پر ستين مهيني ۾ هيئن ٿيو تہ اسماعيل بن نتنياہ، بن اليشع، جو شاهي نسل جو هو، ڏهہ ماڻهو پاڻ سان وٺي آيو، ۽ جدلياہ کي اهڙو ڌڪ هنيائين جو هو مري ويو، ۽ جيڪي يهودي ۽ ڪلدي هن سان گڏ مصفاہ ۾ هئا تن کي بہ ماريائين.
هاڻي پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ، جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جو اوڻيهون ورهيہ هو، تنهن ۾ نبوزرادان، پهري وارن جو سردار، جو بابل جي بادشاهہ جي اڳيان بيهندو هو، سو يروشلم ۾ آيو:
انهي جي بادشاهت جي پهرين سال ۾ مون داني ايل، ڪتابن مان انهن سالن جو شمار معلوم ڪيو، جن بابت خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ وٽ آيو، تہ يروشلم جي ويراني پوري ٿيندي؛ ۽ اُهي ستر سال هئا.
لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ چوٿين، ۽ پنجين، ۽ ستين، ۽ ڏهين مهيني جو روزو يهوداہ جي گهراڻي جي لاءِ خوشي ۽ خورميءَ جو ڏينهن ۽ شادمانيءَ جي عيد ٿيندي؛ تنهنڪري سچائيءَ ۽ صلح سان محبت رکو.