7 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ پنهنجي قوم کي اُڀرندي ۽ اُلهندي جي ملڪن کان بچائيندس:
7 آءٌ پنهنجي قوم کي اوڀر توڙي اولهہ جي ملڪن کان ڇڏائي آڻيندس.
پر جي اوهين مون ڏانهن موٽندا، ۽ منهنجا حڪم مڃيندا، ۽ انهن تي هلندا، تہ اوهان مان جيڪي ٽڙي پکڙي آسمان جي تمام پرانهين ڀاڱي تائين ويا هوندا، تن کي آءٌ اتان آڻي انهيءَ هنڌ گڏ ڪندس، جو پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ مون پسند ڪيو آهي.
سج جي اُڀرڻ کان وٺي انهي جي لهڻ تائين، خداوند جي تعريف ٿئي.
خداوند پاڻ يروشلم کي اڏيو آهي؛ هو اسرائيل جي دربدر ٿيلن کي گڏ ٿو ڪري.
خدا، هائو، خداوند خدا فرمايو آهي، ۽ اُڀرندي کان اُلهندي تائين دنيا کي سڏيو اٿس.
ڏس، اُهي پري کان ايندا: ڏس، اهي اُتر کان، ۽ اُلهندي کان، ۽ سينيم جي ملڪ کان ايندا.
تڏهن الهندي وارا خداوند جي نالي کان ڊڄندا، ۽ اُڀرندي وارا سندس جلال کان؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ ڇوهہ نديءَ وانگي ايندو، جنهن کي خداوند خدا جو دم ڪاهيندو اچي.
ڏس، آءٌ هنن کي اُتر واري ملڪ مان آڻيندس ۽ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن مان هنن کي گڏ ڪندس، ۽ انهن سان گڏ انڌا ۽ منڊا هوندا، ۽ پيٽ واري زال ۽ ويم جي سورن واري زال هوندي: هو وڏي جماعت ٿي هيڏي موٽي ايندا.
تنهنڪري تون چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي قومن مان آڻي گڏ ڪندس، ۽ جن جن ملڪن ۾ اوهين پکيڙيا ويا آهيو، تن مان ڪڍي گڏ ڪندس، ۽ اسرائيل جي زمين اوهان کي ڏيندس.
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن آءٌ اوهان کي سڀني ناپاڪائين کان صاف ۽ پاڪ ڪندس، انهي ڏينهن آءٌ اُهي شهر وسائيندس، ۽ ويران جايون اڏيون وينديون.
۽ آءٌ يهوداہ جي گهراڻي کي مضبوط ڪندس، ۽ يوسف جي گهراڻي کي بچائيندس، ۽ کين موٽائي وٺي ايندس، ڇالاءِ جو مون کي انهن تي رحم آهي؛ ۽ هو ائين ٿيندا ڄڻ تہ مون کين ڪڏهن ڪڍي نہ ڇڏيو هو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس.
ڇالاءِ جو صبح کان وٺي شام تائين قومن ۾ منهنجي نالي جي وڏائي ٿي ٿئي؛ ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ سڀ ڪنهن جاءِ تي منهنجي لاءِ خوشبوءِ ٿا چاڙهين ۽ پاڪ نذرانا ٿا آڻين، ڇالاءِ جو قومن ۾ منهنجو نالو عظيم آهي.
تڏهن خداوند تنهنجو خدا تنهنجو قيد ڦيرائي ڇڏيندو، ۽ توتي رحم ڪندو، ۽ جن جن قومن ۾ خداوند تنهنجي خدا توکي دربدر ڪيو هوندو، تن سڀني مان توکي موٽائي آڻي گڏ ڪندو.