Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 1:4 - Sindhi Bible

4 آءٌ پنهنجو هٿ يهوداہ تي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن تي ڊگهو ڪندس؛ ۽ بعل جي باقي رهيلن کي هن ملڪ مان وڍي ڇڏيندس، ۽ ڪماريم جو نالو انهيءَ جي ڪاهنن سميت بہ وڍي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 آءٌ خداوند پنهنجو هٿ يروشلم جي رهاڪن خلاف، بلڪ سڄي يهوداہ وارن خلاف کڻندس. آءٌ هن هنڌان بعل جي باقيات کي فنا ڪري ڇڏيندس، بلڪ آءٌ انهن ڪاهنن جي نالن کي پڻ مِٽائي ڇڏيندس جيڪي بعل جي بت‌پرستي بہ ڪرائين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 1:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ سامريہ جي ڏور ۽ اخي آب جي گهراڻي جو شاهل يروشلم جي مٿان ڇڪيندس: ۽ آءٌ يروشلم کي ائين اُگهي ڇڏيندس جيئن ڪو ماڻهو رڪابي اُگهندو ۽ انهيءَ کي اُٿلائي پٿلائي رکندو آهي.


۽ آخز جي مٿينءَ ڪوٺيءَ جي ڇت تي جي قربانگاهون يهوداہ جي بادشاهن جوڙايون هيون، ۽ جي قربانگاهون خداوند جي گهر جي ٻن ايوانن ۾ منسي جوڙايون هيون، سي بادشاهہ ڊهرائي خاڪ ڪري ڇڏيون، ۽ اُها خاڪ اُتان کڻائي قدرون جي نهر ۾ اُڇلارائي ڇڏي.


۽ هن پنهنجي روبرو بعليم جون قربانگاهون ڀڃي ڀوري وڌيون؛ ۽ سج جون مورتيون، جي سندن مٿان هيون، تن کي هن وڍي ڪيرائي ڇڏيو؛ ۽ يسيرتون ۽ اُڪريل مورتيون ۽ پلٽيل مورتيون هن ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيون، ۽ خاڪ ڪري انهن جي قبرن تي پکيڙي ڇڏيائين، جن انهن تي قربانيون ٿي ڪيون.


تو پنهنجو ساڄو هٿ ڊگهيريو تہ زمين هنن کي ڳڙڪائي ويئي.


خداوند ٿو فرمائي تہ تو مون کي رد ڪيو آهي، تون پٺ تي ويو آهين: تنهن ڪري مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيري توکي ناس ڪيو آهي؛ آءٌ ترس کائي کائي ٿڪجي پيو آهيان.


۽ هنن جا گهر سندن زالن ۽ ٻنين سميت ٻين کي ڏنا ويندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهيءَ ملڪ جي رهاڪن تي پنهنجو هٿ ڊگهيريندس.


تنهنڪري ڏس مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريو آهي، ۽ توکي لٽجڻ جي لاءِ قومن جي حوالي ڪري ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ قومن مان توکي وڍي ڇڏيندس، ۽ توکي ملڪن کان ٻاهر ماري چٽ ڪري ڇڏيندس: آءٌ توکي ناس ڪندس؛ ۽ تون ڄاڻندين تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ ڊگهيريندس، ۽ بيابان کان وٺي دبلا تائين هنن جي سڀني رهڻ وارن هنڌن ۽ ملڪن کي ويران ۽ غير آباد ڪندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


سامريہ جا رهاڪو بيت اون جي گابن لاءِ خوف ۾ رهندا: ڇالاءِ جو انهي جا ماڻهو انهي تي ماتم ڪندا، ۽ انهي جا ڪاهن بہ، جي ان جي وڏائي ڪري اُن تي خوش ٿيندا هئا؛ ڇالاءِ جو ان جي وڏائي انهي مان نڪري ويئي آهي.


۽ آءٌ تنهنجون اُڪريل مورتون ۽ تنهنجا ٿنڀ تنهنجي وچ مان ڀڃي ڇڏيندس، ۽ تون اڳتي وري پنهنجن هٿن جي جوڙيل شين جي عبادت نہ ڪندين.


خداوند هنن لاءِ خوفناڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو هو زمين جي سڀني معبودن کي بک ۾ پاهہ ڪندو: سڀ ماڻهو پنهنجن ملڪن مان يعني سڀ ٻيٽ هن جي عبادت ڪندا.


۽ هو اُتر ڏانهن پنهنجو هٿ وڌائيندو ۽ اسور کي ناس ڪندو؛ ۽ نينوہ کي ويران ڪري، بيابان جهڙو خشڪ ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ