Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 4:7 - Sindhi Bible

7 اي وڏا جبل، تون ڇا آهين، زروبابل جي اڳيان تون ميدان ٿي ويندين: ۽ جڏهن هو چوٽيءَ جو پٿر ڪڍي ايندو تڏهن ماڻهو پڪاري چوندا تہ هن تي فضل ٿئي، فضل ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جبل جيڏيون رڪاوٽون بہ تنهنجي اڳيان پٽ پڌر ٿي وينديون. تون هيڪل ٺهرائيندين ۽ جڏهن تون هيڪل جي چوٽيءَ تي آخري پٿر آڻي رکندين، تڏهن ماڻهو نعرا هڻي چوندا تہ ’خدا جو شڪر آهي! خدا جو شڪر آهي!‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 4:7
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن رازن خداوند جي هيڪل جو بنياد وڌو، تڏهن هنن ڪاهنن کي سندن پوشاڪ ۾ قرنائن سان، ۽ آسف جي پٽن لاوين کي جهانجهن سان بيهاريو، تہ اسرائيل جي بادشاهہ دائود جي حڪم موجب، خداوند جي تعريف ڪن.


جبل گهٽن وانگر ٽپڻ لڳا، ۽ ٽڪريون ننڍين رڍن وانگر ٽپڻ لڳيون.


اي جبل اوهان کي ڇا ٿيو جو اوهين گهٽن وانگي ٽپيا؛ ۽ اي ٽڪريون اوهان کي ڇا ٿيو جو اوهين ننڍين رڍن وانگر ٽپا ڏيڻ لڳيون؟


جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو سو ئي ڪنڊ جو پٿر يعني مکيہ ڪيو ويو.


ڇو جو خداوند خدا سج ۽ ڍال آهي: خداوند فضل ۽ جلال ٿو بخشي: جيڪي سچائيءَ تي ٿا هلن تن کان هو ڪابہ چڱي شيءِ روڪي ڪين رکندو.


تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ صيون ۾ بنياد جي لاءِ هڪڙو پٿر ٿو رکان، اهو آزمايل پٿر، ۽ پڪي بنياد جو قيمتي پٿر آهي: جيڪو ايمان آڻيندو، سو تڪڙ نہ ڪندو.


ڏس، آءٌ توکي هڪڙو نئون تکو ڳاهڻ جو ڏاندارو ڪندس ۽ تون جبلن کي ڳاهيندين، ۽ انهن کي ڪُٽي چور چور ڪندين، ۽ ٽڪرين کي تُهن جهڙو ڪندين.


اُٿي خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، وري بہ ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ انهن جو آواز، جي چون ٿا تہ لشڪرن جي خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇالاءِ جو خداوند چڱو آهي، جو هن جو رحم هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي: ۽ انهن جو آواز جي شڪرگذاريءَ جون قربانيون خداوند جي گهر ۾ ٿا آڻين. ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي ملڪ جي قيدين کي اڳي وانگي موٽائي آڻيندس.


خداوند ٿو فرمائي تہ اي ناس ڪندڙ جبل، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، جو تون سڄي زمين کي ناس ٿو ڪرين: ۽ آءٌ پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريندس ۽ ٽڪرن مان توکي ليٽائيندس ۽ توکي هڪڙو سڙيل جبل ڪندس.


۽ جبل سندس هيٺان ڳري ويندا، ۽ واديون ڦاٽي پونديون، جيئن ميڻ باهہ جي اڳيان، يا جيئن پاڻي اُڀ ڪپريءَ تان هيٺ وهي.


پر پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو، تہ خداوند جي گهر وارو جبل سڀني جبلن جو سردار ٿيندو ۽ قائم رهندو، ۽ قومون انهي ۾ لڏي اينديون.


هو اُٿيو ۽ زمين ماپيائين، ۽ هن نهاريو ۽ قومن کي هڪالي جدا ڪيائين: مدامي جبل پکڙي ويا، ۽ هميشہ جٽاءُ ڪندڙ ٽڪر جهڪي ويا؛ هن جون راهون مدامي آهن.


۽ خداوند جو ڪلام وري مون تي نازل ٿيو، تہ


زروبابل جي هٿن هن گهر جو بنياد وڌو آهي، ۽ اُنهيءَ جا هٿ ئي هن کي پورو ڪندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي اوهان وٽ موڪليو آهي.


۽ يسوع ورندي ڏيئي چين، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جي اوهين ايمان آڻيندا ۽ شڪ نہ ڪندا، تہ نہ رڳو جيئن هن انجير جي وڻ سان ڪيو ويو تيئن ڪري سگهندا، پر جي کڻي هن جبل کي چوندا تہ هتان کڄي وڃي سمنڊ ۾ پئُہ، تہ ائين بہ ٿي پوندو.


۽ يسوع چين تہ اوهان ڪڏهن پاڪ ڪتاب ۾ نہ پڙهيو آهي ڇا تہ ”جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو، هي خداوند جي طرفان ٿيو، ۽ اسان جي نظر ۾ بہ عجب جهڙي ڳالهہ آهي.“


اوهان هيءَ پاڪ لکيت بہ نہ پڙهي آهي ڇا، تہ ”جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو:


پر هنن ڏانهن نهاري چيائين تہ هي جيڪي لکيل آهي، سو تڏهن ڇا آهي، تہ ”جنهن پهڻ کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو“؟


هرڪا ماٿري ڀرجي پوندي، ۽ هرڪو جبل ۽ ٽڪري هيٺ ڪئي ويندي، ۽ ڏنگا رستا سنوان ٿيندا، ۽ کڏن کوٻن واريون سڙڪون لسيون ٿي پونديون،


هيءُ اهو پهڻ آهي، جنهن کي اوهان اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ٿيو.


پر جيڪڏهن اهو فضل جي ڪري آهي تہ اهو عملن جي ڪري نہ ٿيو، نہ تہ فضل، فضل نہ رهيو.


۽ رسولن ۽ نبين جي بنياد تي اڏيل آهيو، جنهن جي ڪنڊ جو خاص پٿر خود مسيح يسوع آهي؛


تنهنڪري اوهين جن ايمان آندو آهي، تن لاءِ اهو قيمتي آهي؛ پر جيڪي ايمان نٿا آڻين تن جي لاءِ ”جيڪو پهڻ اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ساڳيو ئي ڪنڊ جي سري جو پهڻ ٿي پيو.“


۽ سڀ ٻيٽ گم ٿي ويا، ۽ جبلن جو پتو ئي ڪونہ رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ