Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 1:14 - Sindhi Bible

14 خداوند جو وڏو ڏينهن ويجهو آهي، اُهو ويجهو آهي، ۽ تمام جلد ايندو، بلڪ خداوند جي ڏينهن جو آواز ٿو اچي؛ زور وارو ماڻهو اُتي زار زار روئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 خداوند جو عدالت وارو ڏينهن ويجھو اچي ويو آهي، ويجھو هائو، تمام ويجھو، بلڪ اهو اچي پهتو آهي. ڪن ڏيئي ٻڌو! خداوند جي ڏينهن وارو شور. هائو، هڪ بهادر ماڻهو بہ زاروزار روئندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 1:14
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ حسبون ۽ اليعالہ فرياد ڪن ٿا؛ انهن جو آواز يهض تائين پيو ٻڌجي: تنهن ڪري موآب جا هٿيار ٻڌل ماڻهو وڏيون رڙيون ٿا ڪن؛ هن جي جان هن ۾ ڏڪي ٿي.


ڏس، هنن جا پهلوان ٻاهر دانهون ٿا ڪن: ۽ صلح جا ايلچي زار زار ٿا روئن.


شهر مان گڙٻڙ جو هل، ۽ هيڪل مان بہ آواز ٿو ٻڌجي. خداوند جو آواز، جو پنهنجي دشمن کي بدلو ٿو ڏئي.


۽ وري زمين ڏي نهاريندا، ۽ ڏسو، هو مصيبت، ۽ اونداهي، ۽ ڏک جي پيڙا ۾، ۽ ڀڀ اونداهيءَ ۾ هڪليا ويندا.


اِجهو ڌنارن جي رڙين، ۽ گلي جي سردارن جي واويلا جو آواز! ڇالاءِ جو خداوند هنن جي چراگاهہ ويران ڪري ٿو ڇڏي.


افسوس! ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن اهڙو وڏو آهي جو ڪوبہ انهي جهڙو ناهي: بلڪ اهو يعقوب جي مصيبت جو وقت آهي؛ پر هو انهي مان بچايو ويندو.


ڇو مون اهو ڏٺو آهي؟ هو ڊڄي پٺ تي موٽي ويا آهن؛ ۽ هنن جا بهادر مرد شڪست کائي ويا آهن، ۽ اهڙا جلد ڀڄي ويا آهن جو پٺ تي ئي نٿا نهارين: خداوند ٿو فرمائي، تہ هر طرف خوف آهي.


قريوت وٺجي ويو آهي، ۽ مضبوط قلعا اوچتا هٿ ڪيا ويا آهن، ۽ موآب جي بهادر مردن جي دل انهي ڏينهن اهڙي ٿيندي جهڙي سورن واري زال جي دل.


تنهنڪري تون هنن کي چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ اها چوڻي بند ڪرائيندس، ۽ اُها اسرائيل ۾ وري پهاڪي وانگر ڪم نہ آڻيندا؛ پر تون انهن کي چئُہ، تہ ڏينهن ويجها آهن ۽ سڀ ڪنهن رويا جي پورائي ٿيندي.


ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن ويجهو آهي، يعني خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي، جو بادلن جو ڏينهن آهي، اهو غير قومن جو ڏينهن ٿيندو.


وقت اچي پهتو آهي، ڏينهن ويجهو ايندو وڃي: خريد ڪندڙ خوشي نہ ڪري، ۽ نہ وڪڻندڙ غم ڪري، ڇالاءِ جو انهن جي سڄي جماعت تي غضب نازل ٿيو آهي.


پر جيڪي هنن مان ڀڄي نڪرندا سي بچندا، ۽ وادين جي ڪبوترن وانگي جبلن تي هوندا، ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي بدڪاريءَ جي سبب ماتم ڪندو.


ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ اُهو ائين ايندو جيئن خرابيءَ جو ڏينهن قادر مطلق کان اچي، انهي ڏينهن جي لاءِ افسوس آهي!


اوهين صيون ۾ قرناءِ وڄايو، ۽ منهنجي پاڪ جبل تي خوف جي خبر ڏيو؛ ڀلي تہ ملڪ جا سڀ رهاڪو ڏڪي وڃن: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، اهو تمام ويجهو آهي؛


۽ خداوند پنهنجي لشڪر جي اڳيان پنهنجو آواز ٻڌائي ٿو؛ ڇالاءِ جو هن جي لشڪرگاهہ وڏي آهي؛ ۽ اُهو جيڪو هن جي حڪم جي تعميل ٿو ڪري سو مضبوط آهي: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن وڏو ۽ تمام خوفناڪ آهي، ۽ ڪير اُهو سهي سگهندو؟


سج ڦري اونداهي ٿي ويندو، ۽ چنڊ بدلجي رت ٿي پوندو: اهو سڀ خداوند جي وڏي ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي ٿيندو.


فيصلي واري واديءَ ۾ خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي.


۽ خداوند صيون مان گجگار ڪندو ۽ يروشلم مان پنهنجو آواز ٻڌائيندو؛ ۽ آسمان ۽ زمين ڏڪي ويندا: پر خداوند پنهنجي قوم جي پناهہ ٿيندو ۽ بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ٿيندو.


هن فرمايو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ گرميءَ جي موسم جي ميوي جي هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان. تڏهن خداوند مون کي فرمايو، تہ منهنجي قوم اسرائيل جي پڇاڙي اچي بيٺي آهي؛ آءٌ اڳتي وري هنن کي معاف نہ ڪندس.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن مڇيءَ واري دروازي کان رڙ جو آواز، ۽ ٻئي پاڙي مان رودن، ۽ ٽڪرن تان وڏو ڪڙڪو ايندو.


خداوند خدا جي اڳيان ماٺ ڪري بيهہ؛ ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن ويجهو آيو آهي: خداوند هڪڙي قرباني تيار ڪئي آهي، ۽ هن پنهنجا مهمان بہ خاص طرح مقرر ڪري ڇڏيا آهن.


ڏسو، خداوند جي عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي آءٌ ايلياہ نبيءَ کي اوهان وٽ موڪليندس.


۽ خداوند جو ڏينهن يعني اُهو عظيم ۽ مشهور ڏينهن اچي، تنهن کان اڳيئي سج اونداهو ٿيندو، ۽ چنڊ رت ٿي پوندو.


شل اوهان جي بردباري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي وڃي. خداوند نزديڪ آهي.


ڇالاءِ جو خداوند پاڻ آسمان مان وڏيءَ للڪار سان ۽ وڏي ملائڪ جي آواز سان لهندو ۽ خدا جي تري وڄندي؛ ۽ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ گذر ڪري ويا آهن سي پهرين اُٿندا:


اُهو، جنهن جي آواز انهي وقت زمين کي لوڏي ڇڏيو، پر هاڻي هن واعدو ڏيئي چيو آهي، تہ ”هڪڙو ڀيرو اڃا بہ نہ رڳو زمين کي پر آسمان کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“


اي ڀائرو، هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان ڏوهاري ٺهرو: ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي.


۽ اهي لالچ جي ڪري ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي اوهان مان فائدو حاصل ڪندا. ۽ انهن جي بابت قديم زماني کان وٺي جيڪا سزا جي فتويٰ مليل آهي، سا وڌيڪ مهمل نہ رهندي، ۽ سندن بربادي ويجهي آئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ