2 پهرين گاڏيءَ جا گهوڙا ڳاڙها هئا؛ ۽ ٻيءَ گاڏيءَ جا گهوڙا مشڪي هئا؛
2 پهرين گاڏيءَ جا گھوڙا ڳاڙهي رنگ جا هئا ۽ ٻيءَ جا گھوڙا ڪاري رنگ جا هئا.
۽ مون رات جو ڏٺو تہ هڪڙو ماڻهو ڳاڙهي گهوڙي تي چڙهيل آهي ۽ مينديءَ جي وڻن جي وچ ۾ بيٺو آهي، جي هيٺانهين زمين ۾ هئا، ۽ هن جي پٺيان ڳاڙها، ڪميت ۽ سفيد گهوڙا بيٺا هئا.
جنهن گاڏيءَ ۾ مشڪي گهوڙا آهن، اُهي اُتر واري ملڪ ڏانهن وڃن ٿا؛ ۽ سفيد گهوڙا انهيءَ جي پٺيان ويا؛ ۽ چٽڪمرا گهوڙا ڏکڻ جي ملڪ ڏانهن ويا؛
۽ ٻيو بہ هڪڙو نشان آسمان ۾ ڏٺو ويو؛ ۽ ڏسو، هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا، ۽ سندس مٿن تي ست تاج هئا.
۽ هو مون کي روح ۾ بيابان ڏانهن وٺي هليو، ۽ مون هڪڙي زال، قرمزي رنگ واري جانور تي ويٺل ڏٺي، جو ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو هو، ۽ جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا.