Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 9:11 - Sindhi Bible

11 ۽ تنهنجي لاءِ ائين ٿيندو تہ تنهنجي عهد اقرار جي رت جي سبب آءٌ تنهنجن قيدين کي سُڪل کوهہ مان ڪڍي ايندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اوهان ۽ منهنجي وچ ۾ رت سان قائم عهد اقرار سبب، آءٌ اوهان جي جلاوطن ٿيلن کي ڄڻ انڌي کوهہ مان ٻاهر ڪڍي آڻيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 9:11
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ آءٌ پنهنجي خواري کڻي ڪيڏي وينديس؟ ۽ تون اسرائيلين ۾ بي عقلن مان هڪڙو شمار ۾ ايندين. تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ انهيءَ بابت بادشاهہ کي چئُہ؛ ڇالاءِ جو هو مون کي توکان ڪين روڪيندو.


باقي تون، سو جيڪڏهن منهنجي اڳيان ائين هلندين، جيئن تنهنجو پيءُ دائود هلندو هو، ۽ ائين ڪندين جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي، ۽ منهنجن قاعدن ۽ فيصلن جي سنڀال رکندين؛


انهيءَ لاءِ تہ هن جي روح کي کڏ مان ڪڍي اچي، تہ هن کي جيئرن جي روشنائي ملي.


اي خداوند، تو منهنجيءَ جان کي قبر مان ڪڍي آندو آهي: تو مونکي جيئرو رکيو آهي، تہ آءٌ قبر ۾ نہ پوان.


هن مون کي خوفناڪ کڏ ۽ ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍيو؛ ۽ منهنجا پير ٽڪر تي رکيا، ۽ منهنجيءَ چال کي قائم ڪيائين.


ڇو جو خداوند محتاجن جي ٻڌي ٿو، ۽ پنهنجي قيدين سان نفرت نٿو رکي.


تڏهن موسيٰ اهو رت کڻي ماڻهن تي ڇاٽاريو ۽ چيائين تہ ڏسو، هي انهي عهد جو رت آهي، جو خداوند هنن سڀني ڳالهين بابت اوهان سان ڪيو آهي.


۽ هو ائين گڏ ڪيا ويندا جيئن قيدي بهري ۾ گڏ ڪبا آهن، ۽ قيدخاني ۾ بند ڪيا ويندا آهن ۽ پوءِ گهڻن ڏينهن کان پوءِ انهن جي خبر لهندا.


پر هيءَ اها اُمت آهي جا ڦرجي ۽ لٽجي ويئي آهي: اهي سڀ چرن ۾ ڦاٿل، ۽ قيد خانن ۾ بند ٿيل آهن: اهي شڪار ٿي ويا آهن ۽ ڪوبہ انهن کي نٿو ڇڏائي؛ اهي لٽجي ويا آهن ۽ ڪوبہ نٿو چوي تہ موٽائي ڏيون.


تہ تون انڌن جون اکيون کولين، قيدين کي قيد مان ڪڍين، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺا آهن، تن کي قيد خاني مان ڪڍين.


۽ جيڪي بند ۾ آهن تن کي چوين تہ نڪري اچو، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن تن کي چوين تہ پاڻ کي ظاهر ڪريو. اهي رستن تي کائيندا ۽ سڀني ويران ٽڪرين تي بہ انهن کي کاڌو ملندو.


جلاوطن قيدي جلد آزاد ڪيا ويندا؛ هو نہ مرندو، نہ پاتال ۾ ويندو، نڪي هن جي ماني کٽندي.


۽ جيڪي تنهنجي نسل مان ٿيندا سي جهونيون ويران جايون وري جوڙيندا: تون گهڻين پيڙهين جي بنياد تي اڏاوت ڪندين؛ ۽ تون ڊٺلن جي مرمت ڪندڙ ۽ رهڻ لاءِ واٽن جو سنواريندڙ سڏبين.


خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان.


تڏهن هنن يرمياہ کي کڻي ملڪياہ شهزادي جي بهري ۾ وڌو، جو پهري وارن جي ايوان ۾ هو: ۽ يرمياهہ کي رسن سان انهي ۾ هيٺ لاهي وڌائون: ۽ انهي بهري ۾ پاڻي ڪونہ هو پر گپ هئي: ۽ يرمياہ گپ ۾ گپي ويو.


اي بادشاهہ بستري تي سُتي پئي تنهنجي دل ۾ هي خيال آيا تہ هن کان پوءِ ڇا ٿي گذرندو: ۽ جيڪو ڳجهن ظاهر ڪرڻ وارو آهي تنهن، جيڪي ٿيڻو آهي، سو توکي ڄاڻايو آهي.


ڇالاءِ جو هيءُ عهد جو منهنجو اُهو رت آهي، جو گهڻن جي گناهن جي معافيءَ واسطي وهائجي ٿو.


۽ چيائين تہ عهد جو هيءُ منهنجو رت آهي، جو گهڻن لاءِ وهائجي ٿو.


۽ هن پڪاري چيو تہ اي بابا ابراهيم، مون تي رحم ڪر، ۽ لعزر کي موڪل، تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منهنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇالاءِ جو آئون هن ڄر ۾ پيو لڇان.


۽ ساڳيءَ ريت کائڻ کانپوءِ پيالو کڻي چيائين تہ هيءُ پيالو منهنجي رت ۾ اُهو نئون عهد آهي، جو اوهان لاءِ وهائجي ٿو.


”خداوند جو روح مون تي آهي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مون کي مسح ڪيو اٿس، ۽ مون کي موڪليو اٿس تہ قيدين کي ڇُٽڻ جي، ۽ انڌن کي سڄي ٿيڻ جي خبر ٻڌايان، ۽ جيڪي لتاڙيل آهن، تن کي آزاد ڪريان،


ساڳيءَ طرح ماني کائڻ کان پوءِ هن پيالو بہ کنيو، ۽ چيائين تہ هي پيالو منهنجي رت ۾ نئون عهد آهي؛ جڏهن بہ اوهين اهو پيئو، منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.


پر تون هتي مون وٽ بيٺو رهہ، ۽ آءٌ توکي اهي سڀ حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا ٻڌائيندس، جي تون انهن کي سيکارج، انهي لاءِ تہ جيڪو ملڪ آءٌ انهن کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪن.


نہ تہ جيڪر قربانيون چاڙهڻ بند ٿي وڃن ها؟ ڇالاءِ جو جيڪڏهن عبادت ڪرڻ وارا هڪ دفعي پاڪ ٿي وڃن ها، تہ پوءِ اڳتي هنن کي گناهن جي يادگيري بہ ڪانہ رهي ها.


تڏهن اوهين خيال ڪريو تہ اُهو شخص ڪيتري نہ وڌيڪ سزا جو لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي. ۽ جنهن عهد جي رت سان هو پاڪ ڪيو ويو، تنهن کي هن هڪڙي ناپاڪ شيءِ ليکيو آهي، ۽ فضل جي روح کي بي عزت ڪيو اٿس.


هاڻي خدا جو اطمينان جو چشمو آهي، جنهن رڍن جي وڏي چرواهي کي، يعني اسان جي خداوند يسوع کي، هميشہ جي عهد جي رت جي وسيلي مُئلن مان وري جياري اُٿاريو،


۽ اُنهيءَ اوڙاهہ ۾ اُڇلائي اتي بند ڪري ڇڏيائينس، ۽ مٿس مهر هڻي ڇڏيائين، تہ هزار ورهين جي پوري ٿيڻ تائين وري قومن کي گمراهہ نہ ڪري؛ انهي کانپوءِ ٿوري وقت تائين کيس ڇوڙيو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ