Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 9:4 - Sindhi Bible

4 ڏس، خداوند کيس خالي ڪندو؛ ۽ سندس فخر ڀڃي سمنڊ ۾ غرق ڪندو، ۽ باهہ کيس ساڙي چٽ ڪندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پر رب العالمين هنن جو سڄو مال ملڪيت اڏائي ڇڏيندو. هائو، هو سندن طاقت سمنڊ ۾ اڇلائي وجھندو، ۽ سندن شهر کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 9:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شرارت جا خزانا ڪوبہ فائدو نٿا رسائين؛ پر سچائي موت کان ڇڏائي ٿي.


دولت غضب جي ڏينهن ڪنهن بہ ڪم نہ ٿي اچي: پر سچائي موت کان ڇڏائي ٿي.


هن پنهنجو هٿ سمنڊ جي مٿان ڊگهيريو آهي. هن بادشاهتن کي لوڏي ڇڏيو آهي: خداوند ڪنعان جي نسبت ۾ حڪم جاري ڪيو آهي تہ انهيءَ جا مضبوط قلعا ڊاهي ڇڏجن.


۽ تو لاءِ هو هڪڙو مرثيو کڻندا ۽ توکي چوندا تہ تون، جنهن ۾ سمنڊ تي سفر ڪندڙ ماڻهو رهندا هئا، يعني مشهور شهر جو سمنڊ ۾ مضبوط هو، ۽ انهي جا رهاڪو، جن منجهس آمدرفت پئي ڪئي! ۽ جن پنهنجو خوف سڀني تي ٿي وڌو، تون ڪيئن نہ ناس ٿي وئين!


تنهنجي واپار جي گهڻائي کان هنن تنهنجو وچ ظلم زبردستيءَ سان ڀري ڇڏيو، ۽ تو گناهہ ڪيو آهي: تنهنڪري مون توکي پليت ڄاڻي خدا جي جبل تان اُڇلائي ڇڏيو آهي، ۽ اي ڇانوَ ڏيندڙ ڪروبي، مون توکي باهہ جي پٿرن جي وچ مان ناس ڪري ڇڏيو آهي.


پنهنجن گناهن جي گهڻائيءَ کان، پنهنجي واپار جي بڇڙائيءَ ڪري، تو پنهنجا پاڪ مڪان ناپاڪ ڪري ڇڏيا آهن؛ تنهنڪري مون تنهنجي وچ ۾ باهہ آندي آهي، جنهن توکي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي، ۽ تنهنجي سڀني ڏسڻ وارن جي روبرو مون توکي زمين تي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي.


اي آدمزاد، صور جي بادشاهہ کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي دل مٿي چڙهي ويئي آهي، ۽ تو چيو آهي تہ آءٌ هڪڙو خدا آهيان، ۽ خدا جي جاءِ تي سمنڊ جي وچ ۾ ٿو ويهان؛ انهي هوندي بہ تون انسان آهين ۽ نہ خدا، جيتوڻيڪ تو پنهنجي دل خدا جهڙي بنائي آهي.


هو توکي لاهي کڏ ۾ وجهندا؛ ۽ تون انهن جو موت مرندين، جي سمنڊ جي وچ ۾ قتل ٿين ٿا.


۽ آءٌ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون يهوداہ جي اولاد جي هٿ وڪڻندس، ۽ اُهي اُنهن کي سبا جي ماڻهن وٽ، يعني هڪڙي پرانهين قوم وٽ وڪڻندا: ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.


پر آءٌ صور جي ڀت تي باهہ موڪليندس ۽ اُها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي.


اسقلون هوا ڏسي ڊڄندو، ۽ غزہ اِهو بہ ڏسي گهڻو ڏک ڪندو؛ ۽ عقرون شرمندو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جي اُميد ناس ٿيندي، ۽ غزہ جي بادشاهي ويندي رهندي ۽ اسقلون ويران ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ