Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 1:1 - Sindhi Bible

1 خداوند جو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن امون جي ڏينهن ۾ صفنياہ بن ڪوشي بن جدلياہ بن امرياہ بن حزقياہ تي نازل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هي خداوند جو اهو فرمان آهي، جيڪو يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ صفنياہ ولد ڪُوشي ولد جِدلياہ ولد امرياہ ولد حزقياہ تي نازل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 1:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ منسي پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ خود پنهنجي گهر جي باغ ۾، عزا جي باغ ۾ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ امون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


۽ هو عزا جي باغ ۾، پنهنجي قبر ۾ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ يوسياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


نيٺ منسي پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ هن کي خود سندس گهر ۾ دفن ڪيائون: ۽ سندس پٽ امون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


جنهن تي يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن امون جي ڏينهن ۾، سندس حڪومت جي تيرهين سال، خداوند جو ڪلام نازل ٿيو.


ڇالاءِ جو يهوداہ جو بادشاهہ سلوم بن يوسياہ، جو پنهنجي پيءُ يوسياہ جي بجاءِ بادشاهہ ٿيو آهي، ۽ جو هن هنڌان نڪري ٻاهر ويو آهي، تنهنجي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو وري اُتي نہ ايندو؛


يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن آمون جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ ورهيہ گذريا آهن، تن ۾ خداوند جو ڪلام مون وٽ آيو آهي ۽ مون صبح جو سوير اُٿي اوهان کي ٻڌايو آهي؛ پر اوهان نہ ٻڌو.


ڪبار نديءَ جي ڪناري تي، ڪسدين جي ملڪ ۾ خداوند جو ڪلام ظاهر ظهور حزقي ايل بن بوزي ڪاهن تي نازل ٿيو، ۽ اُتي خداوند جو هٿ هن تي هو.


اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس جي ڏينهن ۾، ۽ يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾، خداوند جو ڪلام هوسيع بن بيريءَ تي نازل ٿيو.


هرڪا لکيت، جا خدا جي الهام سان آهي سا تعليم، ۽ ڏوراپي، ۽ سڌاري، ۽ راستبازيءَ جي سيکارڻ لاءِ فائدي واري آهي؛


۽ اسان وٽ نبين جو ڪلام آهي، جو زيادہ اعتقاد جوڳو آهي؛ ۽ اوهين چڱو ٿا ڪريو جو انهي تي ايترو غور ٿا ڪريو جو ڄڻ تہ هڪڙو ڏيئو آهي، جو اونداهيءَ جاءِ ۾ تيستائين سوجهرو پيو ڏئي، جيستائين ڪ پرهہ ڦٽي، ۽ صبح جو ستارو اوهان جي دلين ۾ اُڀري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ