Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 8:23 - Sindhi Bible

23 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ ڏهہ ماڻهو جن جي علحدي ٻولي هوندي، سي اچي هڪڙي يهوديءَ جو پلئُہ جهليندا ۽ چوندا تہ اسين اوهان سان هلنداسين، ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ خدا اوهان سان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 انهن ڏينهن ۾ مختلف قومن توڙي ٻولين وارا ڏهہ ماڻهو اچي هڪڙي يهوداہ واري جو دامن پڪڙي کيس چوندا تہ ’اسين تو ساڻ آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان ٻڌو آهي تہ خدا تو سان گڏ آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 8:23
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح مون تنهنجي گهر ۾ ويهہ ورهيہ گذاريا آهن. مون چوڏهن ورهيہ تنهنجين ڌيئرن جي لاءِ، ۽ ڇهہ ورهيہ تنهنجي مال جي لاءِ تو وٽ پورهيو ڪيو: ۽ تو منهنجو اُجورو ڏهہ ڀيرا بدلايو سدلايو.


پر اوهان جي پيءُ مون سان ٺڳي ڪري، ڏهہ ڀيرا منهنجو اُجورو بدلايو آهي، پر خدا کيس منهنجو نقصان ڪرڻ نہ ڏنو آهي.


۽ ايلياہ هن کي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي يردن ڏانهن موڪليو آهي. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. پوءِ هو ٻئي اڳتي هليا ويا.


تڏهن عماسيءَ، جو ٽيهن جو سردار هو، تنهن تي روح نازل ٿيو ۽ اهو چوڻ لڳو تہ اي دائود، اسين تنهنجا آهيون، ۽ اي يسيءَ جا پٽ، اسين تنهنجي پاسي آهيون: توتي سلامتي، سلامتي هجي، ۽ تنهنجن مددگارن تي سلامتي هجي؛ ڇالاءِ جو تنهنجو خدا توکي مدد ٿو ڪري. تڏهن دائود انهن جي مرحبا ڪئي ۽ انهن کي ٽولين جا سردار ڪيائين.


۽ هن ڪل يهوداہ ۽ بنيمين کي، ۽ جيڪي ماڻهو افرائيم ۽ منسي مان، ۽ شمعون مان هنن سان مسافر ٿي رهندا هئا، تن کي هن گڏ ڪيو: ڇالاءِ جو جڏهن هنن ڏٺو تہ خداوند هن جو خدا هن ساڻ آهي، تڏهن اسرائيل مان تمام گهڻا هن سان وڃي شامل ٿيا.


۽ سڀ ڪنهن شهر ۾ ۽ سڀ ڪنهن پرڳڻي ۾ جتي ڪٿي بادشاهہ جو حڪم ۽ سندس فرمان پهتو هو، اُتي خوشي ۽ خورمي ۽ مجلس ۽ وڏو ڏينهن ملهايو ويو. ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن مان گهڻا يهودي ٿيا؛ ڇالاءِ جو يهودين جو خوف هنن تي غالب ٿيو هو.


هي ڏهہ ڀيرا اوهان مون کي طعنا هنيا آهن: اوهان کي شرم نٿو اچي جو مون سان سختيءَ جي هلت ٿا ڪريو.


حصو ستن کي بلڪ اٺن کي ڏي؛ ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ زمين تي ڪهڙي خرابي ٿيندي.


جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي اباڻي گهر ۾ پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ توکي ڪپڙا آهن، تون اچي اسان جو حاڪم ٿيءُ؛ ڀلي تہ هي اُجاڙ ملڪ تنهنجي هٿ هيٺ اچي:


انهي ڏينهن ست زالون هڪڙي ماڻهوءَ کي جهلي چونديون تہ اسين پنهنجي ماني کائينديونسين، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڍڪينديونسين: رڳو ايترو ڪر تہ تون اسان کي پنهنجي نالي سڏجڻ ڏي: اسان تان اسان جي خواري لاهہ.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مصر جي دولت، ۽ ڪوش جي تجارت، ۽ سبا جا قداور ماڻهو تو وٽ ايندا، ۽ تنهنجا ٿيندا؛ اهي تنهنجي پٺيان هلندا؛ اهي زنجيرن ۾ ٻڌجي ايندا: ۽ اُهي توکي سجدو ڪندا، ۽ توکي عرض ڪري چوندا تہ يقيناً خدا تو ۾ آهي؛ ٻيو ڪوبہ ڪونهي، ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.


هرڪو مون بابت چوندو تہ رڳو خداوند ۾ راستبازي ۽ طاقت آهي: انهي وٽ ئي ماڻهو ايندا، ۽ جيڪي کانئس ناراض هئا، سي سڀ شرمندا ٿيندا.


ڏس، تون انهيءَ قوم کي سڏيندين جنهن کي تون نٿو سڃاڻين، ۽ اها قوم جا توکي نٿي سڃاڻي سا تو وٽ ڊوڙندي ايندي، اهو خداوند تنهنجي خدا، ۽ اسرائيل جي قدوس جي ڪري ٿيندو؛ ڇالاءِ جو انهي توکي جلال بخشيو آهي.


۽ جن توکي ستايو آهي تن جا پٽ مٿو جهڪائي تو وٽ ايندا؛ ۽ جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي سي سڀ تنهنجن پيرن جي ترين وٽ سجدو ڪندا؛ ۽ توکي خداوند جو شهر ۽ اسرائيل جي قدوس جو صيون سڏيندا.


۽ تنهنجيءَ روشنائي تي قومون اينديون، ۽ تنهنجي اُڀرڻ جي چمڪاٽ تي بادشاهہ ايندا.


ڇالاءِ جو آءٌ انهن جا ڪم ۽ انهن جا خيال ڄاڻان ٿو: اهو وقت اچي ٿو جڏهن آءٌ سڀني قومن ۽ ٻولين وارن کي گڏ ڪندس؛ اُهي سڀ ايندا ۽ منهنجو جلال ڏسندا.


۽ هو اسان جي سلامتي ٿيندو: جڏهن اسوري اسان جي زمين ۾ ايندا، ۽ جڏهن هو اسانجن محلاتن ۾ پير گهمائيندا، تڏهن اسين ست ڌنار بلڪ اٺ سردار مٿن چاڙهي آڻينداسين.


ڏس، انهيءَ وقت آءٌ انهن کي سزا ڏيندس، جي توکي ستائين ٿا: ۽ جيڪا منڊڪائي ٿي تنهن کي بچائيندس؛ ۽ جيڪا هڪالي ڪڍي ويئي هئي، تنهن کي گڏ ڪندس؛ ۽ جن جي سڄي دنيا ۾ خواري هئي، تن کي تعريف وارو ۽ ناميارو ڪندس.


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ هنن سڀني ماڻهن منهنجو جلال ۽ منهنجون نشانيون، جيڪي مون مصر ۾ ۽ بيابان ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريون، سي ڏٺيون آهن، تڏهن بہ هنن مون کي ڏهہ ڀيرا آزمايو آهي، ۽ منهنجو آواز ڪن ڏيئي نہ ٻڌو اٿن.


سا پٺيانئس آئي، ۽ اچي سندس ڪپڙي جي پلوَ کي هٿ لاتائين، ۽ اُنهي دم هن جو رت پوڻ بند ٿي ويو.


ايتري قدر جو سندس بُت تان رومال ۽ بوڇڻ ڇُهائي کڻي وڃي بيمارن کي ڏيندا هئا، تہ هنن کي مرض ڇڏي ويندا هئا، ۽ ڀوت نڪري ويندا هُئن.


۽ سندس دل جا ڳُجهہ ظاهر ٿي پوندا، ۽ نيٺ هو گوڏا کوڙي خدا کي سجدو ڪندو، ۽ قبول ڪندو تہ تحقيق خدا اوهان ۾ آهي.


۽ جيڪي موسيٰ فرمايو هو تنهن مان هڪڙو لفظ بہ اهڙو نہ هو جو يشوع اسرائيل جي سڄيءَ جماعت جي اڳيان، ۽ زالن ۽ ٻارن، ۽ جيڪي مسافر هنن ۾ رهندا هئا، تن جي اڳيان نہ پڙهيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ