Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 8:19 - Sindhi Bible

19 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ چوٿين، ۽ پنجين، ۽ ستين، ۽ ڏهين مهيني جو روزو يهوداہ جي گهراڻي جي لاءِ خوشي ۽ خورميءَ جو ڏينهن ۽ شادمانيءَ جي عيد ٿيندي؛ تنهنڪري سچائيءَ ۽ صلح سان محبت رکو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ”چوٿين، پنجين، ستين توڙي ڏهين مهيني ۾ روزن رکڻ جي بدران هاڻي انهن ڏينهن تي اوهين يهوداہ وارا خوشي، مسرت ۽ شادمانيءَ جون عيدون ملهائيندا رهو. اوهين رڳو سچ ۽ امن سان محبت ڪندڙ ٿيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 8:19
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن جي بادشاهيءَ جي نائين ورهيہ جي ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سمورو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ اُن جي سامهون اچي منزل ڪيائين؛ ۽ اُن جي چوڌاري ڪوٽ جوڙايائين.


پر ستين مهيني ۾ هيئن ٿيو تہ اسماعيل بن نتنياہ، بن اليشع، جو شاهي نسل جو هو، ڏهہ ماڻهو پاڻ سان وٺي آيو، ۽ جدلياہ کي اهڙو ڌڪ هنيائين جو هو مري ويو، ۽ جيڪي يهودي ۽ ڪلدي هن سان گڏ مصفاہ ۾ هئا تن کي بہ ماريائين.


۽ سڀ ڪنهن شهر ۾ ۽ سڀ ڪنهن پرڳڻي ۾ جتي ڪٿي بادشاهہ جو حڪم ۽ سندس فرمان پهتو هو، اُتي خوشي ۽ خورمي ۽ مجلس ۽ وڏو ڏينهن ملهايو ويو. ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن مان گهڻا يهودي ٿيا؛ ڇالاءِ جو يهودين جو خوف هنن تي غالب ٿيو هو.


جو اُهي ڏينهن آهن جن ۾ يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو، ۽ انهيءَ مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک ڦري سک ٿيو، ۽ ماتم بدلجي خوشيءَ جو ڏينهن ٿيو: ۽ اهي مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جا ڏينهن مقرر ڪن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪلين ۽ غريبن کي بخششون ڏين.


تو منهنجي ماتم کي مٽائي نچڻ ڪيو آهي؛ تو مون تان کٿو لاهي مون کي خوشيءَ جو ڪمربند ٻڌو آهي:


خداوند جون اکيون راستبازن تي آهن، ۽ سندس ڪن اُنهن دانهن جي لاءِ کليل آهن.


۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


خداوند جا خريد ڪيل موٽندا، ۽ ڳائيندا صيون ۾ ايندا: ۽ انهن جي مٿن تي هميشہ جي خوشي هوندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، ۽ غم ۽ ماتم ڪونہ رهندو.


اهي خداوند جا ڇڏايل موٽندا، ۽ ڳائيندي صيون ۾ ايندا؛ ۽ انهن جي مٿان هميشہ جي خوشي ٿيندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، غم ۽ رنج ڪونہ رهندا.


تنهن ڪري تون وڃي هن ويڙهيءَ مان، جا تو منهنجي واتان لکي آهي، خداوند جون ڳالهيون خداوند جي گهر ۾، روزي واري ڏينهن ماڻهن جي ٻڌندي پڙهہ: يعني سڄي يهوداہ جي قوم، جا پنهنجن شهرن مان نڪري ٿي اچي، تنهن جي ٻڌندي اها پڙهج.


۽ صدقياہ جي يارهين ورهيہ ۾، چوٿين مهيني جي نائين تاريخ، شهر جي ڀت هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون:)


۽ ان جي حڪومت جي نائين سال ۾، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ نبوڪدرضر، بابل جو بادشاهہ، پنهنجو سڄو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو، ۽ اُن جي چوڌاري منزل ڪري لهي پيو؛ ۽ ان جي چوڌاري ساڻس وڙهڻ لاءِ دمدما جوڙيائون.


جنهن وياج تي پئسا نہ ڏنا هوندا؛ ۽ نہ وڌيڪ ڪي ورتو هوندو، جنهن پنهنجو هٿ بدڪاريءَ کان ڪڍي ورتو هوندو، ۽ ماڻهو ماڻهو جي وچ ۾ عدالت ڪئي هوندائين؛


وري نائين سال ۾، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


۽ لشڪرن جي خداوند جي گهر جي ڪاهنن ۽ نبين کان پڇن، تہ اسين پنجين مهيني ۾ پاڻ کي جدا ڪري، ماتم ڪريون ڇا، جيئن سال بسال اسان ڪيو آهي؟


تہ ملڪ جي سڀني ماڻهن ۽ ڪاهنن کي چئُہ، تہ جڏهن اوهان پنجين ۽ ستين مهيني ۾ اهي ستر سال روزا رکيا ۽ ماتم ڪيو، تہ ڇا منهنجي لاءِ، بلڪ خاص منهنجي لاءِ، روزا رکندا هئا ڇا؟


پر ضرور آهي تہ اوهين هي ڳالهيون ڪريو؛ هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان سچ ڳالهائي؛ ۽ پنهنجن دروازن ۾ سچائيءَ سان، صلح سلامتيءَ جي عدالت ڪريو:


لشڪرن جي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ صيون ۾ موٽي آيو آهيان، ۽ يروشلم ۾ رهندس: ۽ يروشلم جو نالو سچائيءَ جو شهر سڏبو؛ ۽ لشڪرن جي خداوند جو جبل، پاڪ جبل سڏبو.


پر ڪتا، ۽ جادوگر، ۽ زناڪار، ۽ خوني، ۽ بُت پرست ۽ اهي سڀيئي جيڪي ڪوڙ کي پسند ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ٺاهين، سي ٻاهر هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ