3 ۽ ٽينءَ گاڏيءَ جا گهوڙا سفيد هئا؛ ۽ چوٿين گاڏيءَ جا گهوڙا چٽڪمرا هئا.
3 ٽين گاڏيءَ جا گھوڙا اڇي رنگ جا هئا ۽ چوٿين گاڏيءَ جا گھوڙا ابلق هئا. اهي سڀ طاقتور هئا.
۽ هيئن ٿيو تہ جنهن وقت مال ٿي ڍُڪيو، تنهن وقت مون پنهنجيون اکيون مٿي کنيون ۽ خواب ۾ ڏٺم تہ جيڪي نر مال تي پيا ٿي، سي پٽاپٽي، ابلق ۽ چٽڪمرا هئا.
ان جون ٽنگون لوهہ جون، ۽ ان جا پير ڪجهہ لوهہ جا ۽ ڪجهہ مٽيءَ جا هئا.
۽ مون رات جو ڏٺو تہ هڪڙو ماڻهو ڳاڙهي گهوڙي تي چڙهيل آهي ۽ مينديءَ جي وڻن جي وچ ۾ بيٺو آهي، جي هيٺانهين زمين ۾ هئا، ۽ هن جي پٺيان ڳاڙها، ڪميت ۽ سفيد گهوڙا بيٺا هئا.
۽ مون ڏٺو تہ آسمان کليل هو، ۽ ڏسو، هڪڙو اڇو گهوڙو نڪتو، جنهن تي هڪڙو سوار هو جنهن جو نالو آهي ايماندار ۽ سچار؛ ۽ اهو راستبازيءَ سان انصاف ۽ جنگ ٿو ڪري.
۽ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ڏٺو، ۽ انهي کي بہ، جو مٿس ويٺو هو، جنهن جي منهن تان زمين ۽ آسمان ٽري ويا؛ ۽ کين ڪابہ جاءِ ڪانہ ملي.
۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هڪڙو اڇو گهوڙو آهي، ۽ جيڪو انهي تي سوار هو تنهن وٽ هڪڙي ڪمان هئي؛ ۽ انهي کي هڪڙو تاج ڏنو ويو: ۽ هو فتح ڪندو، ۽ وڌيڪ فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو.
۽ مون نهاريو تہ هڪڙو ڦڪي رنگ جو گهوڙو ڏٺم؛ ۽ جيڪو مٿس سوار هو تنهن جو نالو موت هو؛ ۽ مُئلن جو عالم سندس پٺيان هو؛ ۽ انهن کي زمين جي چوٿين حصي تي اهو اختيار ڏنو ويو تہ ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مريءَ سان، ۽ زمين جي جهنگلي جانورن سان ماڻهو مارين.