۽ هو انهيءَ ڏينهن نهايت شادمان ٿيا، ۽ خداوند جي حضور کاڌائون پيتائون. ۽ ٻيو دفعو دائود جي پٽ سليمان کي بادشاهہ ڪري، ۽ خداوند جي طرفان پيشوا ڪري، ۽ صدوق کي ڪاهن ڪري مسح ڪيائون.
باقي منهنجي نذرانن جي قربانين لاءِ، هو گوشت قربان ڪري کائين ٿا؛ پر خداوند کين قبول نٿو ڪري: هاڻي هو سندن بدڪاري ياد ڪندو، ۽ گناهن جي سزا ڏيندو؛ هو مصر ۾ موٽي ويندا.
هو خداوند جي نذرانن لاءِ شراب نہ هاري وجهندا، نڪي هو انهي کي وڻندا: هنن جون قربانيون سندن لاءِ ماتم جي مانيءَ وانگر ٿينديون؛ جيڪي انهي مان کائيندا سي پليت ٿيندا: ڇالاءِ جو هنن جي ماني سندن اشتها لاءِ ٿيندي؛ اُها خداوند جي گهر ۾ نہ ايندي.
جڏهن يروشلم اڃا آباد ۽ مالدار هو، ۽ سندس چوڌاري شهر ۽ ڏکڻ واري ۽ هيٺانهين زمين آباد هئي، تڏهن اوهان کي اهو ڪلام جو خداوند اڳي نبين جي معرفت ڪيو، سو نہ ٻڌڻ کپندو هو ڇا؟
پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.