Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 1:10 - Sindhi Bible

10 ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن مڇيءَ واري دروازي کان رڙ جو آواز، ۽ ٻئي پاڙي مان رودن، ۽ ٽڪرن تان وڏو ڪڙڪو ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن يروشلم جي مڇيءَ واري دروازي وٽان هڪ وڏي رڙ اٿندي، تہ نئين آباديءَ واري علائقي مان ماتم جو آواز، ۽ ٽڪرين مان هڪ وڏي تباهيءَ وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 1:10
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ دائود صيون جو قلعو ورتو؛ ۽ اهو ئي دائود جو شهر آهي.


۽ دائود انهيءَ قلعي ۾ رهندو هو، ۽ انهيءَ کي دائود جو شهر سڏيائون، ۽ دائود ملو کان وٺي اندر تائين چوڌاري گهر جوڙايا.


تڏهن خلقياہ ڪاهن، ۽ اخيقام، ۽ عڪبور، ۽ سافن، ۽ عساياہ، اُهي سڀيئي خلدہ نبيہ ڏانهن ويا، جا سلوم، بن تقوہ، بن خرخس، توشہ خاني جي داروغي جي زال هئي؛ (هاڻي اُها يروشلم جي ٻئي ڀاڱي ۾ رهندي هئي؛) ۽ انهن وڃي هن سان حال ڪيو.


تنهن کانپوءِ سليمان مورياہ جبل تي، يروشلم ۾ خداوند جو گهر جوڙائڻ شروع ڪيو، جتي خداوند هن جي پيءُ دائود کي ڏيکاري ڏني هئي، ۽ جنهن جي تياري هن انهيءَ جاءِ تي ڪئي، جا دائود ارنان يبوسيءَ جي ڳاهڻ واري پڙ ۾ مقرر ڪئي هئي.


انهيءَ طرح خداوند حزقياہ ۽ يروشلم جي رهاڪن کي اسور جي بادشاهہ سنحيرب، ۽ ٻين سڀني جي هٿن مان بچايو ۽ هر طرح هنن جي هدايت ڪيائين.


هاڻي انهيءَ کانپوءِ هن دائود جي شهر جي ڀت جيحون جي اُلهندي پاسي، واديءَ ۾، مڇيءَ واري دروازي جي لنگهہ تائين، عوفل جي چوڌاري جوڙائي؛ ۽ انهيءَ کي تمام گهڻو مٿي چاڙهيائين: ۽ هن يهوداہ جي ڪوٽ وارن سڀني شهرن ۾ بهادر سردار رکيا.


تڏهن خلقياہ، ۽ اهي جن کي بادشاهہ حڪم ڏنو، سي خلداہ نبيہ ڏي ويا، جا سلوم بن توقهت، بن خسراہ جي زال هئي، جو توشہ خاني جو داروغو هو؛ (هاڻي هوءَ يروشلم جي ٻئي حصي ۾ رهندي هئي؛) ۽ هنن انهيءَ بابت هن کي چيو.


۽ افرائيم واري دروازي جي مٿان، ۽ پراڻي دروازي، ۽ مڇيءَ واري دروازي، ۽ حنن ايل جي ٺلهہ، ۽ همياہ جي ٺلهہ جي پاسي کان، رڍن واري دروازي تائين: ۽ پهري واري دروازي وٽ هو ماٺ ڪري بيهي رهيا.


۽ مڇيءَ وارو دروازو، هسناہ جي پٽن جوڙيو؛ هنن انهيءَ تي ڪامون رکيون، ۽ انهيءَ جا طاق کڙا ڪيائون، ۽ انهيءَ جون تاڙيون، ۽ انهيءَ جا گز بيهاريائون.


اسين سڀ رڇن وانگي گجگوڙ ڪريون ٿا: ۽ ڳيرن وانگي اوساريون ٿا: اسين انصاف جي واٽ تڪيون ٿا، پر اهو نہ ٿو لڀي؛ نجات جا منتظر آهيون، پر اها اسان کان پري آهي.


۽ صدقياہ جي يارهين ورهيہ ۾، چوٿين مهيني جي نائين تاريخ، شهر جي ڀت هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون:)


ڇالاءِ جو مون هڪڙو آواز ٻڌو آهي جو انهي زال جهڙو آهي جا سورن ۾ هجي، انهي زال جهڙي دانهن جا پهريون ٻار ڄڻيندي آهي، صيون جي ڌيءَ جو آواز، جا پيئي سهڪي ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ هاڻ مون سان ويل آهي! ڇالاءِ جو منهنجي جان هنن خونين جي اڳيان ماندي ٿي ٿئي.


۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن هنن جا ڪُٺل ماڻهو، سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي، سڀني جبلن جي چوٽين تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ، ۽ سڀ ڪنهن شاهہ بلوط جي وڻ هيٺ، جتي هو پنهنجن سڀني بُتن لاءِ خوشبودار نذرانا چاڙهيندا هئا، اُتي سندن قربانگاهن جي چوڌاري، سندن بُتن جي وچ ۾، پيا رهندا.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ هيڪل جا راڳ انهي ڏينهن ۾ ماتم ٿيندا: لاشن جا ڍير لڳندا، سڀ ڪنهن هنڌ اُهي ماٺ ۾ ٻاهر اُڇلايا ويندا.


اُهو ڏينهن غضب جو ڏينهن آهي، تڪليف ۽ ڏک جو ڏينهن، تباهي ۽ ويراني جو ڏينهن، اونداهي ۽ انڌاري جو ڏينهن، ڪڪرن ۽ گُگهہ اونداهيءَ جو ڏينهن؛


خداوند خدا جي اڳيان ماٺ ڪري بيهہ؛ ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن ويجهو آيو آهي: خداوند هڪڙي قرباني تيار ڪئي آهي، ۽ هن پنهنجا مهمان بہ خاص طرح مقرر ڪري ڇڏيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ