Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 8:17 - Sindhi Bible

17 ۽ ڪوبہ پنهنجي دل ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ لاءِ بڇڙو خيال نہ ڪري؛ ۽ نڪي ڪوڙي قسم کي عزيز رکي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن سڀني ڳالهين کان مون کي نفرت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 ڪوبہ پنهنجيءَ دل ۾ هڪٻئي لاءِ برا منصوبا نہ جوڙي، نہ وري ڪو ڪوڙو قسم ئي کڻي، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند کي انهن سڀني ڳالهين کان نفرت آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 8:17
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو بدڪار پنهنجيءَ دل جي خواهش تي ٻٽاڪ ٿو هڻي، ۽ لالچي ماڻهو خداوند کي ڇڏي ٿو ڏئي، بلڪ هن تي لعنت ٿو ڪري.


آءٌ ڪنهن خراب ڳالهہ کي پنهنجي سامهون ڪين رکندس: جيڪي خراب رستي تي ٿا هلن تن جي ڪمن کان مون کي نفرت آهي؛ انهن سان منهنجو ڪوبہ لاڳاپو ڪونهي.


پنهنجي پاڙيسريءَ جي برخلاف ڪنهن برائيءَ جي رٿ نہ ڪر، جڏهن ڏسين ٿو تہ هو تنهنجي پاسي ۾ بي خوف رهي ٿو.


بيهودگي هنن جي دل ۾ آهي، هو هميشہ خراب رِٿون پيو ڪري؛ هو فتنو فساد پيو پوکي.


خدا جو خوف بديءَ کي ڌڪارڻ ۾ آهي: مغروريءَ، هٺ، ۽ بڇڙي واٽ، ۽ بيهودي وات کي آءٌ ڌڪاريان ٿي.


اي يروشلم، پنهنجي دل شرارت کان ڌوئي صاف ڪر تہ ڇوٽڪارو لهين. ڪيستائين تنهنجا خراب خيال تو منجهہ رهندا.


۽ تون هيئن قسم کڻندين، تہ جيئري خداوند جو قسم آهي، جو سچو ۽ عدالت وارو ۽ راستباز آهي؛ ۽ قومون بہ پنهنجي لاءِ انهي کان برڪت گهرنديون ۽ انهيءَ تي فخر ڪنديون.


انهيءَ هوندي بہ مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي، صبح جو سوير اُٿي موڪليا، ۽ چيم تہ اڙي اهو ڪراهت جهڙو ڪم جو آءٌ ڌڪاريان ٿو سو نہ ڪريو.


تنهنجون اکيون اهڙيون پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسي نٿو سگهين، ۽ شرارت ڏي نهاري نٿو سگهين، سو ڪهڙي سبب هنن تي نظر ٿو ڪرين جي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن؛ ۽ جڏهن شرير، پاڻ کان وڌيڪ سچي ماڻهو کي ڳهي وڃي ٿو، تڏهن ڇو ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؛


۽ بيوهہ زال، ۽ يتيم، ۽ مسافر، ۽ مسڪين تي ظلم نہ ڪريو؛ ۽ اوهان مان ڪوبہ پنهنجي ڀاءُ جي برخلاف دل ۾ برو خيال نہ رکي.


لشڪرن جي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ فتويٰ جي لاءِ اوهان کي ويجهو ايندس؛ ۽ جادوگرن، ۽ زناڪارن، ۽ ڪوڙن قسمن کڻندڙن جي برخلاف، ۽ انهن جي برخلاف بہ، جي پورهيت کي مزدوري نٿا ڏين، ۽ بيوهہ زالن ۽ يتيمن تي ظلم ٿا ڪن، ۽ ڌارين سان ناحق ٿا ڪن ۽ مون کان نٿا ڊڄن؛ انهن سڀني جي برخلاف آءٌ تکو شاهد ٿيندس.


چڱو ماڻهو پنهنجي چڱي خزاني مان چڱيون شيون ٿو ڪڍي، ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي بڇڙي خزاني مان بڇڙيون شيون ٿو ڪڍي.


ڇالاءِ جو دل مان بڇڙا خيال، خون، زناڪاريون، حرام ڪاريون، چوريون، ڪوڙي شاهدي، گلائون ٿيون نڪرن:


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهو ڪنهن زال ڏانهن بڇڙي نگاهہ سان ٿو نهاري، سو پنهنجي دل ۾ هن سان زنا ڪري چڪو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ