Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 8:16 - Sindhi Bible

16 پر ضرور آهي تہ اوهين هي ڳالهيون ڪريو؛ هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان سچ ڳالهائي؛ ۽ پنهنجن دروازن ۾ سچائيءَ سان، صلح سلامتيءَ جي عدالت ڪريو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 هاڻي اوهان کي رڳو اهو ڪرڻو آهي جو هڪٻئي سان سچ ڳالهايو ۽ پنهنجين عدالتن ۾ حق ۽ سچ وارا فيصلا ڪريو تہ جيئن امن وَ سلامتي قائم رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 8:16
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو جو سچائيءَ سان ٿو هلي، ۽ راستيءَ جا ڪم ٿو ڪري، ۽ دل سان سچ ٿو ڳالهائي.


خداوند جون اکيون راستبازن تي آهن، ۽ سندس ڪن اُنهن دانهن جي لاءِ کليل آهن.


جيڪو سچ چوي ٿو سو سچائي ظاهر ڪري ٿو، پر ڪوڙو شاهد ٺڳي ظاهر ڪري ٿو.


سچ جي ڳالهہ هميشہ قائم رهندي: پر ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان رڳو هڪڙي لحظي لاءِ آهي.


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين عدالت ۽ سچائيءَ جا ڪم ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو: ۽ مسافر ۽ يتيم ۽ بيوہ زال سان ناحق ۽ ظلم نہ ڪريو، نڪي هن هنڌ بي گناهہ جو رت هاريو.


جنهن وياج تي پئسا نہ ڏنا هوندا؛ ۽ نہ وڌيڪ ڪي ورتو هوندو، جنهن پنهنجو هٿ بدڪاريءَ کان ڪڍي ورتو هوندو، ۽ ماڻهو ماڻهو جي وچ ۾ عدالت ڪئي هوندائين؛


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا بادشاهہ اوهان جي لاءِ بس آهي، ظلم ۽ ڦرلٽ ڇڏي ڏيو، ۽ عدل ۽ انصاف ڪريو؛ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي قوم تان پنهنجون تنگ طلبيون لاهي ڇڏيو.


اوهين چوري نہ ڪجو، نڪي هڪٻئي سان ڪپت ڪجو، يا ڪوڙ ڳالهائجو.


بديءَ کي ڌڪاريو ۽ نيڪيءَ کي پيار ڪريو، ۽ دروازي ۾ انصاف قائم ڪريو: امڪان آهي تہ خداوند لشڪرن جو خدا يوسف جي باقي رهيلن تي مهربان ٿئي.


پر ڇڏيو تہ انصاف پاڻيءَ وانگي هيٺ لهي، ۽ سچائي زور ڀري نهر وانگي.


اُن جا دولتمند ماڻهو ظلم سان ڀريل آهن، ان جي رهاڪن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ انهن جي زبان سندن وات ۾ دغاباز آهي.


اي انسان، هن توکي ڏيکاريو آهي تہ چڱائي ڇا آهي؛ ۽ خداوند توکان ٻيو ڇا ٿو گهري، انهي کان سواءِ تہ تون انصاف ڪرين، رحم کي پيار ڪرين، ۽ پنهنجي خدا سان نماڻو ٿي هلين؟


اسرائيل جا باقي رهيل ماڻهو بڇڙائي نہ ڪندا ۽ نڪي ڪوڙ ڳالهائيندا: نڪي انهن جي وات ۾ دغاباز زبان ڏني ويندي؛ ڇالاءِ جو هو کائيندا، ۽ سمهي رهندا، ۽ ڪوبہ انهن کي نہ ڊيڄاريندو.


لشڪرن جي خداوند هيئن فرمايو آهي، تہ سچائيءَ سان عدالت ڪريو، ۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ تي مهرباني ۽ رحم ڪري:


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ چوٿين، ۽ پنجين، ۽ ستين، ۽ ڏهين مهيني جو روزو يهوداہ جي گهراڻي جي لاءِ خوشي ۽ خورميءَ جو ڏينهن ۽ شادمانيءَ جي عيد ٿيندي؛ تنهنڪري سچائيءَ ۽ صلح سان محبت رکو.


خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ صيون ۾ موٽي آيو آهيان، ۽ يروشلم ۾ رهندس: ۽ يروشلم جو نالو سچائيءَ جو شهر سڏبو؛ ۽ لشڪرن جي خداوند جو جبل، پاڪ جبل سڏبو.


مبارڪ آهن اُهي جي صلح ٿا ڪرائين، ڇالاءِ جو اُهي خدا جا ٻار سڏبا.


تنهنڪري آئون خداوند جي اڳيان شاهدي ڏيندي هيئن ٿو چوان، تہ جهڙيءَ طرح غير قومون پنهنجي اجاين خيالن موافق هلن ٿيون، تهڙيءَ طرح اوهين اڳتي نہ هلو؛


تنهنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوهان مان سڀڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان سچ ڳالهائي: ڇالاءِ جو اسين پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا عضوا آهيون.


۽ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ نسبت ۾ پنهنجي ڀاءُ سان زيادتي نہ ڪري، ۽ نڪي ساڻس ٺڳي ڪري، ڇالاءِ جو خداوند انهن سڀني ڳالهين جو بدلو ڏيندو، جيئن ڪ اسان اڳي بہ اوهان کي چتايو آهي.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي ايمان، ناپاڪ، خوني، زناڪار، جادوگر، بُت پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جو حصو انهيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندو، جا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري؛ اهو ٻيو موت آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ