Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 9:16 - Sindhi Bible

16 ۽ خداوند سندن خدا انهيءَ ڏينهن کين پنهنجين رڍن وانگر بچائيندو: ڇالاءِ جو اهي ڇٽ جي جواهرن وانگي ٿيندا، جو سڄي ملڪ ۾ چمڪي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند خدا پنهنجي قوم کي ائين بچائي وٺندس، جيئن ڪو ريڍار پنهنجي ڌڻ کي خطري مان بچائي ٿو وٺي. اهي منهنجي ملڪ ۾ ائين چمڪندا، جيئن هيرا جواهر تاج ۾ چمڪندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 9:16
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين پڪ ڄاڻو تہ خداوند ئي خدا آهي؛ هن ئي اسان کي پيدا ڪيو، ۽ اسين سندس ئي آهيون: اسين سندس اُمت ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.


اهي پهڻ اسرائيل جي پٽن جي نالن موافق ۽ سندن نالن جي شمار موجب ٻارهن هجن. اهي ٻارهن قبيلن جي لاءِ هجن، يعني جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن هرهڪ تي هڪڙي قبيلي جو نالو اُڪريل هجي.


۽ تون ٻہ سليماني پهڻ کڻي، انهن تي اسرائيل جي پٽن جا نالا اُڪر.


ڏسو، خداوند، خدا طاقت مند وانگي ايندو ۽ هن جي ٻانهن سندس لاءِ حڪم هلائيندي: ڏسو، هن جو انجام ساڻس آهي، ۽ هن جو عيوضو سندس اڳيان آهي.


آءٌ تنهنجا منارا لعلن جا، ۽ تنهنجا دروازا ياقوت جا، ۽ تنهنجون سڀ ديوارون عمدن پٿرن ۽ جواهرن جون جوڙيندس.


۽ جن توکي ستايو آهي تن جا پٽ مٿو جهڪائي تو وٽ ايندا؛ ۽ جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي سي سڀ تنهنجن پيرن جي ترين وٽ سجدو ڪندا؛ ۽ توکي خداوند جو شهر ۽ اسرائيل جي قدوس جو صيون سڏيندا.


۽ تنهنجيءَ روشنائي تي قومون اينديون، ۽ تنهنجي اُڀرڻ جي چمڪاٽ تي بادشاهہ ايندا.


تون خداوند جي هٿ ۾ سونهن جو تاج ٿيندينءَ، ۽ پنهنجي خدا جي هٿ ۾ شاهي ڇٽ ٿيندينءَ.


۽ جن جن ملڪن ۾ مون پنهنجي ڌڻ مان باقي بچيلن کي هڪالي ڇڏيو آهي، اُتان انهن کي اُڻي گڏ ڪندس، ۽ سندن واڙي ۾ موٽائي آڻيندس؛ ۽ هو ڦردار ٿيندا ۽ وڌندا ويجهندا.


اي قومون، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو، ۽ پرانهين ٻيٽن ۾ اهو ٻڌايو؛ ۽ چئو تہ جنهن اسرائيل کي ڇڙوڇڙ ڪيو، سو ئي هن کي گڏ ڪندو ۽ سنڀاليندو، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ کي سنڀاليندو آهي.


ڇالاءِ جو خداوند يعقوب کي عيوضو ڏئي ڇڏايو آهي، ۽ جيڪو کانئس ڏاڍو هو تنهن جي هٿان هن کي آزاد ڪرائي ورتو اٿس.


ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ پاڻ پنهنجين رڍن جي تلاش ڪندس ۽ انهن کي ڳولي لهندس.


جيئن ڪو ڌنار انهي ڏينهن پنهنجو ڌڻ ڳولي لهي، جنهن ڏينهن هو پنهنجين رلي ويل رڍن ۾ هجي، تيئن آءٌ بہ پنهنجون رڍون ڳولي لهندس؛ ۽ جن جن جاين تي هو بادل ۽ اونداهيءَ واري ڏينهن پکڙي ويون آهن اُتان آءٌ انهن کي ڇڏائيندس.


۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهين جي منهنجون رڍون، يعني منهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيو، سي انسان آهيو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا آهيان.


۽ هو خداوند جي طاقت سان ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي وڏائيءَ سان بيهي پنهنجو ڌڻ چاريندو: ۽ اُهي اُتي قائم ٿيندا، ڇالاءِ جو هاڻي هو زمين جي ڪنارن تائين بزرگ ٿيندو.


پنهنجي قوم کي، ۽ جيڪو تنهنجي ورثي جو ڌڻ آهي تنهن کي، پنهنجي لٺ کڻي ڪرمل جي ٻيلي منجهہ چار: ڀلي تہ بسن جلعاد ۾ چرن، جيئن اڳين ڏينهن ۾ ڪندا هئا.


انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي اندر وٺي ايندس، ۽ انهي وقت آءٌ اوهان کي گڏ ڪندس: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جڏهن آءٌ اوهانجين اکين اڳيان اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس، تڏهن آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني قومن ۾ تعريف وارو ۽ ناميارو ڪندس.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن، اي منهنجا ٻانها زروبابل، سيالتي ايل جا پٽ، آءٌ توکي وٺندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي نگينہ منڊيءَ وانگي ڪندس: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توکي چونڊيو آهي.


۽ آءٌ يهوداہ جي گهراڻي کي مضبوط ڪندس، ۽ يوسف جي گهراڻي کي بچائيندس، ۽ کين موٽائي وٺي ايندس، ڇالاءِ جو مون کي انهن تي رحم آهي؛ ۽ هو ائين ٿيندا ڄڻ تہ مون کين ڪڏهن ڪڍي نہ ڇڏيو هو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ ڏهہ ماڻهو جن جي علحدي ٻولي هوندي، سي اچي هڪڙي يهوديءَ جو پلئُہ جهليندا ۽ چوندا تہ اسين اوهان سان هلنداسين، ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ خدا اوهان سان آهي.


اي ننڍڙا ڌڻ، ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو اوهان جي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ اوهان کي بادشاهت عطا ڪري.


منهنجيون رڍون منهنجو آواز ٻُڌن ٿيون، ۽ آئون اُنهن کي سڃاڻان ٿو، ۽ اُهي منهنجي پٺيان ٿيون اچن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ