Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 9:6 - Sindhi Bible

6 ۽ حرامزادا اشدود ۾ بادشاهي ڪندا، ۽ آءٌ فلستين جو فخر ڀڃندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ۽ اشدود شهر تي حرامي اولاد قبضو ڪري وٺندو. ياد رکو، آءٌ اوهان فلستين جو غرور ٽوڙي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 9:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا مال، ۽ دولت، ۽ عزت ڏني آهي، ايتري قدر جو جيڪي هن جي دل گهري ٿي تنهن مان ڪنهن بہ شيءِ جي هن کي ڪمي ڪانهي، انهي هوندي بہ خدا هن کي اها طاقت نٿو ڏئي تہ انهي مان کائي، ۽ هڪڙو ڌاريو ماڻهو اُهو کائي ٿو. اها بيهودگي آهي، ۽ اهو هڪڙو خراب مرض آهي.


لشڪرن جي خداوند اها رٿ رٿي آهي، انهي لاءِ تہ ساري شان شوڪت جي مغروريءَ کي چٽ ڪري ۽ زمين جي سڀني عزت وارن کي ذليل ڪري.


افسوس آهي افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جي تاج تي، ۽ سندس شاندار سونهن جي ڪومائجندڙ گل تي، جو انهن جي آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، جن تي شراب غالب پيو آهي!


فرعون غزہ کي شڪست ڏني، تنهن کان اڳي فلستين بابت جيڪو خداوند جو ڪلام يرمياہ نبي تي نازل ٿيو سو هي آهي.


هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.


۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن کي اشدود مان وڍي ڇڏيندس؛ ۽ جيڪو شاهي چوب جهليو ويٺو آهي تنهن کي اسقلون مان؛ ۽ آءٌ پنهنجو هٿ عقرون جي برخلاف ڦيرائيندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ فلستين جا باقي بچيل ماڻهو چٽ ٿي ويندا.


اهو سندن مغروريءَ جي سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو هنن لشڪرن جي خداوند جي اُمت جي برخلاف طعنا هنيا آهن ۽ پاڻ کي وڏو چوايو اٿن.


ڇالاءِ جو غزہ سُڃو ٿي ويندو، ۽ اسقلون ويران ٿي ويندو: هو اشدود کي ٻپهرن جو ٻاهر هڪالي ڪڍندا، ۽ عقرون پاڙان پَٽيو ويندو.


اسقلون هوا ڏسي ڊڄندو، ۽ غزہ اِهو بہ ڏسي گهڻو ڏک ڪندو؛ ۽ عقرون شرمندو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جي اُميد ناس ٿيندي، ۽ غزہ جي بادشاهي ويندي رهندي ۽ اسقلون ويران ٿيندو.


آءٌ سندن وات مان رت پيئڻ ڪڍي ڇڏيندس، ۽ سندن ڏندن مان بُتن جي قربانيءَ جو کاڌو. ۽ هو بہ اسان جي خدا جي اڳيان باقي بچيل ٿيندو، ۽ هو يهوداہ ۾ سردار وانگر ٿيندو، ۽ عقرون يبوسين وانگي ٿيندو.


ساڳيءَ طرح، اي جوانو، اوهين وڏن جا تابعدار ٿيو. هائو، اوهين سڀ هڪٻئي جي خدمت ڪرڻ لاءِ نماڻائيءَ سان پنهنجي ڪمر ٻَڌو؛ ڇالاءِ جو ”خدا مغرورن جو مقابلو ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ