جيتوڻيڪ ارامين جو لشڪر ٿورن ماڻهن سان آيو هو؛ پر خداوند هڪڙو تمام وڏو لشڪر انهن جي هٿن ۾ ڏنو، ڇالاءِ جو هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو. انهيءَ طرح هنن يوآس تي سزا جي حڪم جي تعميل ڪئي.
تڏهن مون چيو تہ اي خداوند، ڪيستائين؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ جيستائين ڪ شهر بنا ڪنهن رهاڪوءَ جي، ۽ گهر بنا ڪنهن ماڻهوءَ جي ويران ٿين؛ ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿئي.