Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 9:5 - Sindhi Bible

5 اسقلون هوا ڏسي ڊڄندو، ۽ غزہ اِهو بہ ڏسي گهڻو ڏک ڪندو؛ ۽ عقرون شرمندو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جي اُميد ناس ٿيندي، ۽ غزہ جي بادشاهي ويندي رهندي ۽ اسقلون ويران ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي فلستيؤ! اوهان جي شهر اسقلون جا رهاڪو اهو سڀ ڏسي ڊڄي ويندا، غزہ توڙي عقرون شهر وارن کي اهو ڏسي دهشت وٺي ويندي، اهڙيءَ طرح سندن اميد خاڪ ۾ ملي ويندي. غزہ شهر جي بادشاهيءَ جو خاتمو ٿيندو، جڏهن تہ اسقلون شهر ويران ٿي ويندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 9:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن سال ۾ بادشاهہ آخز وفات ڪئي انهيءَ ۾ هيءُ ڪلام نازل ٿيو.


فرعون غزہ کي شڪست ڏني، تنهن کان اڳي فلستين بابت جيڪو خداوند جو ڪلام يرمياہ نبي تي نازل ٿيو سو هي آهي.


هائو، اي صور ۽ صيدا ۽ فلستيہ جا سڀ علائقا، اوهين منهنجي لاءِ ڇا آهيو؟ اوهين ڪو مون کي بدلو ڏيندا ڇا؟ ۽ جي اوهين ڏيندا، تہ ستت ئي ۽ سگهو ئي آءٌ اُهو اوهان جو بدلو خود اوهان جي سر تي آڻيندس.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ غزہ جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هو سڄي قوم کي قيد ڪري وٺي ويا، تہ انهن کي ادوم جي حوالي ڪن:


۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن کي اشدود مان وڍي ڇڏيندس؛ ۽ جيڪو شاهي چوب جهليو ويٺو آهي تنهن کي اسقلون مان؛ ۽ آءٌ پنهنجو هٿ عقرون جي برخلاف ڦيرائيندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ فلستين جا باقي بچيل ماڻهو چٽ ٿي ويندا.


ڏس، خداوند کيس خالي ڪندو؛ ۽ سندس فخر ڀڃي سمنڊ ۾ غرق ڪندو، ۽ باهہ کيس ساڙي چٽ ڪندي.


۽ حرامزادا اشدود ۾ بادشاهي ڪندا، ۽ آءٌ فلستين جو فخر ڀڃندس.


پر خداوند جي ملائڪ فلپس کي چيو تہ اُٿي ڏکڻ جي پاسي اُنهي رستي ڏانهن وڃ جو يروشلم کان غزہ ڏانهن ٿو وڃي: اُهو رڻ پٽ منجهان آهي.


۽ اُميد مان شرمندگي حاصل نٿي ٿئي؛ ڇالاءِ تہ پاڪ روح، جو اسان کي ڏنو ويو آهي، تنهن جي وسيلي سان خدا جو پيار اسانجين دلين ۾ اوتيو ويو آهي.


جو منهنجي دل جي آرزو ۽ اُميد اها آهي، تہ آئون ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيان، بلڪ ڏاڍيءَ بهادريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ منهنجي بدن ڪري مسيح جي وڏائي ٿئي، پوءِ توڙي جيئرو رهان يا مري وڃان:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ