Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 5:9 - Sindhi Bible

9 تڏهن مون پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو، ۽ ڏسان تہ ٻہ زالون نڪري آيون، جن جي پيرن ۾ هوا هئي؛ هاڻي هنن جا پر لقلق پکيءَ جي پرن جهڙا هئا: ۽ اُهي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ايفہ کي کڻي ويون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 وري جو نهاريان تہ ڇا ڏسان تہ ٻہ عورتون آهن، جن کي لقلق پکيءَ جهڙا پر آهن. اهي هوا ۾ اڏامنديون اچي رهيون هيون. پوءِ مون ڏٺو تہ اهي انهيءَ گُندڙي کي کڻي هوا ۾ اڏامي هليون ويون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 5:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جن ۾ پکي پنهنجا آکيرا ٿا جوڙين: ۽ صنوبر جي وڻن ۾ لقلق پنهنجو گهر جوڙيو آهي.


هائو، لقلق پکي پنهنجو مقرر ڪيل وقت ڄاڻي ٿو؛ ۽ قمري ۽ ابابيل ۽ ڪنگ پنهنجي وقت تي اچن ٿا؛ پر منهنجي قوم خداوند جي عدالت نٿي ڄاڻي.


قرناءِ پنهنجي وات تي رک. هو عقاب وانگر خداوند جي گهر تي ڪاهي ٿو اچي: ڇالاءِ جو هنن منهنجي عهد اقرار جي برخلاف، ۽ منهنجي شريعت جي برخلاف هلت ڪئي آهي.


۽ پکين مان هي اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن؛ اهي کائڻ ۾ نہ اچن: يعني عقاب، باز ۽ ڪُريل؛


لقلق ۽ ٻگهن جا سڀ قسم، چنڊول ۽ چمڙو: اهي مڪروهہ آهن.


تڏهن مون انهيءَ فرشتي جنهن مون سان پئي ڳالهايو تنهن کي چيو، تہ اهو ايفہ هو ڪاڏي کڻي ٿيون وڃن؟


جتي ڍونڍ هوندو، ڳِجهون بہ اُتي ئي گڏ ٿينديون.


خداوند پري کان يعني زمين جي ڇيڙي کان، هڪڙي قوم عقاب وانگر تنهنجي مٿان چاڙهي آڻيندو؛ تون انهيءَ جي ٻولي بہ ڪين سمجهندين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ