Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 1:18 - Sindhi Bible

18 خداوند جي غضب جي ڏينهن هنن جو سون يا روپو هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ پر سڄي زمين کي هن جي غيرت جي باهہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي: ڇالاءِ جو هو انهي ملڪ جي سڀني رهاڪن جي پڄاڻي، بلڪ خوفناڪ پڄاڻي ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 مون خداوند جي غضب واري ڏينهن هنن جو سون ۽ چاندي بہ کين بچائي نہ سگھندو. هائو، منهنجي غيرت جي باهہ سڄيءَ دنيا کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. آءٌ ڌرتيءَ جي هر رهاڪوءَ جو اوچتو ئي خاتمو آڻي ڇڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 1:18
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند چيو تہ جنهن انسان کي مون پيدا ڪيو آهي، تنهن کي آءٌ زمين تان مٽائي ڇڏيندس، انسان توڙي حيوان کي، سرندڙ جيتن توڙي هوا جي پکين کي، ڇو تہ آءٌ کين پيدا ڪرڻ کان پشيمان ٿيو آهيان.


۽ يهوداہ اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا؛ ۽ جيڪي هنن جي ابن ڏاڏن ڪيو تنهن کان وڌيڪ جيڪي گناهہ هنن ڪيا تن سان هنن خداوند کي ڪاوڙايو.


تہ خراب ماڻهو مصيبت جي ڏينهن لاءِ رکيو ويو آهي؟ ۽ غضب جي ڏينهن لاءِ اُهي بچايا ٿا وڃن؟


يا انهن اميرن سان جن وٽ سون هو، جن پنهنجا گهر چانديءَ سان ڀري ڇڏيا:


انهن پنهنجين مٿانهين جاين جي ڪري کيس غصو ڏياريو، ۽ پنهنجين اُڪريلن مورتن جي ڪري کيس غيرت ڏياريائون.


اي خداوند تون هميشہ تائين غصي رهندين ڇا؟ ۽ تنهنجي غيرت باهہ وانگي پيئي ٻرندي ڇا؟


دولت غضب جي ڏينهن ڪنهن بہ ڪم نہ ٿي اچي: پر سچائي موت کان ڇڏائي ٿي.


دولت مند ماڻهوءَ جي دولت سندس مضبوط شهر آهي، ۽ سندس خيال ۾ هڪڙي وڏي ڀت آهي.


تنهن ڪري، خداوند، لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو قادر فرمائي ٿو، تہ آءٌ دشمن کان پنهنجي جند آزاد ڪندس، ۽ پنهنجن ويرين کان وير وٺندس:


۽ اسرائيل جي روشنائي باهہ ٿيندي، ۽ ان جو پاڪ وجود هڪڙو شعلو ٿيندو: ۽ اهو هڪڙي ڏينهن ۾ ان جا ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندو.


پر مصيبت جي ڏينهن ۽ جيڪا خرابي پري کان ايندي تنهن ۾ اوهين ڇا ڪندا؟ ڪنهن ڏي مدد لاءِ ڊوڙندا؟ ۽ پنهنجي وڏائي ڪٿي ڇڏيندا؟


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو منهنجو غصو ۽ منهنجو غضب هن هنڌ تي آهي؛ ماڻهوءَ توڙي جانور، جهنگ جي وڻن توڙي زمين جي ڦر تي اُهو اوتيو ويندو، ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجهامندو ئي ڪين.


تڏهن آءٌ يهوداہ جي شهرن مان ۽ يروشلم جي گهٽين مان خوشيءَ جو آواز، ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز، ۽ ڪنوار جو آواز، بند ڪرائي ڇڏيندس: ڇالاءِ جو زمين ويران ٿي ويندي.


۽ آءٌ يروشلم کي ڍير، ۽ گدڙن جي جوءِ ڪندس؛ ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


۽ آءٌ توتي اهڙي فتويٰ جاري ڪندس جهڙي انهن زالن تي ڪبي آهي جي شاديءَ جو حق ڀڃنديون آهن؛ ۽ آءٌ ڪاوڙ ۽ ريس جو خون تنهنجي سر تي آڻيندس.


آءٌ پنهنجي غيرت تنهنجي برخلاف کڙي ڪندس، ۽ اُهي توسان ڏاڍيءَ سختيءَ جي هلت ڪندا؛ اُهي تنهنجو نڪ ۽ تنهنجا ڪَن وڍي ڇڏيندا، ۽ تنهنجا باقي بچيل ماڻهو ترار سان ڪِرندا: هو تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيئرون گرفتار ڪندا، ۽ تنهنجي باقي بچيلن کي باهہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


ظلم اُڀري شرارت جي لٺ ٿيو آهي؛ هنن مان ڪوبہ ڪونہ رهندو، نہ سندن جماعت مان ۽ نہ سندن دولت مان، ۽ نہ هنن ۾ ڪا بزرگي رهندي.


هو پنهنجي چاندي گهٽين ۾ اُڇلائيندا، ۽ هنن جو سون ناپاڪ شيءِ جهڙو ٿيندو؛ هنن جي چاندي ۽ هنن جو سون خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ هو پنهنجن روحن کي راضي نہ ڪندا، ۽ نہ هو پنهنجو پيٽ ڀري سگهندا: ڇالاءِ جو اُهو هنن جي بدڪاريءَ جو آٿڙائڻ وارو پهڻ ٿيو آهي.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ خرابي، بي مثل خرابي، ڏس اُها اچي ٿي.


اي مڪتيس جا رهاڪو، اوهين واويلا مچايو، ڇالاءِ جو ڪنعان جا سڀ ماڻهو چٽ ٿي ويا آهن. ۽ جيڪي چانديءَ سان لڏيل هئا سي سڀ بہ وڍجي ويا آهن.


اُهو ڏينهن غضب جو ڏينهن آهي، تڪليف ۽ ڏک جو ڏينهن، تباهي ۽ ويراني جو ڏينهن، اونداهي ۽ انڌاري جو ڏينهن، ڪڪرن ۽ گُگهہ اونداهيءَ جو ڏينهن؛


حڪم نڪري تنهن کان اڳي، ۽ ڏينهن تُهن وانگي لنگهي وڃي تنهن کان اڳي، ۽ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ اوهان تي اچي تنهن کان اڳي، ۽ ڪاوڙ جو ڏينهن اوهان تي اچي تنهن کان اڳي.


تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين منهنجي لاءِ انهيءَ ڏينهن تائين ترسو، جنهن ڏينهن آءٌ اُٿي انهن جو شڪار ڪريان: ڇالاءِ جو منهنجو ارادو آهي تہ آءٌ قومن ۽ بادشاهتن کي گڏ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ انهن تي پنهنجو غصو ۽ پنهنجو سخت قهر ڇنڊيان؛ ڇالاءِ جو سڄي زمين منهنجي غيرت جي باهہ سان چٽ ڪئي ويندي.


ڇو تہ ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڇا حاصل ٿيندو جو هو سڄي دنيا هٿ ڪري ۽ پنهنجي جان وڃائي؟ يا ماڻهو پنهنجي جان جي عيوض ڇا ڏيندو؟


اسين خداوند کي غيرت ڏياريون ٿا ڇا؟ ۽ اسين هن کان زور وارا آهيون ڇا؟


تڏهن انهي ڏينهن مون کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي ڏيندس، ۽ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ اهي کاڄ ٿي ويندا، ۽ گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون مٿن اينديون؛ جنهن ڪري انهي ڏينهن اهي چوندا، تہ هي خرابيون اسان تي انهي ڪري نہ آيون آهن ڇا جو اسان جو خدا اسان منجهہ ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ