Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 5:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هن چيو تہ اها شرارت آهي؛ ۽ هن انهيءَ کي ايفہ ۾ هيٺ دٻائي، شيهي جو ڍڪ انهيءَ جي منهن تي رکي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ملائڪ چيو تہ ”اها ئي بڇڙائي آهي.“ پوءِ هن انهيءَ عورت کي گُندڙي ۾ هيٺ ڌڪي شيهي جو ڍڪ مٿان ڏيئي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 5:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو چوٿينءَ پيڙهيءَ ۾ موٽي هتي ايندا: ڇالاءِ جو امورين جي گناهن جو گهڙو اڃا ڀريو نہ آهي.


ڇو تہ منهنجون برايون مون تي چڙهي ويون آهن؛ ۽ اُهي ڳوري بار وانگر آهن جو آءٌ کڻي نٿو سگهان.


شرير کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي رسن سان ٻڌو ويندو.


منهنجن گناهن جي پاڃاري هن جي هٿ جي ٻڌل آهي؛ اُهي پاڻ ۾ ڳنڍيا ويا آهن، اُهي منهنجي گردن تي چڙهي آيا آهن؛ هن منهنجو زور گهٽائي ڇڏيو آهي: خداوند مون کي انهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، جن جي سامهون آءٌ بيهي نٿي سگهان.


هو هڪڙو سوداگر آهي، ۽ ٺڳيءَ جي ساهمي سندس هٿ ۾ آهي: هن کي ظلم ڪرڻ پسند آهي.


۽ اوهين جي ايفہ کي ننڍو ٿا ڪريو، ۽ شيڪل کي وڏو، ۽ ڪوڙين ساهمين سان ٺڳي ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪڏهن نئون چنڊ ٽرندو، تہ اسين اَن وڪڻون، ۽ سبت ويندو تہ اسين ڪڻڪ ڪڍي ٻاهر رکون؟


کوٽي ساهمي ۽ کوٽن تورن جي ڳوٿريءَ سان آءٌ ڪو پاڪ ٿي سگهندس ڇا؟


(۽ ڏس، شيهي جو هڪڙو گول ڍڪ مٿي کنيو ويو:) ۽ هڪڙي زال ايفہ ۾ ويٺل نظر آئي.


سو اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جو ماڻ ڀري ٽمٽار ڪريو.


۽ اسان کي منع ٿا ڪن تہ غير قومن کي سندن نجات جي لاءِ ڪلام نہ ٻُڌايون؛ تہ ڀلي تہ هنن جي گناهن جا گهڙا هميشہ ڀرپور ٿيندا وڃن: پر انهن تي نهايت گهڻو غضب اچي ڪڙڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ