ذڪرياہ 8:13 - Sindhi Bible13 اي يهوداہ ۽ اسرائيل جا گهراڻا، اوهين جي ٻين قومن ۾ لعنتي هئا، تن کي آءٌ بچائيندس، ۽ اوهين برڪت جو باعث ٿيندا: ڊڄو نہ، پر پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible13 اي يهوداہ توڙي اسرائيل وارؤ! جهڙيءَ طرح اوهين ٻين قومن جي نظر ۾ لعنتي بڻيا آهيو، تهڙيءَ طرح هاڻي آءٌ اوهان کي اهڙي خوشحالي عطا ڪندس جو اوهين برڪت جو باعث بڻبا. سو اوهين دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ رهڻ لاءِ اوڏي وڃڻ واسطي تيار ٿيا آهن، تن کي آءٌ پڪڙيندس ۽ اُهي سڀ ناس ڪيا ويندا؛ مصر جي ئي ملڪ ۾ اُهي ڪرندا؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا؛ تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين، هو ترار سان، ۽ ڏڪار سان مرندا: ۽ اُهي نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا.