Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 7:14 - Sindhi Bible

14 پر آءٌ کين سڀني قومن ۾، جن جا هو واقف نہ آهن، واچوڙي سان ڇڙوڇڙ ڪندس. ائين ئي ملڪ هنن کانپوءِ ويران ٿي ويو ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ آمدرفت ڪانہ هئي: ڇالاءِ جو هنن دلپسند ملڪ کي ويران ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 انهيءَ ڪري مون کين واچوڙي وانگر اڏائي سڀني قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. جتي هو ڌارين وانگر ٿي ويا. انهيءَ کان پوءِ سندن وڻندڙ ملڪ اهڙو تہ ويران ٿي ويو جو اتي ڪنهن جي بہ اچ وڃ نہ هئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 7:14
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان سچو ٿئي، جيسين ڪ ملڪ پنهنجا سبت ادا ڪيا: ڇالاءِ جو جيسين اهو ويران هو تيسين ستر ورهين تائين هن سبت ادا پئي ڪيا.


اوهان جي ديڳڙن کي ڪنڊن جي باهہ جو سيڪ اچي، تنهن کان اڳي هو انهن ساون ۽ سڪن کي واچوڙي سان اُڏائي کڻي ويندو.


قومون گهڻي پاڻيءَ جي وهڪري وانگي ڪاهي اينديون: پر هو انهن کي عتاب ڏيندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون، جيئن بُهہ واءُ جي اڳيان جبلن تي ۽ جيئن طوفان واچوڙي ۾ مٽيءَ کي اُڏائي.


سمنڊ جي بيابان بابت ڪلام. جيئن ڏکن ۾ واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگهندا وڃن، تيئن هو بيابان مان، ۽ خوفناڪ زمين مان اچي ٿو.


جيئن تہ توکي ڇڏي ڏنو اٿن ۽ تو کان نفرت ڪئي اٿن، ايتري قدر جو ڪوبہ ماڻهو تو منجهان نٿي لنگهيو، تيئن آءٌ توکي هميشہ لاءِ اقبالمندي بخشيندس ۽ گهڻين پيڙهين لاءِ خوشي بنائيندس.


ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند باهہ سان ايندو، ۽ هن جون جنگي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون؛ انهيءَ لاءِ تہ هن جو غصو جوش وارو، ۽ هن جي ملامت باهہ جي شعلن واري ٿئي.


گهڻن ڌنارن منهنجي ڊاک جو منهہ ناس ڪري ڇڏيو آهي، منهنجو حصو هنن پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيو آهي، منهنجي خوبصورت حصي کي هنن سڃو پٽ ڪري ڇڏيو آهي:


ڏس، خداوند جو طوفان، يعني سندس غضب ٻاهر نڪتو آهي، هائو واچوڙي جهڙو طوفان: اُهو شريرن جي مٿي تي ڪڙڪي پوندو.


ڏس، خداوند جو طوفان، يعني سندس ڪاوڙ جو ٻهاريندڙ طوفان نڪتو آهي: اُهو شريرن جي سر تي اچي ڪڙڪندو.


تڏهن اميرن باروڪ کي چيو تہ تون ۽ يرمياہ وڃي لڪو؛ تہ ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي تہ ڪٿي آهيو.


جنهن ڪري منهنجو غضب ۽ منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪي نڪتي، ۽ يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ٻرڻ لڳي؛ ۽ هو زبون ۽ ويران ٿي ويا آهن، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، ڏس، آءٌ پري کان اوهان تي هڪڙي قوم آڻيندس: اُها زور واري قوم آهي، ۽ هڪڙي قديم قوم آهي، اُها اهڙي قوم آهي جنهن جي ٻولي تون نٿو ڄاڻين، ۽ نہ جيڪي هو چون ٿا سو تون سمجهي ٿو سگهين.


نبوڪدرضر جي ٽيويهين ورهيہ ۾ پهري وارن جو سردار نبوزرادان يهودين مان ست سؤ پنجيتاليهہ ماڻهو قيد ڪري وٺي ويو: سڀ ماڻهو چار هزار ڇهہ سؤ ٿيا.


۽ هن ملڪ جي ماڻهن کي چئُہ، تہ خداوند خدا، يروشلم جي رهاڪن ۽ اسرائيل جي ملڪ بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هو پنهنجي ماني خبرداريءَ سان کائيندا، ۽ پنهنجو پاڻي حيرانيءَ سان پيئندا، انهي لاءِ تہ جيڪي منجهس آهي تنهن سڀ کان خالي ۽ ويران ٿئي.


۽ آءٌ توکي قومن ۾ پکيڙيندس ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس ۽ آءٌ تنهنجي بڇڙائي تو مان ساڙي ڪڍندس.


تنهنڪري تنهنجي وچ ۾ پيءُ پٽن کي کائيندا، ۽ پٽ پيئرن کي کائيندا؛ ۽ آءٌ تو ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس، ۽ تنهنجا باقي بچيل سڀ ماڻهو سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس.


۽ انهن مان هڪڙي منجهان هڪڙو ننڍو سڱ نڪتو، جو وڌندو وڃي تمام وڏو ٿيو، ۽ اُنهي جو رخ ڏکڻ ڏانهن، ۽ اُڀرندي ڏانهن، ۽ انهي شانائتي زمين ڏانهن هو.


منهنجو خدا انهن کي اُڇلائي ڇڏيندو، ڇالاءِ جو هنن سندس نہ ٻڌي؛ ۽ هو قومن منجهہ دربدر ٿيندا.


هنن جي اڳيان باهہ کائيندي ٿي وڃي، ۽ هنن جي پٺيان هڪڙو مچ پيو ٻري: زمين هنن جي اڳيان عدن جي باغ جهڙي آهي ۽ هنن جي پٺيان هڪڙو ويران بيابان آهي؛ هائو، ۽ ڪوبہ هنن کان ڀڄي نہ ڇُٽو آهي.


۽ آءٌ اوهان منجهہ جهنگ جا مرون موڪليندس، جي اوهان جا ٻار کڻي ويندا، ۽ اوهان جي چوپائي مال کي چٽ ڪري ڇڏيندا، ۽ اوهان جو شمار گهٽائي ٿورو ڪندا؛ ۽ اوهانجون واٽون سڃيون ٿي پونديون.


۽ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ دربدر ڪندس، ۽ اوهان جي پٺيان ترار ڪڍندس: ۽ اوهان جو ملڪ ويران، ۽ اوهان جا شهر غير آباد ٿي ويندا.


پر آءٌ ربہ جي ڀت تي باهہ ٻاريندس ۽ اُها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي؛ جنگ جي ڏينهن رڙين سان، ۽ حرارت جي ڏينهن طوفان سان،


خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو آهي ۽ طاقت ۾ وڏو آهي، ۽ ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڇڏي نہ ڏيندو. خداوند جي راهہ واچوڙي ۾ ۽ طوفان ۾ آهي، ۽ بادل هن جي پيرن جي مٽي آهن.


تو سندن ئي لٺ سان سندن بهادرن جو سر ڦوڙيو: هو مون کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واچوڙي وانگر آيا، ۽ هنن جي خواهش انهيءَ ۾ هئي تہ غريبن کي ڳجهيءَ طرح ڳهي وڃن.


مون قومن کي وڍي ڇڏيو آهي، ان جا ڪنگرا ويران پيا آهن؛ مون سندن گهٽيون اهڙيون سُڃيون ڪري ڇڏيون آهن جو اُتان ڪوبہ ڪونہ ٿو لنگهي؛ انهن جا شهر اهڙا ناس ٿي ويا آهن جو انهن ۾ ڪوبہ ماڻهو رهڻ وارو ڪونهي.


ٻڌو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُتر واريءَ زمين کان ڀڄي وڃو، ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اوهان کي آسمان جي چئن هوائن وانگر ڪشادو پکيڙي ڇڏيو آهي.


۽ لشڪرن جي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


۽ خداوند هنن جي مٿان ڏيکاري ڏيندو ۽ سندس تير بجليءَ وانگر نڪرندو: ۽ خداوند خدا قرناءِ وڄائيندو ۽ ڏکڻ جي واءُ وانگر ايندو.


تنهنجيءَ زمين جي پيداوار، ۽ تنهنجي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي جنهن کي تون نٿو سڃاڻين؛ تون سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندين:


خداوند پري کان يعني زمين جي ڇيڙي کان، هڪڙي قوم عقاب وانگر تنهنجي مٿان چاڙهي آڻيندو؛ تون انهيءَ جي ٻولي بہ ڪين سمجهندين؛


۽ خداوند اوهان کي زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، سڀني قومن ۾ دربدر ڪندو، اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانهي.


۽ خداوند اوهان کي قومن ۾ دربدر ڪندو، ۽ جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو شمار گهڻو گهٽجي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ