Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 9:14 - Sindhi Bible

14 ۽ خداوند هنن جي مٿان ڏيکاري ڏيندو ۽ سندس تير بجليءَ وانگر نڪرندو: ۽ خداوند خدا قرناءِ وڄائيندو ۽ ڏکڻ جي واءُ وانگر ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 آءٌ خداوند جڏهن جنگ جي نفيل وڄائيندس، تڏهن ڏکڻ جي طوفان جيان اچي ڪڙڪندس، ۽ پنهنجا تير کِنوڻ جي صورت ۾ دشمنن تي ڪيرائيندس. اهڙيءَ طرح آءٌ خداوند پنهنجي قوم تي پاڻ کي ظاهر ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 9:14
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏکڻ جي ڪوٺيءَ مان طوفان اچي ٿو: ۽ اُتر مان ٿڌ.


هن پنهنجا تير هڻي اُنهن کي ڇڙوڇڙ ڪيو، بلڪ وِڄون وسائي اُنهن کي بند ڪيائين.


تڏهن پاڻيءَ جا وهڪرا ڏسڻ ۾ آيا، ۽ زمين جا بنياد ظاهر ٿيا: خداوند جي ڇينڀ تي، ۽ هن جي ناسن مان نڪتل واچوڙي جي ڪري.


اي جهان جا رهندڙ، ۽ زمين جا رهاڪو، جڏهن جبلن تي ڪو جهنڊو کڙو ڪيو وڃي، تڏهن اوهين ڏسو؛ ۽ جڏهن قرناءِ وڄائي وڃي تڏهن اوهين ٻڌو.


سمنڊ جي بيابان بابت ڪلام. جيئن ڏکن ۾ واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگهندا وڃن، تيئن هو بيابان مان، ۽ خوفناڪ زمين مان اچي ٿو.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙي وڏي تري وڄائي ويندي، ۽ جيڪي اسور جي ملڪ ۾ تباهہ ٿيڻ تي هئا، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ جلاوطن هئا، سي ايندا؛ ۽ اُهي يروشلم جي پاڪ جبل تي خداوند جي عبادت ڪندا.


۽ خداوند پنهنجو جلال وارو آواز ٻڌائيندو، ۽ پنهنجي غصي جي جوش سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، ۽ واچ ۽ طوفان ۽ ڳڙن سان پنهنجي ٻانهن جو نازل ٿيڻ ڏيکاريندو.


اُڏامندڙ پکين وانگي، لشڪرن جو خداوند يروشلم کي بچائيندو؛ هو انهي کي بچائيندو ۽ ڇڏائيندو، ۽ اُنهي تي چشم پوشي ڪندو ۽ کيس قائم رکندو.


ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند باهہ سان ايندو، ۽ هن جون جنگي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون؛ انهيءَ لاءِ تہ هن جو غصو جوش وارو، ۽ هن جي ملامت باهہ جي شعلن واري ٿئي.


تنهنجي اُڏامندڙ تيرن جي روشني ڪري، ۽ تنهنجي چمڪندڙ ڀالي جي روشنيءَ تي، سج ۽ چنڊ پنهنجي جاءِ ۾ ماٺ ڪري بيٺا؛


تو سندن ئي لٺ سان سندن بهادرن جو سر ڦوڙيو: هو مون کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واچوڙي وانگر آيا، ۽ هنن جي خواهش انهيءَ ۾ هئي تہ غريبن کي ڳجهيءَ طرح ڳهي وڃن.


انهيءَ ڏينهن خداوند يروشلم جي رهاڪن جو بچاءُ ٿيندو؛ ۽ انهن مان سڀ ڪنهن کان ضعيف دائود وانگر ٿيندو، ۽ دائود جو گهراڻو خدا وانگر يعني خدا جي فرشتي وانگر ٿيندو، جو سندن اڳيان اڳيان هلي ٿو.


تڏهن خداوند نڪري انهن قومن سان وڙهندو، جيئن جنگ جي ڏينهن هو وڙهيو.


ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ خود انهي لاءِ چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس، ۽ آءٌ انهي جي وچ ۾ جلالي ٿيندس.


۽ هو تُريءَ جي وڏي آواز سان پنهنجا ملائڪ موڪليندو، ۽ اُهي آسمان جي هڪڙيءَ حد کان ٻيءَ حد تائين چئني ڪنڊن مان هن جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


يعني اُهي ڳالهيون جي نشانين ۽ معجزن جي طاقت سان، ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ظاهر ٿيون؛ ايتري قدر جو مون يروشلم کان وٺي چئني پاسي اِلرڪم تائين مسيح جي خوشخبريءَ جي پوريءَ طرح منادي ڪئي آهي.


خدا بہ انهن سان گڏ پنهنجي مرضيءَ موافق، نشانين ۽ عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي قدرتن، ۽ پاڪ روح جي نعمتن جي وسيلي، انهن جي شاهدي ڏيندو رهيو.


۽ اهي سڀ بادشاهہ، ۽ انهن جا ملڪ، يشوع هڪڙي ئي وقت ورتا، ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا اسرائيل جي پاران وڙهيو.


۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هڪڙو اڇو گهوڙو آهي، ۽ جيڪو انهي تي سوار هو تنهن وٽ هڪڙي ڪمان هئي؛ ۽ انهي کي هڪڙو تاج ڏنو ويو: ۽ هو فتح ڪندو، ۽ وڌيڪ فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ