Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 9:17 - Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو هن جي خوبي ۽ هن جي سونهن ڪهڙي نہ وڏي آهي! نوجوان مرد اناج سان ۽ ڪنواريون ڇوڪريون انگور جي رس سان سرهيون ٿينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 هنن جا نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون جھجھي اناج ۽ مئي سان پلي وڏا ٿيندا. هائو، اهي ڪيڏا نہ خوشحال ۽ صحتمند هوندا!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 9:17
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اسان جا پٽ جوانيءَ ۾ قداور وڻن جهڙا ٿين؛ ۽ اسان جون ڌيئرون محلات جي ڪنڊن جي گهڙيل پٿرن جهڙيون ٿين؛


اُهي تنهنجي وڏي ڀلائيءَ جي يادگيري ڪندا، ۽ تنهنجي راستبازيءَ جا گيت ڳائيندا؛


مون خداوند کي هڪڙو سوال ڪيو آهي، ۽ انهي جو آءٌ طالب رهندس؛ تہ آءٌ سڄي ڄمار خداوند جي گهر ۾ گذاريان، ۽ خداوند جو جمال ڏسان، ۽ سندس هيڪل ۾ ڌيان ڪريان.


جن کي تنهنجو ڊپ آهي، تن لاءِ ڪهڙي نہ وڏي ڀلائي تو گڏ ڪري رکي آهي، جا تو بني آدم جي اڳيان پنهنجي ايماندارن لاءِ ظاهر ڪئي آهي.


اي خدا تنهنجي ٻاجهہ ڪهڙي نہ قيمتي آهي! ۽ بني آدم تنهنجن پرن جي هيٺ اَجهو ٿا وٺن.


بني آدم ۾ تون سڀ کان سهڻو آهين؛ تنهنجا چپ فضل سان ڀرپور آهن: تنهن ڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برڪت ڏني آهي.


صيون جو سونهن ۾ ڪامل آهي، تنهن مان خدا جو جلوو ظاهر ٿيو آهي.


پر اي خداوند تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم ۽ سچائيءَ سان ڀرپور آهين.


ڇو جو تون اي خداوند نيڪ آهين، ۽ معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهين ۽ جيڪي توکي پڪارين ٿا تن تي تون ڏاڍو رحيم آهين.


شل خداوند اسان جي خدا جو جمال اسان تي هجي: تون اسان جي هٿن جي ڪم کي قائم ڪر؛ هائو، تون ئي اسان جي هٿن جي ڪم کي قائم ڪر.


اي خداوند معبودن ۾ تو جهڙو ڪوبہ ڪونهي: تو وانگر پاڪيزگيءَ ۾ جلال وارو، صفتن ۾ هيبت وارو، ۽ معجزا ڪندڙ، ٻيو ڪير آهي؟


منهنجو محبوب اڇو ۽ ڳاڙهو آهي، ڏهن هزارن مان هو سڀ کان مک آهي.


۽ تنهنجو وات تمام عمدي شراب جهڙو آهي، جو منهنجي محبوب جي لاءِ لسو وهندو وڃي، ۽ جيڪي سُتا پيا آهن تن جي چپن مان ترڪندو وڃي.


اوهان جون اکيون بادشاهہ کي سندس سونهن ۾ ڏسنديون: اهي پري تائين پکڙيل ملڪ ڏسنديون.


آسمان تان هيٺ نهار، ۽ پنهنجي پاڪ ۽ جلال واري مڪان مان ڏس، تنهنجا غيرت ۽ تنهنجا قدرت وارا ڪم ڪٿي آهن؟ تنهنجي آنڊن جي اُڪير ۽ تنهنجون رحمتون جي مون تي هيون سي روڪجي ويون آهن.


آءٌ خداوند جي پيار ڀري مهربانيءَ جو، ۽ خداوند جي تعريف جو، انهن سڀني نعمتن موجب ذڪر ڪندس، جي اسان کي عطا ڪيون اٿس؛ ۽ اسرائيل جي گهراڻي سان پنهنجن رحمتن، ۽ بي انداز پيار ڀريءَ مهربانيءَ موجب جيڪا ڀلائي ڪئي اٿس.


۽ هو ايندا ۽ صيون جي چوٽيءَ تي ڳائيندا، ۽ گڏجي خداوند جي چڱائيءَ ڏي اُٿي هلندا، يعني اناج ڏي ۽ مئي ڏي، ۽ تيل ڏي، ۽ ڌڻ ڏي، ۽ ڌڻ ۽ گلي جي ٻچن ڏي: ۽ هنن جو روح پاڻي ڏنل باغ جهڙو ٿيندو، ۽ هو وري ڪڏهن بہ ڏک نہ ڪندا،


۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ ڪاهنن جي جان کي چڪنائيءَ سان ڀريندس ۽ منهنجي قوم منهنجي چڱائي مان راضي رهندي.


۽ اوهين ججهو کائيندا ۽ ڍءُ ڪندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي تعريف ڪندا، جنهن اوهان سان اهڙي عجيب هلت ڪئي آهي: ۽ منهنجي قوم ڪڏهن بہ شرمندي نہ ٿيندي.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جبلن تان مٺو شراب وهندو، ۽ ٽڪرين مان کير جون نديون وهنديون، ۽ يهوداہ جون سڀ نهرون پاڻيءَ سان وهنديون؛ خداوند جي گهر مان هڪڙو چشمو نڪرندو ۽ شطيم جي واديءَ کي ريج ڏيندو.


۽ ڪلام مجسم ٿيو، ۽ فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ٿي اسان وٽ اچي رهيو؛ (۽ اسان سندس اهڙو جلال ڏٺو، جهڙو پيءُ جي هڪڙي ئي جو جلال).


ڇالاءِ جو خدا جهان کي اهڙو پيار ڪيو، جو پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنائين، تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي، سو برباد نہ ٿئي، پر کيس هميشہ جي زندگي ملي.


شريعت وچ ۾ آئي انهي لاءِ تہ ڏوهہ وڌيڪ ٿئي؛ پر جتي گناهہ گهڻو ٿيو آهي، اُتي فضل هيڪاري وڌيڪ ٿيو:


پر خدا پنهنجي پيار جي خوبي هن طرح اسان تي ظاهر ٿو ڪري، جو جڏهن اسين اڃا گنهگار ئي هئاسين تڏهن مسيح اسان جي خاطر مُئو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ