Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 7:2 - Sindhi Bible

2 هاڻي بيت ايل جي ماڻهن شراضر ۽ رجم ملڪ ۽ انهن جي ماڻهن کي موڪليو هو تہ خداوند کي عرض ڪن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ان کان اڳ بيت‌ايل جي ماڻهن شراضر ۽ رجم‌ملخ کي سندن ماڻهن سميت موڪليو هو تہ هو اچي خداوند جي هيڪل ۾ دعا گھرن

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 7:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ اُنهي خدا جي ٻانهي کي ورندي ڏيئي چيو تہ هاڻي خداوند پنهنجي خدا کي خير جو سوال ڪر ۽ منهنجي لاءِ اُنهيءَ کان دعا گهر تہ مون کي پنهنجو هٿ وري ملي. تڏهن انهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند کي سوال ڪيو ۽ بادشاهہ کي پنهنجو هٿ موٽي مليو، ۽ جهڙو اڳي هو اهڙو ئي ٿي پيو.


بيت ايل ۽ عيءَ جا ماڻهو، ٻہ سؤ ٽيويهہ.


انهيءَ لاءِ تہ هو آسمان جي خدا لاءِ چڱين خوشبوين جون قربانيون چاڙهين، ۽ بادشاهہ ۽ سندس پٽن جي حياتيءَ واسطي دعا گهرن.


تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ اي خداوند، ڇو تنهنجي ڪاوڙ تنهنجيءَ اُمت تي ڀڙڪو کائي، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زور سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي؟


قيدار جا سڀ ڌڻ تو وٽ گڏ ٿيندا، ۽ نبايوت جا گهٽا تنهنجي خدمت ڪندا: اهي منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پوندا، ۽ آءٌ پنهنجي جلال جي گهر کي وڌيڪ جلالي ڪندس.


پوءِ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ ۽ يهوداہ جي ماڻهن ڪو هن کي قتل ڪيو ڇا؟ هن خداوند کان ڊڄي خداوند جي مهربانيءَ جي لاءِ منٿ آزي نہ ڪئي ڇا؟ جنهن ڪري جنهن خرابي جو هنن جي برخلاف خداوند حڪم جاري ڪيو هو، تنهن کان ڦريو؟ انهيءَ طرح اسين پنهنجن جانين سان وڏي خرابي ڪنداسين.


تون اڄ ئي يوسياہ بن صفنياہ جي گهر وڃ، جتي بابل جي قيدين مان خلدي، ۽ طوبياہ، ۽ يدعياہ اچي ٽڪيا آهن؛


۽ هڪڙي شهر جا رهاڪو ٻئي شهر جي ماڻهن کي وڃي چوندا تہ هلو تہ اسين جلد هلي خداوند کان مهر گهُرون، ۽ لشڪرن جي خداوند کي ڳوليون: آءٌ بہ هلان ٿو.


تنهنڪري مون چيو تہ هاڻي فلستي جلجال ۾ مون تي ڪاهي ايندا، ۽ مون خداوند جي فضل لاءِ کيس منٿ نہ ڪئي آهي: تنهنڪري مون مجبور ٿي سوختني قرباني چاڙهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ