Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 7:11 - Sindhi Bible

11 پر هنن ٻُڌڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجو ڪلهو ڪڍيو، ۽ پنهنجا ڪَن بند ڪيا تہ نہ ٻُڌن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اهو ئي پيغام هو جيڪو اوهان جي ابن ڏاڏن ٻڌڻ کان انڪار ڪيو. هنن هٺ ڪري مون کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ پنهنجن ڪنن ۾ ڪپهہ وجھي ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 7:11
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا منسيءَ ۽ سندس قوم سان ڳالهايو: پر هنن انهيءَ جي پرواهہ ڪانہ ڪئي.


۽ انهن جي مڃڻ کان انڪار ڪيائون، ۽ جيڪي عجيب ڪم تو هنن ۾ ڪيا سي هنن ياد نہ ڪيا؛ پر پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ باغي ٿي هڪڙو سردار مقرر ڪيائون، تہ موٽي پنهنجي ٻانهپ ۾ وڃي پون: پر تون اهڙو خدا آهين جو بخشڻ لاءِ تيار، ۽ مهربان، ۽ رحم ڀريو، ۽ ڪاوڙ ۾ ڍرو، ۽ گهڻي رحم وارو آهين، ۽ تو هنن کي ڦٽو ڪري ڇڏي نہ ڏنو.


انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا ۽ تنهنجي برخلاف بغاوت ڪيائون، ۽ تنهنجي شريعت پنهنجي پٺ جي پٺيان اُڇلائي ڇڏيائون، ۽ جن تنهنجن نبين اُنهن کي تو ڏانهن موٽي اچڻ لاءِ نصيحت ڪئي، تن کي ڪُٺائون، ۽ وڏي ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙا ڪم ڪيائون.


۽ کين خبردار ڪيو، تہ تون کين پنهنجي شريعت ڏانهن موٽائي آڻين: انهيءَ هوندي بہ هو مغروريءَ سان هليا، ۽ تنهنجا حڪم نہ مڃيائون پر تنهنجن فيصلن جي برخلاف گناهہ ڪيائون، (جن تي جيڪڏهن انسان تعميل ڪري تہ اُنهن جي ڪري جيئندو رهي)، ۽ هنن پنهنجو ڪلهو ڪڍيو، ۽ پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ ٻڌڻ نہ گهريائون.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


جنهن کي هن چيو تہ هيءَ آرام جي جاءِ آهي، جيڪي ٿڪل آهن، تن کي اوهين آرام ڏيو؛ هيءَ فرحت جي جاءِ آهي: تڏهن بہ هنن نہ ٻڌو.


اي سخت دل وارو، اوهين جي راستبازي کان پري آهيو سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو:


هن قوم جي دل ڦوڦي ڪر، ۽ انهي جا ڪن گهٻرا ڪر، ۽ انهي جون اکيون بند ڪر، متان هو پنهنجن اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پنهنجي دل سان سمجهن ۽ باز اچن، ۽ ڇٽي چڱا ڀلا ٿين.


آءٌ اوهان کي ترار جي لاءِ مقرر ڪندس، ۽ اوهين قتل ٿيڻ لاءِ ڪنڌ جهڪائيندا: ڇالاءِ تہ جڏهن مون سڏيو تڏهن اوهان جواب ڪونہ ڏنو؛ جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان نہ ٻڌو؛ جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، ۽ جنهن سان آءٌ راضي نہ هوس، سو اوهان پسند ڪيو.


هو پنهنجي ابن ڏاڏن جي گناهن ڏي ڦري ويا آهن، جن منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ڪيو؛ ۽ هو ٻين معبودن جي عبادت ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ويا آهن: اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي، منهنجو اهو عهد جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، ڀڳو آهي.


اها خراب قوم، جا منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ٿي ڪري، ۽ جا پنهنجي دل جي نٺرائي سان هلي ٿي، ۽ ٻين معبودن جي بندگي ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ٿي وڃي، ۽ اُنهن کي سجدو ٿي ڪري، سا بہ انهي ڪمربند جهڙي ٿيندي، جو ڪنهن بہ ڪم جو ناهي.


پر هنن نہ ٻڌو ۽ نہ ڪن ڏنائون؛ پر پنهنجي گردن سخت ڪيائون، تہ نہ ٻڌن ۽ نہ تعليم حاصل ڪن.


پر جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ سبت جو ڏينهن پاڪ نہ رکندا، ۽ بار کڻي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان اندر لنگهي ايندا؛ تہ پوءِ آءٌ ان جي دروازن ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس، جا يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي، ۽ اُجهامندي ئي ڪين.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هن شهر تي ۽ ان جي ٻين سڀني شهرن تي اُها آفت نازل ڪندس، جنهن جي اچڻ جي، مون اڳيئي خبر ڏني هئي؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي گردن سخت ڪئي آهي، تہ منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌن.


مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.


۽ آءٌ هن کي، ۽ سندس اولاد کي، ۽ سندس نوڪرن کي، سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، ۽ يهوداہ جي ماڻهن تي اُها سڀ خرابي آڻيندس جا مون سندن برخلاف ظاهر ڪري ٻڌائي، ۽ هنن نہ ٻڌي.


۽ اڄوڪي ڏينهن مون اُها خبر اوهان کي ڏني آهي: ۽ جنهن ڳالهہ جي لاءِ خداوند اوهان جي خدا مون کي اوهان ڏي موڪليو، انهي بابت اوهان ان جو حڪم نہ مڃيو آهي.


جيڪو ڪلام تو اسان کي خداوند جي نالي سان ٻڌايو آهي، سو تنهنجي واتان نہ ٻڌنداسين.


اي بي عقل ۽ بي سمجهہ قوم، جنهن کي اکيون آهن ۽ ڏسي نٿي، ۽ جنهن کي ڪن آهن پر ٻڌي نٿي، هاڻي هيءُ ٻڌو:


اي خداوند، تنهنجون اکيون سچ تي نہ ٿيون نهارين ڇا؟ تو انهن کي ڌڪ هنيو آهي، پر کين ڏک ڪونہ ٿيو: تو هنن کي ماري کپائي ڇڏيو آهي، پر هنن سيکت وٺڻ کان انڪار ڪيو: هنن پنهنجا منهن ٽڪر کان بہ سخت ڪيا آهن، هنن موٽي ڦرڻ کان انڪار ڪيو آهي.


پر هنن نہ ٻڌو ۽ نہ ڪن ڏنو، پر پنهنجي مرضيءَ تي، ۽ پنهنجي خراب دل جي نٺرائي تي هليا، ۽ پٺ تي ويا ۽ اڳتي نہ وڌيا.


انهي هوندي بہ هنن منهنجي نہ ٻڌي ۽ نہ ڪن ڏنائون، پر هنن پنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ بڇڙي هلت ڪئي.


تڏهن ڇو هي يروشلم جا ماڻهو هميشہ جي برائيءَ لاءِ پٺ تي هٽي ويا آهن؟ هو ٺڳيءَ سان چهٽيل آهن، ۽ موٽڻ کان انڪار ٿا ڪن.


انهي لاءِ تہ آءٌ اسرائيل جي گهراڻي کي خود سندن خيالن ۾ پڪڙيان، ڇالاءِ جو هو سڀ پنهنجي بُتن جي ڪري مون کان ڌار ٿي ويا آهن.


پر اسرائيل جو گهراڻو تنهنجي نہ ٻڌندو؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي ٻڌڻ نٿا گهرن: ڇا اسرائيل جي گهراڻي وارا سڀ سخت پيشاني ۽ سنگدل آهن.


۽ انهي منهنجي حڪمن جي برخلاف بغاوت ڪئي آهي، جو ٻين قومن کان وڌيڪ شرارت ڪئي اٿس، ۽ منهنجن قانونن جي، پنهنجي آس پاس وارن ملڪن کان وڌيڪ انحرافي ڪئي اٿس: ڇالاءِ جو هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ هو منهنجن قانونن تي ڪين هليا آهن.


اسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ اونڌي هلت هليا آهيون، ۽ شرارت جا ڪم ڪيا اٿئون، ۽ باغي ٿيا آهيون، يعني تنهنجن حڪمن ۽ تنهنجين عدالتن کان منهن موڙيو اٿئون:


ڇالاءِ جو اسرائيل پٺتي هٽندڙ گابيءَ وانگر پٺتي ٿو هٽي: هاڻي خداوند انهن کي هڪڙي ڪشادي هنڌ رڍن وانگر چاريندو.


هن حڪم نہ مڃيو؛ هن سيکت نہ ورتي؛ هن خداوند تي ڀروسو نہ رکيو؛ هو پنهنجي خدا جي ويجهو نہ ويو.


اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن وٽ اڳين نبين پڪاري ٿي چيو، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ اوهين پنهنجين بڇڙين راهن کان باز اچو، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ هنن نڪي ٻڌو، نہ مون ڏي ڪَن ڏنائون.


ڇالاءِ جو هنن ماڻهن جي دل ڏاڍي ٿي پيئي آهي، ۽ سندن ڪَن گهٻرا آهن، ۽ هنن پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون آهن؛ تہ متان هو پنهنجين اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻُڌن، ۽ پنهنجيءَ دل سان سمجهن، ۽ ڦري پون، ۽ آئون کين شفا ڏيان.“


اوهين جي ضدي، ۽ دل ۽ ڪَنن جا نامختون آهيو، سي هميشہ پاڪ روح جو مقابلو ٿا ڪريو، جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اوهين بہ ٿا ڪريو.


پر هنن وٺي زور سان واڪا ڪيا ۽ پنهنجا ڪَن کڻي بند ڪيائون، ۽ ايڪو ڪري مٿس ڪاهي آيا؛


خبردار متان اُنهي کان انڪار ڪريو جو ڳالهائي ٿو. ڇالاءِ جو جڏهن اُهي ماڻهو جن زمين تي هدايت ڪرڻ وارن کان انڪار ڪيو، سي بچي نہ سگهيا، تڏهن اسين آسمان مان هدايت ڪرڻ واري کان منهن موڙي ڪيئن بچي سگهنداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ