Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 6:15 - Sindhi Bible

15 ۽ اُهي جي پري آهن، سي اچي خداوند جي هيڪل کي ٺاهيندا، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي اوهان وٽ موڪليو آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين دل سان خداوند، پنهنجي خدا جا فرمانبردار ٿيندا، تہ اُهي ڳالهيون پوريون ٿينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 اي يهوداہ وارؤ! ڏسو، پري پري رهڻ وارا بہ اچي خداوند جي هيڪل ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي. جيڪڏهن اوهين دل سان خداوند پنهنجي خدا جا فرمانبردار رهندا تہ پوءِ اهي ڳالهيون پوريون ٿينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 6:15
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين سچن بابت چئو تہ هنن سان ڀلائي ٿيندي؛ ڇالاءِ جو کين پنهنجو بدلو ملندو.


ڏس، اُهي پري کان ايندا: ڏس، اهي اُتر کان، ۽ اُلهندي کان، ۽ سينيم جي ملڪ کان ايندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ چپن جو ڦل پيدا ڪندس: سلامتي، سلامتي انهي تي جو پري آهي، ۽ جو ويجهو آهي؛ آءٌ هن کي شفا ڏيندس.


۽ ڌاريا ماڻهو تنهنجون ڀتيون اڏيندا، ۽ انهن جا بادشاهہ تنهنجي خدمت ڪندا: ڇالاءِ جو مون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ توکي ڌڪ هنيو، ۽ وري پنهنجيءَ مهربانيءَ ڪري توتي رحم ڪيو اٿم.


پر هن ڳالهہ بابت مون هنن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ منهنجو آواز ٻڌو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس ۽ اوهين منهنجي قوم ٿيندا: جنهن رستي جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان انهي تي هلو، تہ اوهان جو ڀلو ٿئي.


اي سڀ ساهہ وارا، خداوند جي اڳيان ماٺ ۾ رهو. ڇالاءِ جو هو پنهنجي پاڪ مڪان مان اُٿيو آهي.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون منهنجي راهہ ۾ هلندين ۽ منهنجي حڪم جي تعميل ڪندين، تہ تون بہ منهنجي گهر تي حڪم هلائيندين، ۽ منهنجي ايوان جي سنڀال ڪندين، ۽ آءٌ توکي هي جيڪي بيٺا آهن، تن ۾ بيهڻ جي جاءِ ڏيندس.


۽ هن کي چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهو شخص، جنهن جو نالو شاخ آهي، پنهنجيءَ جاءِ ۾ وڌندو ۽ هو خداوند جو هيڪل ٺاهيندو:


ڇو جو اهو واعدو اوهان جي لاءِ ۽ اوهان جي ٻارن جي لاءِ، ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جي پري آهن، جن کي خداوند اسان جو خدا پاڻ ڏانهن سڏيندو.


تنهن راز جي ظاهر ٿيڻ موجب خدا منهنجي خوشخبري، يعني يسوع مسيح جي بابت جيڪا منادي ٿي آهي، تنهن ۾ اوهان کي مضبوط ڪري؛


بشرطيڪ تون خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندين، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون، شريعت جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندين؛ ۽ پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان خداوند پنهنجي خدا ڏانهن ڦرندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ