Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 9:10 - Sindhi Bible

10 ۽ آءٌ افرائيم مان رٿ، ۽ يروشلم مان گهوڙو وڍي ڇڏيندس، ۽ جنگي ڪمان ڀڃي ڇڏيندس؛ ۽ هو قومن سان صلح سلامتيءَ جون ڳالهيون ڪندو: ۽ هن جي بادشاهي سمنڊ کان سمنڊ تائين ۽ فرات نديءَ کان زمين جي حد تائين ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 آءٌ اسرائيل ۽ يهوداہ مان جنگ ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، اتان آءٌ جنگي گھوڙا ۽ گھوڙي گاڏيون هٽائي ڇڏيندس، ۽ جنگي هٿيار ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندس. اوهان جو اهو بادشاهہ قومن منجھہ امن وَ سلامتي آڻيندو. اولهہ کان اوڀر تائين توڙي اتر کان ڏکڻ تائين، هن جي ئي حڪومت پيئي هلندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 9:10
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي زمين تائين، ۽ مصر جي سرحد تائين جيڪي بادشاهتون هيون تن سڀني تي سليمان حڪم هلائيندو هو؛ اُهي نذرانا آڻيندا هئا، ۽ سندس ساري حياتيءَ جا ڏينهن سليمان جي خدمت چاڪري ڪندا رهيا.


هن جو نالو هميشہ تائين قائم رهندو؛ جيسين سج هوندو تيسين سندس نالو پيو هلندو: ماڻهن کي هن جي ڪري برڪت ملندي؛ ۽ سڀيئي قومون هن کي خوش نصيب چونديون.


تنهنجي اُمت جي لاءِ جبلن مان سلامتي، ۽ ٽڪرين مان راستبازي پيدا ٿيندي.


جيڪي خداوند خدا فرمائيندو سو آءٌ ٻڌندس: ڇو جو هو پنهنجي اُمت ۽ پنهنجن مقدسن سان سلامتيءَ جي ڳالهہ ڪندو: پر اهي وري بيوقوفي نہ ڪن.


هو مون کي پڪاري چوندو تہ تون منهنجو پيءُ، ۽ منهنجو خدا، ۽ منهنجي نجات جو ٽڪر آهين.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يسيءَ جي پاڙ، جا قومن ۾ نشان جي بجاءِ کڙي ٿيندي، تنهن کي قومون ڳولينديون؛ ۽ هن جي آرام جي جاءِ جلال واري ٿيندي.


۽ اهو قومن جي وچ ۾ عدالت ڪندو، ۽ گهڻن ماڻهن کي ڇينڀيندو: ۽ اهي پنهنجون تراريون ڀڃي انهن مان هر ڦار ڪندا، ۽ پنهنجي نيزن مان انگڙا جوڙيندا: هڪڙي قوم ٻي قوم تي نہ ترار کڻندي، ۽ نہ اهي وري اڳتي جنگ سکندا.


هائو، هو فرمائي ٿو تہ اها هڪڙي تمام خسيس ڳالهہ آهي تہ يعقوب جي قبيلن کي اُٿارڻ لاءِ، ۽ اسرائيل جي بچيلن کي قائم ڪرڻ لاءِ تون منهنجو بندو ٿين: آءٌ توکي غير قومن لاءِ روشنائي ڪري ڏيندس، تہ زمين جي ڇيڙي تائين تون منهنجي نجات پهچائين.


ڇالاءِ تہ جيڪا قوم ۽ بادشاهت تنهنجي خدمت نہ ڪندي سا تباهہ ٿي ويندي؛ هائو، اهي قومون اصل چٽ ٿي وينديون.


پر آءٌ يهوداہ جي گهراڻي تي رحم ڪندس، ۽ هنن کي خداوند سندن خدا جي وسيلي بچائيندس؛ نہ ڪمان يا ترار، يا گهوڙن، يا گهوڙي سوارن جي وسيلي.


۽ انهي ڏينهن آءٌ هن جي پاران جهنگ جي جانورن، ۽ آسمان جي پکين، ۽ زمين جي سرندڙ شين سان عهد اقرار ڪندس: ۽ آءٌ انهي زمين مان ڪمان، ۽ ترار، ۽ لڙائي ڪڍي ڇڏيندس، ۽ هنن کي سلامتيءَ سان آرام ۾ ليٽائيندس.


هائو، آءٌ توکي پنهنجي وفاداريءَ ۾ پنهنجي مڱ ڪندس، ۽ تون خداوند کي سڃاڻندينءَ.


اي ڌڻ جا ٺلهہ، اي صيون جي ڌيءَ جي ٽڪري، اهو تنهنجي لاءِ ٿيندو، يعني اها اڳين حڪومت جا يروشلم جي ڌيءَ جي بادشاهت آهي سا توکي ملندي.


۽ هو خداوند جي طاقت سان ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي وڏائيءَ سان بيهي پنهنجو ڌڻ چاريندو: ۽ اُهي اُتي قائم ٿيندا، ڇالاءِ جو هاڻي هو زمين جي ڪنارن تائين بزرگ ٿيندو.


ڀلي تہ تنهنجو هٿ تنهنجن دشمنن تي غالب پئي، ۽ ڀلي تہ تنهنجا سڀ ويري وڍجي وڃن.


۽ آءٌ بادشاهتن جو تخت اُڇلائي ڇڏيندس؛ ۽ ملڪن جي بادشاهتن جو زور ڀڃي ڇڏيندس: ۽ آءٌ گاڏيون ۽ جيڪي انهن ۾ چڙهن ٿا، تن کي اونڌو ڪري ڇڏيندس؛ گهوڙا ۽ سندن سوار هيٺ ڪِري پوندا؛ هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي ترار سان ڪِرندو.


جيڪو ڪلام هن بني اسرائيل ڏانهن موڪليو، جڏهن ڪ يسوع مسيح (جو سڀني جو خداوند آهي) تنهن جي وسيلي صلح جي خوشخبري ٻُڌايائين.


پر سڀ شيون خدا کان آهن، جنهن مسيح جي وسيلي اسان کي پاڻ سان ملايو، ۽ ميل ميلاپ جي خدمت اسان جي حوالي ڪئي.


تنهنڪري اسين مسيح جي طرفان ايلچي آهيون، ڄڻ تہ اسان جي وسيلي خدا اوهان کي منٿ ٿو ڪري، ۽ اسين اوهان کي مسيح جي پاران نيزاري ٿا ڪريون، تہ خدا سان ميل ميلاپ ڪريو.


جنهن جاءِ تي اوهان جي پيرن جي تري لڳندي سا اوهان جي ٿيندي: ۽ بيابان، ۽ لبنان، ۽ نديءَ کان، يعني فرات نديءَ کان وٺي الهندي واري سمنڊ تائين اوهان جي سرحد ٿيندي.


۽ ستين ملائڪ تري وڄائي، تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٿيڻ لڳا، ۽ انهن چيو تہ دنيا جي بادشاهت اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي: ۽ اُهو هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ