توفت جي جاءِ جهڙا ٿيندا؛ يعني اُهي سڀ گهر جن جي ڀتين تي هنن آسمان جي سڄي لشڪر لاءِ لوبان ساڙيو آهي، ۽ پيئڻ واريون قربانيون معبودن لاءِ اوتيون اٿن،


۽ جيڪي ڪسدي هن شهر سان وڙهن ٿا سي اچي هن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا، ۽ اُهي گهر بہ جن جي ڇتين تي هن بعل جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي ۽ ٻين معبودن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون پئي هاريون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


۽ تون هيئن قسم کڻندين، تہ جيئري خداوند جو قسم آهي، جو سچو ۽ عدالت وارو ۽ راستباز آهي؛ ۽ قومون بہ پنهنجي لاءِ انهي کان برڪت گهرنديون ۽ انهيءَ تي فخر ڪنديون.


بني عمون بابت: خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل کي پٽ ناهن ڇا؟ انهي جو ڪو وارث ناهي ڇا؟ تڏهن ڇو ملڪوم جاد جو مالڪ ٿيو آهي، ۽ ان جا ماڻهو انهي جي شهرن ۾ رهن ٿا؟


۽ جيتوڻيڪ هو چون ٿا تہ جيئري خدا جو قسم آهي؛ تہ بہ پڪ هو ڪوڙو قسم ٿا کڻن.


ڪيئن آءٌ توکي معاف ڪريان؟ تنهنجي ٻارن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هنن انهن جو قسم کنيو آهي جي خدا نہ آهن: جڏهن مون هنن کي کارائي ڍءُ ڪرايو تڏهن هنن زنا ڪئي، ۽ ڪڃرين جي گهرن ۾ اچي گڏ ٿيا آهن.


۽ هي گهر جو منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي تنهن ۾ منهنجي اڳيان بيهي ائين چوندا ڇا تہ اسان کي خلاصي ملي آهي؛ انهي لاءِ تہ اوهين اهي سڀ نفرت جهڙا ڪم ڪريو؟


اوهين چوري ۽ خون ۽ زنا ڪندا ڇا، ۽ ڪوڙو قسم کڻندا، ۽ بعل جي اڳيان لوبان ساڙيندا، ۽ جن ٻين معبودن کي اوهين نہ سڃاڻندا هئا تن جي پيروي ڪندا ڇا؟


۽ انهن کي سج ۽ چنڊ ۽ آسمان جي سڄي لشڪر جي اڳيان پکيڙيندا، جن سان انهن محبت رکي آهي، ۽ جن جي هنن عبادت ڪئي آهي، ۽ جن جي پٺيان هو هليا آهن، ۽ جن کي هنن ڳوليو آهي، ۽ جن کي هنن سجدو ڪيو آهي: هو نہ گڏ ڪيا ويندا ۽ نہ دفن ڪيا ويندا؛ هو زمين جي سطح تي ڇيڻي جي بجاءِ ٿيندا.


هن جي دل ورهائجي وئي آهي؛ هاڻي هو ڏوهاري ٺهرايا ويندا: هو ان جي قربانگاهن کي ڌڪ هڻندو، هو انهن جي ٿنڀن کي خراب ڪندو.


جيتوڻيڪ، اي اسرائيل تون ڪڃري ٿي گذاريندينءَ، تہ بہ يهوداہ ڏوهاري نہ ٿئي؛ ۽ اوهين جلجال ۾ نہ اچجو، نڪي بيت اون ڏانهن چڙهي وڃجو، نڪي چئجو تہ جيئري خداوند جو قسم آهي.


هائو، اوهين تہ ملڪوم جا تنبو، ۽ ڪيوان جا بُت، ۽ پنهنجي معبود جو تارو، جي اوهان پاڻ ٺاهيا هئا، کڻي هلندا هئا.


ڪوبہ ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو يا تہ هو هڪڙي سان عداوت ڪندو ۽ ٻئي کي پيار ڪندو، يا تہ وري هڪڙي سان ميل رکندو ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا.


هاڻي ٻئي ڏينهن، جڏهن هو اڃا پنڌ ۾ هئا ۽ شهر جي ويجهو پهتا، تڏهن اٽڪل ٻپهريءَ مهل پطرس دعا گهُرڻ لاءِ کڏ تي چڙهي ويو:


هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”خداوند فرمائي ٿو، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم تہ سڀڪو منهنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ سڀڪا زبان خدا جي تعريف ڪندي.“


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ رڳو انهي جي عبادت ڪج؛ ۽ انهي سان قائم رهج؛ ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


يا جڏهن تون آسمان ڏانهن نهارين، ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان جي ساري خلقت کي ڏسي گمراهہ ٿين ۽ انهن کي سجدو ڪرين، ۽ انهن جي عبادت ڪرين، جن کي خداوند تنهنجي خدا زمين جي سڀني قومن لاءِ رکيو آهي.


۽ اهي قومون، جي اوهان ۾ باقي وڃي رهيون آهن، تن ۾ داخل نہ ٿجو؛ نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو، نڪي انهن جو قسم کڻجو، نڪي انهن جي عبادت ڪجو، ۽ نڪي انهن کي سجدو ڪجو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ