Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 7:13 - Sindhi Bible

13 ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ائين ٿيندو، جيئن مون پڪاريو ۽ هنن نہ ٻُڌو، تيئن هو پڪاريندا ۽ آءٌ نہ ٻُڌندس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن مون قادر‌مطلق خداوند کين چيو تہ ’جڏهن مون اوهان کي سڏيو تہ اوهان نہ ٻڌو، سو جڏهن اوهان مون کي سڏيندا تہ آءٌ بہ اوهان جو سڏ نہ ورنائيندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 7:13
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو غريب جي دانهن تي پنهنجا ڪن بند ڪندو، سو پاڻ بہ دانهون ڪندو پر ٻڌندس ڪوبہ ڪونہ.


جيڪو شريعت جي ٻڌڻ کان پنهنجو ڪن ڦيرائي ٿو، تنهنجي دعا بہ نفرت جهڙي آهي.


۽ جڏهن اوهين پنهنجا هٿ پکيڙيندا تڏهن آءٌ پنهنجون اکيون اوهان کان لڪائيندس: هائو، جڏهن اوهين گهڻيون دعائون گهرندا تڏهن آءٌ اُهي نہ ٻڌندس: اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


جڏهن آءٌ آيس تڏهن ڇو ڪو ماڻهو ڪونہ هو؟ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڇو ڪنهن بہ جواب نہ ڏنو؟ منهنجو هٿ اهڙو ننڍو ٿي ويو آهي ڇا جو ڇڏائي نٿو سگهي؟ يا مون کي ڇڏائڻ جي سگهہ ڪانهي ڇا؟ ڏسو، آءٌ پنهنجيءَ ڌمڪيءَ سان سمنڊ کي سڪايان ٿو، ۽ ندين کي بيابان ڪري ٿو ڇڏيان: انهن جي مڇي پاڻي نہ هئڻ جي ڪري ڪِني بانس ڪري ٿي، ۽ اُڃ جي ڪري مري ٿي.


هو پنهنجي ابن ڏاڏن جي گناهن ڏي ڦري ويا آهن، جن منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ڪيو؛ ۽ هو ٻين معبودن جي عبادت ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ويا آهن: اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي، منهنجو اهو عهد جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، ڀڳو آهي.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ انهن تي اهڙي خرابي آڻيندس جنهن کان هو ڀڄي ڇٽي نہ سگهندا؛ ۽ هو مون کي دانهون ڪري سڏيندا پر آءٌ هنن جي نہ ٻڌندس.


تنهن ڪري تون انهي قوم جي لاءِ متان دعا گهرين، نڪي انهن جي لاءِ روئي عرض احوال ڪر: ڇالاءِ جو جڏهن هو پنهنجي مصيبت جي وقت مون وٽ دانهون ڪندا تڏهن آءٌ هنن جي نہ ٻڌندس.


جڏهن هو روزو رکندا تڏهن آءٌ هنن جي دانهن نہ ٻڌندس؛ ۽ جڏهن هو سوختني قرباني چاڙهيندا ۽ نذرانا پيش ڪندا، تڏهن آءٌ اُهي قبول نہ ڪندس: پر آءٌ انهن کي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ وبا سان ماري کپائي ڇڏيندس.


يهوداہ ماتم ڪري ٿو ۽ انهن جون منڊيون ملول آهن، اهي ڪارن ڪپڙن ۾ زمين تي ويٺا آهن؛ ۽ يروشلم جي دانهن مٿي چڙهي وئي آهي.


۽ تون اهي سڀ ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ: پر هو تنهنجي نہ ٻڌندا: تون هنن کي سڏيندين بہ، پر هو توکي ڪوبہ جواب نہ ڏيندا.


تو پاڻ کي ڪڪر سان ڍڪي ڇڏيو آهي، تہ اسان جي دعا انهيءَ مان نہ لنگهي.


اي آدمزاد، هنن ماڻهن پنهنجن بُتن کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏني آهي، ۽ پنهنجي اڳيان پنهنجي بدڪاريءَ جو آٿڙائيندڙ پٿر رکيو اٿن: اهڙن ماڻهن کي مون کان ڪو سوال ڪرڻ لازم آهي ڇا؟


اي آدمزاد، اسرائيل جي بزرگن کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان پڇڻ آيا آهيو ڇا؟ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ منهنجي مرضي ناهي تہ اوهين مون کان ڪجهہ پڇو.


تنهنڪري آءٌ بہ هنن سان قهر جي هلت ڪندس: منهنجي اک گذر نہ ڪندي، ۽ نہ مون کي رحم ايندو: ۽ جيتوڻيڪ هو وڏيون رڙيون ڪري منهنجن ڪَنن ۾ پڪاريندا، تہ بہ آءٌ هنن جي ڪين ٻڌندس.


تڏهن هو خداوند کي سڏيندا پر هو جواب نہ ڏيندن: هائو، انهي وقت هو پنهنجو منهن انهن کان لڪائيندو، ڇالاءِ جو هنن خراب ڪم ڪيا آهن.


جڏهن هڪ دفعو گهر جو مالڪ اُٿيو ۽ در بند ڪيائين، ۽ اوهين ٻاهر بيهي در کڙڪائي چوڻ لڳندا تہ اي ڌڻي، اسان لاءِ در کول؛ ۽ هو جواب ڏيئي چوندو، تہ آئون اوهان کي نٿو سڃاڻان تہ ڪٿان جا آهيو.


اوهين گهُرو ٿا پر حاصل نٿا ڪريو، جو اوهين بريءَ نيت سان ٿا گهُرو، انهي لاءِ تہ پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ