Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 7:12 - Sindhi Bible

12 هائو، هنن پنهنجون دليون پٿر جهڙيون سخت ڪيون، تہ شريعت ۽ انهيءَ ڪلام کي نہ ٻُڌن، جو لشڪرن جي خداوند اڳي نبين تي پنهنجي روح جي معرفت نازل ڪيو هو: انهيءَ ڪري لشڪرن جي خداوند وٽان وڏو غضب نازل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 هنن پنهنجيون دليون پٿر جهڙيون سخت ڪري ڇڏيون ۽ شريعت ڏانهن ڪوبہ ڌيان نہ ڏنائون ۽ نہ وري انهيءَ فرمان کي مڃيائون، جيڪو مون قادر‌مطلق خداوند اڳين نبين جي معرفت پنهنجي روح وسيلي نازل ڪيو هو. انهيءَ ڪري مون وٽان مٿن سخت قهر اچي نازل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 7:12
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو نبوڪدنضر کان بہ باغي ٿيو، جنهن کيس خدا جو قسم کڻايو هو: پر هن خداوند اسرائيل جي خدا ڏانهن منهن ڪرڻ کان پنهنجي گردن سخت ڪئي، ۽ پنهنجي دل ڏاڍي ڪئي.


پر هنن خدا جي پيغمبرن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ سندس ڪلام ڏي نفرت ڏيکاريائون. ۽ سندس نبين تي کلون ڪيائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي پيدا ٿي، ۽ ٻيو ڪوبہ چارو ڪونہ هو.


هو دل ۾ ڏاهو آهي ۽ طاقت ۾ زوراور آهي: ڪنهن پاڻ کي هن جي سامهون سخت ڪيو آهي ۽ فتحياب ٿيو آهي.


ڇو جو توکي منهنجيءَ تعليم کان نفرت آهي، ۽ منهنجو ڪلام پنهنجي پٺيان اُڇلايو ڇڏين.


پر فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.


اي سخت دل وارو، اوهين جي راستبازي کان پري آهيو سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو:


ڇالاءِ جو مون کي خبر هئي تہ تون ضدي آهين، تنهنجي ڳچيءَ جون نسون لوهہ جون آهن، ۽ تنهنجي پيشاني پتل جي آهي.


هن قوم جي دل ڦوڦي ڪر، ۽ انهي جا ڪن گهٻرا ڪر، ۽ انهي جون اکيون بند ڪر، متان هو پنهنجن اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پنهنجي دل سان سمجهن ۽ باز اچن، ۽ ڇٽي چڱا ڀلا ٿين.


آءٌ اوهان کي ترار جي لاءِ مقرر ڪندس، ۽ اوهين قتل ٿيڻ لاءِ ڪنڌ جهڪائيندا: ڇالاءِ تہ جڏهن مون سڏيو تڏهن اوهان جواب ڪونہ ڏنو؛ جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان نہ ٻڌو؛ جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، ۽ جنهن سان آءٌ راضي نہ هوس، سو اوهان پسند ڪيو.


يهوداہ جو گناهہ لوهہ جي قلم سان، ۽ هيري جي نوڪ سان لکيو ويو آهي: اهو سندن دل جي تختيءَ تي ۽ سندن قربانگاهن جي سڱن تي اُڪريو ويو آهي؛


پر هنن نہ ٻڌو ۽ نہ ڪن ڏنائون؛ پر پنهنجي گردن سخت ڪيائون، تہ نہ ٻڌن ۽ نہ تعليم حاصل ڪن.


پوءِ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ ۽ يهوداہ جي ماڻهن ڪو هن کي قتل ڪيو ڇا؟ هن خداوند کان ڊڄي خداوند جي مهربانيءَ جي لاءِ منٿ آزي نہ ڪئي ڇا؟ جنهن ڪري جنهن خرابي جو هنن جي برخلاف خداوند حڪم جاري ڪيو هو، تنهن کان ڦريو؟ انهيءَ طرح اسين پنهنجن جانين سان وڏي خرابي ڪنداسين.


۽ اڄوڪي ڏينهن مون اُها خبر اوهان کي ڏني آهي: ۽ جنهن ڳالهہ جي لاءِ خداوند اوهان جي خدا مون کي اوهان ڏي موڪليو، انهي بابت اوهان ان جو حڪم نہ مڃيو آهي.


اي خداوند، تنهنجون اکيون سچ تي نہ ٿيون نهارين ڇا؟ تو انهن کي ڌڪ هنيو آهي، پر کين ڏک ڪونہ ٿيو: تو هنن کي ماري کپائي ڇڏيو آهي، پر هنن سيکت وٺڻ کان انڪار ڪيو: هنن پنهنجا منهن ٽڪر کان بہ سخت ڪيا آهن، هنن موٽي ڦرڻ کان انڪار ڪيو آهي.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو منهنجو غصو ۽ منهنجو غضب هن هنڌ تي آهي؛ ماڻهوءَ توڙي جانور، جهنگ جي وڻن توڙي زمين جي ڦر تي اُهو اوتيو ويندو، ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجهامندو ئي ڪين.


۽ آءٌ انهن کي هڪڙي دل ڏيندس ۽ اوهان منجهہ نئون روح وجهندس، ۽ اُها پٿر جهڙي دل هنن جي بدن مان ڪڍي وٺندس، ۽ گوشت واري دل ڏيندوسان:


انهي لاءِ تہ آءٌ اسرائيل جي گهراڻي کي خود سندن خيالن ۾ پڪڙيان، ڇالاءِ جو هو سڀ پنهنجي بُتن جي ڪري مون کان ڌار ٿي ويا آهن.


۽ اُهي بي حيا ۽ سنگدل اولاد آهن؛ تہ بہ آءٌ توکي انهن وٽ ٿو موڪليان: ۽ تون انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي.


آءٌ اوهان کي نئين دل بہ ڏيندس ۽ اوهان ۾ نئون روح وجهندس: ۽ اوهان جي بدن مان اها پٿر جهڙي دل ڪڍي وٺندس ۽ گوشت جي دل ڏيندس.


خداوند اوهانجن ابن ڏاڏن تي سخت ناراض ٿيو آهي.


جڏهن يروشلم اڃا آباد ۽ مالدار هو، ۽ سندس چوڌاري شهر ۽ ڏکڻ واري ۽ هيٺانهين زمين آباد هئي، تڏهن اوهان کي اهو ڪلام جو خداوند اڳي نبين جي معرفت ڪيو، سو نہ ٻڌڻ کپندو هو ڇا؟


ڇالاءِ جو هنن ماڻهن جي دل ڏاڍي ٿي پيئي آهي، ۽ سندن ڪَن گهٻرا آهن، ۽ هنن پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون آهن؛ تہ متان هو پنهنجين اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻُڌن، ۽ پنهنجيءَ دل سان سمجهن، ۽ ڦري پون، ۽ آئون کين شفا ڏيان.“


تہ ڏسندي ڏسن ۽ نہ پروڙين، ۽ ٻڌندي ٻڌن ۽ نہ سمجهن؛ تہ متان ڦري اچن ۽ معافي ملين.


جيڪي گس تي ڪِريا، سي اُهي آهن جن ٻُڌو آهي، پوءِ شيطان اچي اُنهي ڪلام کي سندن دل مان ڪڍيو وڃي، تہ متان ايمان آڻين ۽ نجات ملين.


ڇالاءِ جو هن اُمت جي دل ڪُند ٿي پيئي آهي، ۽ سندن ڪَن گهٻرا ٿي پيا آهن، ۽ پنهنجيون اکيون پوري ڇڏيون اٿن، انهي لاءِ تہ متان پنهنجين اکين سان پروڙي وٺن، ۽ پنهنجن ڪنن سان ٻُڌي وٺن، ۽ ڦري اچن، تہ آئون کين شفا ڏيان.“


ڇالاءِ جو ڪابہ پيشنگوئي ڪڏهن بہ ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي؛ پر ماڻهو پاڪ روح جي چورڻ تي خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ