Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 9:15 - Sindhi Bible

15 لشڪرن جو خداوند سندن بچاءُ ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن دشمنن کي ڳهي ويندا، ۽ لسن پٿرن کي لتاڙيندا؛ ۽ هو شرابين وانگر پي متوالا ٿيندا، ۽ اهڙا ڀرجي ويندا، جهڙا قربانگاهہ جي ڪنڊن وارا پيالا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 آءٌ قادر‌مطلق خداوند پنهنجي قوم جي حفاظت ڪندس. پوءِ هو پنهنجي دشمنن ۾ تباهي مچائي مٿن غالب ايندا. هائو، هو مئي پيئندڙن وانگر مست ٿي جنگ ۾ گجندا وتندا. جيئن قربان‌گاهہ تي قربانيءَ جي جانور جي وهندڙ رت مان ٿانءُ ڀرجي ٽمٽار ٿي ويندو آهي، تيئن هو دشمنن جو رت وهائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 9:15
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تير هن کي ڀڄائي نٿو سگهي: کانڀاڻيءَ جا پٿر هن وٽ ڦري ٻٿ ٿين ٿا.


تڏهن خدا ڄڻ تہ ننڊ مان جاڳيو، جيئن ڄڻ تہ ڪو پهلوان شراب پي ڏاڍيان پڪاري.


۽ تون انهيءَ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ ٺاهج، انهيءَ جا سڱ انهي ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هجن: ۽ تون انهيءَ تي پتل جو پٽ چاڙهج.


مون کي ڇڪي وٺ، اسين تنهنجي پٺيان ڊوڙنديونسين: بادشاهہ مون کي پنهنجن ڪوٺين ۾ وٺي آيو آهي: اسين خوش ٿينديونسين ۽ تنهنجي ڪري خوشيون ڪنديونسين، اسين شراب کان وڌيڪ تنهنجي محبت جو ذڪر ڪنديونسين: هو سچيءَ دل سان تنهنجيون عاشق آهن.


اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، آءٌ پنهنجي باغ ۾ آيو آهيان: مون پنهنجي مر پنهنجي مصالحہ سميت گڏ ڪئي آهي؛ مون پنهنجو مانارو پنهنجي ماکيءَ سميت کاڌو آهي؛ مون پنهنجو شراب پنهنجي کير سان پيتو آهي. اي دوستو کائو؛ هائو، اي محبوب پيءُ، بي انداز پيءُ.


۽ تنهنجو وات تمام عمدي شراب جهڙو آهي، جو منهنجي محبوب جي لاءِ لسو وهندو وڃي، ۽ جيڪي سُتا پيا آهن تن جي چپن مان ترڪندو وڃي.


ڇالاءِ جو آءٌ خود پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر هن شهر جي حفاظت ڪري هن کي بچائيندس.


اوهين سڀ جي اُڃيا آهيو سي پاڻيءَ تي اچو، ۽ اهو بہ، جنهن وٽ پئسو ڪونهي؛ اچو خريد ڪري کائو؛ هائو، اچو؛ شراب ۽ کير اڻ مُلهو ۽ بنا پئسي خريد ڪريو.


۽ اهو انهي رت مان ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪا قربانگاهہ آهي، تنهن جي سڱن تي خداوند جي حضور ۾ وجهي، ۽ باقي رت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، جيڪا سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


۽ ڪاهن انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان، ڪجهہ پنهنجي آڱر سان کڻي، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ انهي جو باقي رت سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


۽ ڪاهن انهي رت مان ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪا خوشبوءِ دار لوبان جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي سڱن تي خداوند جي حضور ۾ وجهي؛ ۽ وهڙي جو باقي سڀ رت، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ جيڪا سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


۽ يعقوب جا باقي بچيل ملڪن ۽ گهڻين قومن جي وچ ۾ ائين هوندا، جيئن شينهن ٻيلي جي جانورن ۾، ۽ جوان شينهن رڍن جي ڌڻن ۾ ٿيندو آهي: جو جڏهن انهن مان لنگهي وڃي ٿو، تڏهن انهن کي لتاڙي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪريو ڇڏي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو ڪونهي.


۽ اُهي پهلوانن وانگر لڙائيءَ ۾ دشمنن کي رستي جي گپ وانگر لتاڙيندا؛ ۽ اهي وڙهندا، ڇالاءِ جو خداوند انهن سان آهي: ۽ گهوڙي سوار مُنجهي پوندا.


۽ بني افرائيم پهلوانن وانگر ٿيندا، ۽ سندن دل اهڙي خوش ٿيندي، جهڙي شراب پيئڻ سان ٿيندي آهي: هائو، سندن اولاد بہ ڏسندو ۽ خوشي ڪندو؛ سندن دل خداوند ۾ خوش رهندي.


انهيءَ ڏينهن آءٌ يهوداہ جي سردارن کي ڪاٺين ۾ ٻرندڙ باهہ وانگر، ۽ گڏن ۾ ٻرندڙ مشعل وانگر ڪندس؛ ۽ هو پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي ۽ چوڌاري قومن کي ڳڙڪائي ويندا: پر يروشلم جا رهاڪو وري پنهنجي جاءِ تي، يعني يروشلم ۾ رهندا.


انهيءَ ڏينهن خداوند يروشلم جي رهاڪن جو بچاءُ ٿيندو؛ ۽ انهن مان سڀ ڪنهن کان ضعيف دائود وانگر ٿيندو، ۽ دائود جو گهراڻو خدا وانگر يعني خدا جي فرشتي وانگر ٿيندو، جو سندن اڳيان اڳيان هلي ٿو.


انهيءَ ڏينهن گهوڙن جي گهنگهرن تي لکيل هوندو تہ خداوند جي لاءِ پاڪ آهن؛ ۽ خداوند جي گهر جا باسڻ، قربانگاهہ جي پيالن وانگر ٿيندا.


تڏهن خداوند نڪري انهن قومن سان وڙهندو، جيئن جنگ جي ڏينهن هو وڙهيو.


ڏس، آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ ٿو لوڏيان، ۽ هو انهن لاءِ لٽ ٿي پوندا جن سندن ٻانهپ ٿي ڪئي، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي موڪليو آهي.


ڇالاءِ جو هن جي خوبي ۽ هن جي سونهن ڪهڙي نہ وڏي آهي! نوجوان مرد اناج سان ۽ ڪنواريون ڇوڪريون انگور جي رس سان سرهيون ٿينديون.


ڇالاءِ جو صليب جو پيغام اُنهن لاءِ بيوَقوفي آهي جي برباد پيا ٿين، پر اسين جي نجات حاصل پيا ڪريون، تن جي لاءِ اهو خدا جي قدرت آهي.


۽ شراب پي متوالا نہ ٿيو، جو انهي مان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي، پر روح سان ڀرپور رهو؛


تڏهن دائود فلستيءَ کي چيو تہ تون مون تي ترار، ۽ نيزو، ۽ بڻڇي کڻي ٿو اچين، پر آءٌ توتي لشڪرن جي خدا، اسرائيل جي لشڪرن جي خدا جي نالي سان ٿو اچان، جنهن کي تو هاڪاريو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ